گذريل ڪجهه سالن کان سٺي ساک رکندڙ ادارن پاران به شايع ٿيندڙ ڪتابن ۾ ڪيتريون ئي پروف جون غلطيون عام نظر اچن ٿيون، ايتري قدر جو سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران ڇپيل ڪتاب به انهن غلطين کان پاڪ ناهن. خاص طور تي نشانين (Punctuation) جو استعمال ته ليکڪ توڙي پبلشر پاران ڄڻ ته تحرير جو ضروري حصو ئي نٿو سمجھيو وڃي!
” سنڌ سلامت” جھڙي ادبي اداري جو نالو، مون لاءِ هميشه ڀروسي جوڳو رهيو آهي. ڇو ته اتي ذميوار، محنتي ۽ سنجيده ماڻهو ڪم ڪن ٿا. تنهنڪري مون کي يقين هوندو هو ته هتي معيار تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪيو ويندو هوندو، پر جڏهن مون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪتاب “ٽي تحفا” (گهر کان ٻاھر هئڻ سبب) ليپ ٽاپ ۾ “سنڌ سلامت” آن لائين ڪتاب گهر تان ڊائون لوڊ ڪري پڙهيو ته مون کي غلطيون محسوس ٿيون. گهر اچي، جڏهن گهر ۾ رکيل اصل ڇاپي کي پڙهي ڀيٽ ڪئي ته ساڍين ڇهن سٽن جي هڪڙي پئراگراف ۾ ئي نشانين Punctuation) ، ۔ ؟ ! ؛ : ” “) جون ست (7) غلطيون موجود هيون، جن جا مثال مون ٻنهي نسخن جي تصويرن ذريعي پيش ڪيا آهن. هيءَ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال آهي!
مون کي نه ڪنهن اداري يا ڪنهن شخص سان ڪا ذاتي رنجش آهي ۽ نه ئي ڪا ذاتي شڪايت. منهنجو مقصد رڳو اهو آهي ته پروف ريڊنگ جي هن انتهائي اهم ۽ بنيادي مسئلي تي فوري طور ڌيان ڏنو وڃي. جيڪڏهن اسان پروف ريڊنگ، گرامر ۽ نشانين کي نظرانداز ڪنداسين ته اها غلطين جي ورڇ ايندڙ نسلن تائين جاري رهندي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏي نقصان جو سبب بڻبي. تنهنڪري منهنجي سمورن ادارن جي سرواڻن کي نماڻي گذارش آهي ته اوهان هن اهم مسئلي، يعني پروف ريڊنگ تي ڌيان ڏيو ته جيئن ڪتابن جو معيار بهتر ٿي سگهي.