”مان به ڀوتن، شيطانن ۽ راڪاسن جون تصويرون ٺاھڻ وارو آهيان.“ خبر ناھي ته ڇو، پر جيئن ئي مان تَڪيچي کي اها ڳالهه چئي ته ان وقت منهنجو آواز آھستي ته ھو، پر آرام سان ٻڌي سگهجيو پئي.
پرائمري اسڪول وارن ڏينهن کان ئي مون کي تصويرن ٺاهڻ ۽ ڏسڻ ۾ مزو ايندو هو، پر منهنجون تصويرون منهنجي مزاحيه ڪهاڻين وانگر منهنجي اسڪول جي دوستن ۾ مقبوليت ماڻي نه سگهيون. مان ماڻهن جي راءِ تي تمام گهٽ اعتماد ڪندو آهيان ۽ مون کي ائين لڳندو آھي ته منهنجون ڪهاڻيون ٻڌندڙن لاءِ ھڪ مسخري جي طرفان آجيان جي علامت کانسواءِ ڪجهہ به نه آهن. منهنجي ڪهاڻين، منهنجي سڀني استادن کي متاثر ڪيو ھو، پر منهنجي لاءِ اهي ڪا خاص اھميت نه رکنديون ھيون. صرف پنهنجين تصويرون کي پنهنجي موضوع جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ (منهنجا ڪارٽون وري ڪا ٻي شيءِ هئا) پنهنجي ڀرپور ڪوششن کي ھڪ ٻاراڻي انداز ۾ پيش ڪيو ھو. اسان اسڪول ۾ جيڪي ڊرائنگ لاءِ ڪاپي استعمال ڪندا هئاسين، اھا اڻوندڙ ۽ بيڪار هوندي ھئي. استادن جون ٺهيل تصويرون پڻ بلڪل بيڪار ھيون ۽ مان بنا ڪنهن جي رھنمائيءَ جي پاڻ ئي تجربا ڪيا ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه کي ظاھر ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪندو ھئس. هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان ئي مون وٽ آئل پينٽ ۽ برش جو هڪ سيٽ ھوندو ھو. مان انهن تي ئي پنهنجي ھنر جا نمونا خلقڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجون تصويرون ڪاغذ تي ساديون شڪليون ھيون ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ ته انهن ۾ ڪڏهن به سڌارو نه ايندو، پر تَڪيچي ءَ جي ڳالهه مون کي اھا ڄاڻ ڏني ته منهنجو مصوري ڏانهن لاڙو بلڪل غلط هو. اھا جهالت ھوندي آھي، جو جيڪي شيون پاڻ کي خوبصورت لڳن بس انهن کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ماهر فنڪارن ته پنهنجي ذاتي سمجهه جي بنياد تي اجاين ۽ بيڪار شين مان به خوبصورتي پيدا ڪري ورتي آھي. ھو پنهنجي دلچسپيءَ کي انهن شين ۾ به نه لڪائي سگهيا، جيڪي بيحد بدصورت هيون ۽ اِنهن تصويرن کي سهڻو ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اُنهن پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اهي گهٽ ۾ گهٽ ٻين جي غلط فھمين تي ڀروسو نه ڪندا هئا. ھاڻي جڏھن مون کي تَڪيچيءَ مصوريءَ جي فن جي بنيادي رازن کان آگاھہ ڪيو ھو، مان ڪجهه خيالي تصويرون پينٽ ڪرڻ شروع ڪيون، پر ان ڳالهه جو پورو خيال رکيو ته انهن کي مون وٽ گهمڻ اچڻ واريون ڇوڪريون نه ڏسي سگهن.
مان جيڪي تصويرون ٺاھيون هيون، اهي تمام گهڻيون ڏکوئيندڙ هيون، ايتري قدر جو مون کي اداس ڪري ڇڏينديون ھيون. اھو ئي منهنجو اصل اندر ھو، جنهن کي مان وڏي شدت سان لڪائي ڇڏيو هو. مان خوشيءَ مان مسڪرائيندو هئس. مان ٻين کي پڻ کلائيندو هئس، پر ھيءَ ته تڪليف ڏيندڙ حقيقت هئي، مان ڳجهيءَ طرح ان اندر جي ڳالهه کي قبولي ورتو ھو ته ان کان بچڻ جو ڪوبه رستو ناھي، پر فطرتي طور تي مان پنهنجون تصويرون تَڪيچي ءَ کانسواءِ ڪنهن کي به نه ڏيکاريون ھيون. جيڪڏهن هڪ ڀيرو به منهنجي مسخريءَ پويان لڪل خوفناڪ حقيقت جو ڪنهن کي پتو پئجي ويو ته مان انهن جي شڪي نظرن ۾ اچي پئي سگهيس ۽ مون کي اھا ڳالهه بلڪل پسند نه ھئي. ٻئي طرف، مون کي اھڙوئي ڊپ هو ته جيڪڏهن انهن ان ڳالهه کي سمجهي ورتو ته اهي منهنجي حقيقي اندر کي سڃاڻي وٺندا، پر تصور ڪريو ته اهو صرف منهنجي مسخريءَ لاءِ ھڪ نئون موڙ هو ۽ شايد تنقيد ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافي جو ذريعو ھجي. اهو سڀ کان وڌيڪ دردناڪ ٿي پئي سگهيو، تنهنڪري مان تصويرن کي پنهنجي الماريءَ جي پٺئين پاسي لڪائي ڇڏيو.
اسڪول جي ڊرائنگ ڪلاسن ۾ مان پنهنجي “جنن جي طرز” جي ھنر کي به ڳجهو رکيو ۽ خوبصورت شين جي روايتي محاوري مطابق، پهريان وانگر پينٽنگ ڪندو رهيس.
مان صرف تَڪيچي سان ئي آساني سان پنهنجي گهايل احساسن کي ظاهر ڪري پئي سگهيس ۽ ھاڻي مون کي کيس پنهنجون تصويرون ڏيکارڻ ۾ ڪابه لڄ نه ٿيندي ھئي. هو ڏاڍو پرجوش هو ۽ مان ٻن يا ٽن، ٻين تصويرن سان گڏ، هڪ جن جي تصوير به ٺاھي ورتي ته جيئن تَڪيچيءَ جي ڪا اڳڪٿي معلوم ٿي سگهي. “تون هڪ ڏينهن وڏو مصور ٿي ويندين.”
مان آرٽ اسڪول ۾ داخلا وٺڻ ٿي گهري، پر منهنجي پيءُ مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو. ڇاڪاڻ ته ھو چاھي پيو ته مان سرڪاري ملازم ٿيان. مون کي اها ڳالهه اڪثر چئي ويندي آھي ۽ مان ڪڏهن به موٽ ۾ ان جو جواب ڏئي نه سگهيو آهيان، بس گونگو ٿي ان تي عمل ڪيو آھي. مان پنهنجي پيءُ جي مشوري تي ھڪ سال اڳ ڪاليج ۾ داخلا جو امتحان ڏنو ۽ اھو مان پاس ڪيو. ان وقت تائين مان چيريءَ جي وڻن ۽ سمنڊ جي ڀرسان واري پنهنجي هاءِ اسڪول کان بلڪل بيزار ٿي چڪو هئس. هڪ ڀيري مان ٽوڪيو ۾ فوري طور تي هڪ وڏي ھاسٽل جي ھڪ وڏي ھال جهڙي ڪمري ۾ رھڻ شروع ڪيو ھو، پر ان ھاسٽل جي خراب حالت ۽ گوڙ گهمسان مون کي پريشان ڪري ڇڏيو. مان ھاڻي مسخري ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هئس. مان ڊاڪٽر کان تصديق ڪئي ته منهنجي ڦڦڙن ۾ ڪو مسئلو ته ناهي. مان ھاسٽل مان نڪري Ueno ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهڻ لڳس.گهڻن ماڻهن سان گڏجي زندگي گذارڻ مون لاءِ بلڪل ناممڪن ثابت ٿي چڪي هئي. “جوانيءَ جو جوش” يا “جواني جو فخر” جهڙا لفظ ٻڌي مون کي خوف ٿيندو ھو. ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به مان پاڻ کي “ڪاليج جي ماحول” مطابق تبديل ڪري نه سگهيو ھئس. ڪلاس ۽ ھاسٽل جي رھائش بي لغام جنسي خواهشن جي گندگيءَ جي ڍيرن وانگر لڳي رھي ھئي ۽ جيتوڻيڪ منهنجي ظاھري مسخريءَ وارين حرڪتن جو به ڪو فائدو نظر ڪونه ٿي آيو.
جڏهن قانون ساز ڪائونسل جو اجلاس نه ھوندو ھو ته مهيني ۾ صرف هڪ يا ٻه هفتا بابا گهر ۾ گذاريندو هو. جڏهن بابا گهر ۾ نه ھوندو ھو ته ان وڏي ۽ ڀوائتي گهر ۾ اسان فقط ٽي ئي هوندا هئاسين، ھڪ مان ۽ ھڪ بزرگ جوڙو، جيڪو ان جاءِ ۾ منهنجي سنڀال ڪندو هو. مان ڪلاسن کان اڪثر گسائيندو ھئس، پر ان لاءِ نه ته مون کي ٽوڪيو گهمڻ جو ڦرڻ جو شوق ھو. (ايئن ٿو لڳي، ڄڻ مانMeiji Shrine، ۽ Kusunoki Masashige جو مجسمو يا Forty-Seven Ronin جا مقبرا ڏسڻ کانسواءِ پنهنجا ڏينهن پورا ڪري ڇڏيندس.) ان جي بدران مان سڄو ڏينهن گهر ۾ پڙهائي ۽ پينٽنگ ڪرڻ ۾ گذاريندو هئس. جڏهن بابا شهر ۾ هوندو هو ته مان صبح جو جلدي جلدي اسڪول ويندو هئس، جيتوڻيڪ جو مان ڪڏھن ڪڏهن ھونگو ۾ هڪ پينٽر جي آرٽ ڪلاسن ۾ ويندو هئس ۽ ھن سان گڏ ٽي چار ڪلاڪ اسڪيچنگ جي مشق ڪندو هئس. ڪاليج جي ھاسٽل مان جان ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ، مون کي ڪافي احساس ٿيو ته شايد اهو منهنجو پنهنجو ئي تعصباڻو خيال هو ته مان هاڻي ڪنهن خاص پوزيشن ۾ هئس. جيتوڻيڪ مان ھڪ باقاعده شاگرد جي بدران ھڪ عام ۽ معمولي ٻڌندڙ جي حيثيت ۾ ليڪچرز ۾ شرڪت ڪندو ھئس. ڪلاس وٺڻ ۾ بيزاري ٿيندي ھئي. مان ايليمينٽري ۽ هاءِ اسڪولن ۾ پڙھي چڪو هئس ۽ هاڻي ڪاليج ۾ هئس، پر ڪڏهن به سمجهي نه سگهيس ته اسڪول جو اصل مطلب ڇا آهي. ايتري تائين جو مان ڪڏهن به اسڪول ۾ ڳائجندڙ بيت ۽ ترانا سکڻ جي به ڪوشش نه ڪئي ھئي.
هن شاگرد جو نالو ماسائو هوريڪي هو. هو ٽوڪيو شهر جي مرڪز ۾ پيدا ٿيو هو. ھو مون کان ڇهہ سال وڏو هو ۽ هڪ پرائيويٽ آرٽ اسڪول مان گريجوئيشن ڪئي ھئائين. گهر ۾ پينٽنگ ڪرڻ لاءِ ڪا ڍنگ جي جاءِ نه ھئڻ ڪري، هو آرٽ ڪلاسز ۾ ويندو هو، جتي مان اڪثر ويندو هئس. هو اتي آئل پينٽنگ جو مطالعو ڪندو رھندو هو.
اسان اڃان هڪٻئي جي چهري کي ئي مشڪل سان سڃاڻندا هئاسين، اسان ھِن وقت تائين ھڪٻئي سان ھڪ لفظ به ڪونه ڳالهايو هو. هڪ ڏينهن، هُن اوچتو مون کي اچي چيو، “ڇا تون مون کي پنج يِن اڌارا ڏيندين؟” مون کي ايتري ته حيرت ٿي جو مان آخرڪار کيس پئسا ڏئي ڇڏيا.
“بيوقوف نه ٿي. سڀئي اسڪول بيڪار اٿئي ۽ اھي استاد به بيڪار اٿئي، جيڪي پاڻ کي فطرت ۾ غرق ڪري ڇڏيندا آھن! ۽ يا وري فطرت لاءِ بيحد همدردي ڏيکاريندا آھن!”
مان سندس راءِ کي ذري برابر به اھميت نه ڏني. مان اھو سوچي رهيو هئس، “هو هڪ بيوقوف آهي ۽ هن جون پينٽنگز پڻ بيڪار آهن، پر هو مون لاءِ ٻاهر وڃي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ھي ھڪ سٺو شخص ٿي سگهي ٿو.” زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو، حقيقي شهر جي ڪنهن نڪمي ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ٿي هئي. ھن ۾ دنيا جي انسانن جهڙيون صفتون نه ھيون. جيئن ته اسان ھڪ ئي جنس سان تعلق رکندا ھئاسين، پر ان ھوندي به اسان مونجهاري جو شڪار ۽ پريشان ھئاسين. ساڳئي وقت اسان ۾ هڪ بنيادي فرق به هو. هو پنهنجي بيوقوفيءَ کا بي خبر ٿي ڪم ڪندو رھندو ھو ۽ ان ئي سبب جي ڪري، ھو پنهنجي ان بيوقوفيءَ کي سڃاڻي ڪونه پئي سگهيو.
مان هن کي پنهنجي وندر لاءِ مناسب سمجهيو، خاص طور تي اهڙي ماڻهوءَ سان منهنجو تعلق ان ئي مقصد لاءِ هجي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ھن سان دوستي جي ڪري شرمساري محسوس ٿيندي ھئي، پر آخر ۾، مان هن سان گڏ ٻاھر نڪرندو ھئس ته هوريڪي به مون لاءِ وڏو سهارو ثابت ٿيندو ھو.
بهرحال شروعات ۾ مون کي يقين ٿي ويو ته هوريڪي هڪ غير معمولي ۽ سٺو سنگتي آھي ۽ منهنجي روايتي انسانن کان خوف جي باوجود، مان پنهنجي محافظ جي باري ۾ ان حد تائين سوچ پئي رکي ته ھو مون کي ٽوڪيو گهمڻ لاءِ سٺي گائيڊ طور مليو آهي. سچي ٻڌايان ته مان جڏهن پهريون ڀيرو شهر آيو ھئس ته ڪنڊيڪٽر جي ڪري گاڏيءَ ۾ چڙهڻ کان ڊڄندو ھئس. مان ڪبوڪي ٿيئٽر ۾ داخل ٿيڻ کان گهٻرائيندو ھئس. ڇاڪاڻ ته مکيه دروازي تي ڳاڙهي قالين واري ڏاڪڻ جي پاسي ۾، رستي ڏيکارڻ وارن کان ڊپ ٿيندو ھو. مان ڪنهن به ريسٽورينٽ ۾ وڃڻ کان لهرائيندو ھئس. ڇاڪاڻ ته مون کي انهن بيرن کان ڊپ لڳندو هو، جيڪي منهنجي پٺيان لڪي، پليٽ خالي ٿيڻ جو انتظار ڪندا ھئا. سڀ کان وڌيڪ مون کي بل ادا ڪرڻ کان ڊپ ٿيندو هو. منهنجو اهو خوف، خريد ڪيل سامان جي رقم ادا ڪرڻ وقت ڪنهن ڪنجوسيءَ جي ڪري نه، پر ضرورت کان وڌيڪ پريشاني، حد کان وڌيڪ شرمندگي، حد کان وڌيڪ بيچيني مان پيدا ٿيندو هو. منهنجو مٿو چڪرائڻ لڳندو ھو ۽ سڄي دنيا منهنجي اڳيان اوندهه ٿي ويندي ھئي ۽ مان اڌ چريو ٿي ويندو ھئس. رعايت ڪرائڻ ته پنهنجي جاءِ تي رھيو، پر مون کان نه صرف بچيل رقم واپس وٺڻ وسري ويندي ھئي، پر خريد ڪيل سامان به گهر کڻي اچڻ وسري ويندو ھو. ان کانسواءِ مون لاءِ ٽوڪيو ۾ اڪيلي سر رستو ڳولهڻ به ناممڪن ٿي ويندو هو. ان ڪري گهر ۾ ئي رھڻ کانسواءِ مون وٽ ٻيو ڪو رستو ئي نه هوندو ھو.
مان پنهنجا پئسا هوريڪي جي حوالي ڪيا ۽ اسان ٻئي گڏجي ٻاهر نڪري وياسين. هو سودي ڪرڻ وقت بحث ڪرڻ جو ماھر ھو ۽ ان ڳالهه ئي کيس مزا ماڻڻ ۾ ھڪ اعليٰ مقام تائين پهچايو ھو. ھن ۾ پنهنجو وڌ کان وڌ اثر ڏيکاري گهٽ کان گهٽ ۾ پئسا خرچ ڪرڻ جي غير معمولي مهارت ھئي. سندس اھا مهارت وڌندي ٿي وئي ۽ ان سبب، ھو جتي چاهي ٿوري وقت ۾ بنا ٽئڪسيءَ جي پهچي ويندو آھي. کيس جيڪا سواري مناسب لڳندي ھئي، ھو اھا واري واري تي استعمال ڪندو ھو، جيئن ٽرام، بس، يا وري درياءَ ۾ ھلندڙ لانچ وغيره. هن مون کي هڪ عملي سکيا ڏني. اهڙيءَ طرح، جيڪڏهن اسان صبح جو ڪنهن طوائف وٽان پنهنجي گهر ڏانهن واپس ايندي رستي تي ڪنهن خاص ريسٽورينٽ ۾، مانيءَ سان گڏ غسل ڪرڻ لاءِ ترسندا ھئاسين ته اھو عيش ۽ عشرت جي احساس کي محسوس ڪرڻ جو هڪ سستو طريقو هوندو ھو. هن ان ڳالهه جي پڻ وضاحت ڪئي ته چانورن سان گڏ گوشت يا ڪڪڙ جي سيخ ٻوٽي يا اھڙي قسم جا ٻيا کاڌا، جيڪي روڊ جي ڪناري تي آسانيءَ سان ملندا آھن، سي سستا، پر غذا سان ڀرپور ھوندا آھن. هن اھو پڻ ٻڌايو ته توهان کي برانڊي کان وڌيڪ جلدي ڪا به ٻي شيءِ نشو نٿي ڏئي سگهي. جيستائين بل جو تعلق ھو ته ھن ڪنهن به نموني مون کي ڪڏھن به پريشان نه ڪيو.
هوريڪي سان گڏ رھي ڪري مون کي ھڪ ڳالهه جو احساس ٿيو ته کيس ان ڳالهه جو فڪر نه ھوندو هو ته ٻڌندڙ ڇا سوچي رهيو آهي، بس هو چوويهه ڪلاڪ اجائي يکي پيو ھڻندو ھو، سندس خيالن جو اظهار پوءِ ڀلي کڻي کيس ڪيڏانهن به وٺي وڃي، (ٿي سگهي ٿو ته سندس خيال ٻڌندڙن جي خيالن ۽ احساسن کي نظر انداز ڪرڻ تي مشتمل هجن.) ۽ سندس اجايو وات ھڻڻ سان اھا پڪ ٿي وئي ته جڏھن اسان مزا ماڻي بيزار ٿي، خاموش رھون ته اسان کي ڪا تڪيلف نه ٿيندي. ٻين ماڻهن سان ڪار وھنوار وقت مان ھميشه ان ڳالهه جو احتياط ڪندو هئس ته متان خوفناڪ خاموشي پيدا ٿي پئي، پر جيئن ته مان ڳالهائڻ ۾ فطرتي طور سست هئس، تنهنڪري مان انهن کي صرف مسخريءَ ڪرڻ ذريعي ئي روڪي پئي سگهيس. تنهن هوندي به هاڻي، بيوقوف هوريڪي (بي خبريءَ ۾) ھڪ مسخري جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، ۽ مون وٽ ڪنهن به مناسب جواب ڏيڻ جي ذميواري نه هئي. بس اهو ئي ڪافي ھو ته مان ھن جي ڳالهه ھڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيان ۽ هڪ ڀيرو، کِلي راءِ ڏيان، “واقعي ۾، ائين ته ناھي!”
مون کي جلد ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته شراب، تماڪ ۽ طوائفون، اِھي اُهي شيون آھن، جيڪي (ڪجهہ لمحن لاءِ ئي سهي) منهنجو انسانن مان خوف ختم ڪرڻ جا بهترين وسيلا آهن. مون کي اهو به محسوس ٿيو ته جيڪڏهن مون کي فراريت جي انهن ذريعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي آخري بچيل ملڪيت وڪڻڻي پوي ته به اهو مناسب ٿيندو.
مان طوائف کي ڪڏهن به انسان يا عورت جي حيثيت ڏئي نه سگهيو ھئس. ھو مون کي ڪجهہ وڌيڪ ئي بيوقوف يا وري بددماغ لڳنديون ھيون، پر مان پاڻ کي سندن ڀاڪرن ۾ مڪمل طور تي محفوظ محسوس ڪندو ھئس. مان آرام سان سمهي پئي سگهيس. ڪيتري نه افسوس جهڙي ڳالهہ آھي، جو ھو واقعي ۾ به لالچ جي احساس کان بلڪل وانجهيل ھونديون ھيون. شايد ان ڪري جو هنن مون کي پاڻ وانگر ئي محسوس ڪيو ھو، انهن طوائفن ھميشه مون سان ھڪ فطري دوستيءَ وارو رويو رکيو، جيڪا ڪڏهن به زور زبردستيءَ وارو نه ھو. اھا دوستي بغير مطلب جي ھئي ۽ اھڙي سوديبازي کان پاڪ ھئي، جنهن ۾ گراھڪ کي ڳالهين ۾ ان ڪري ڦاسايو ويندو آھي ته جيئن هو ٻيهر اچي. ڪن راتين ۾ مون انهن بيوقوف ۽ پاڳل طوائفن کي مريم جي پاڪائي وانگر محسوس ڪيو.
مان انسانن جي خوف کان بچڻ لاءِ، فقط هڪ رات جي سڪون جي ڳولها ۾ وٽن ويس، پر لڳي ٿو ته انهن “ھم خيال” طوائفن سان ناتو جوڙڻ کان اڳ ۾ ئي مون کي خبر ھئي ته هڪ خاص قسم جي اڻوڻندڙ ۽ اڻٽٽ ماحول مون کي جڪڙي ورتو ھو. اھو منهنجي تجربي جو غير متوقع نتيجو هو، پر جيستائين هوريڪيءَ ان جي نشاندھي نه ڪئي، تيستائين اھو آهستي آهستي، منهنجي حيرت ۽ پريشانيءَ لاءِ اڃان به وڌيڪ پڌرو ٿيندو ويو. ان ۾ ڪو ابهام ناھي ته مان طوائفن کان ئي عورتن جي باري ۾ ڪافي ساري ڄاڻ حاصل ڪئي. مان تازو ئي ان جو ڪافي ماهر ٿي چڪو هئس. سندن چوڻ مطابق، عورتن جي باري ۾ سخت تجرباتي علم حاصل ڪرڻ طوائفن کان ئي ممڪن آهي ۽ اهو تجرباتي علم تمام گهڻو اثرائتو ٿيندو آھي. ڄڻ ته ڪنهن عادي زاني شخص واري بوءِ مون ۾ گهڙي وئي ھئي ۽ عورتون (صرف طوائفون ئي نه) پاڻ ئي ان بوءِ کي سڃاڻي مون ڏانهن ڊوڙي اينديون هيون. هي فحش ۽ شرمناڪ ماحول، مون کي مليل ھڪ “بونس” وانگر هو، جيڪو بظاهر منهنجي تعليم جي بحاليءَ واري اثر کان وڌيڪ قابل ذڪر هو.
مون کي لڳي ٿو ته هوريڪي مون کي ھڪ اڻپوريءَ ڳالهه ٻڌائي ھئي، پر ان سان منهنجي اندر ۾ هڪ دردناڪ راڳ الاپجي ويو ھو. مون کي هاڻي بار جي ڇوڪرين جا لکيل اڍنگا خط ياد پيا اچن. منهنجي ڀر واري گهر ۾ رھندڙ جنرل صاحب جي ويهن سالن جي ڌيءَ ياد پئي اچي ته جڏهن مان اسڪول ويندو هئس ته ھوءَ هر روز صبح جي وقت، بنا ڪنهن سبب جي پوري تيار ٿي، پنهنجي دروازي وٽ چڪر پئي لڳائيندي ھئي. ڪبابن واري ريسٽورينٽ جون ويٽريس، جن سان مان هڪ لفظ به نه ڳالهايو ھو… ۽ تماڪ جي دڪان تي ويٺل ڇوڪري منهنجو اڪثر خيال ڪندي ھئي ۽ ھميشه سگريٽن جو پيڪٽ مون کي ڏيندي هئي… ۽ ڪبوڪي ٿيٽر ۾ منهنجي ڀر واري سيٽ تي ويٺل ھڪ عورت…، ۽ آڌيءَ رات، جنهن وقت مان نشي ۾ ڌت ٽرام۾ سمهي پوندو هئس… ۽ اهو محبت جي جذبن سان ڀريل خط، جيڪو اچانڪ سان ڳوٺان هڪ رشتيدار ڇوڪريءَ طرفان آيو هو… ۽ اھا ڇوڪري الائي جي ڪير ھئي، جيڪا منهنجي لاءِ ھڪ گڏي ڇڏي وئي ھئي. جنهن وقت مان ھن کان ڏور هئس ته ھن منهنجي لاءِ اھا گڏي پاڻ ٺاهي هئي. انهن سڀني سان منهنجو رويو انتهائي منفي ٿي چڪو هو ۽ انهن سان تعلقات اڳتي وڌي نه سگهيا ۽ اڌ ۾ ئي رھجي ويا، پر اها هڪ واضح حقيقت ھئي ۽ اھو رڳو منهنجو ئي وھم ھو ته منهنجي اردگرد هڪ اهڙو ماحول جڙيل آھي، جنهن سان عورتون جذباتي احساسن ۾ مبتلا ٿي خيالي پلاءُ پيون پچائين. اها منهنجي لاءِ ڪاوڙ ڏياريندڙ ۽ ڪنهن شرمساريءَ کان گهٽ ڳالهه نه ھئي، جو هوريڪي جهڙو ماڻهو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري. ساڳئي وقت مان اوچتو طوائفن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني.
پنهنجي “جديديت” کي ظاهر ڪرڻ لاءِ (ان جو شايد ٻيو ڪو سبب به نه ھجي) هوريڪي مون کي هڪ ڏينهن ڪميونسٽن جي ڳجهي گڏجاڻيءَ ۾ به وٺي ويو. (مونکي ياد ڪونه ٿو اچي ته ان کي ڇا سڏيندا ھئا. منهنجي خيال ۾ شايد ان کي ”ريڊنگ سوسائٽي،“ چوندا ھئا.) اها ڳجهي ڪميونسٽ ميٽنگ شايد هوريڪي لاءِ ٽوڪيو کي ھڪ ڀيرو ٻيهر گهمڻ لاءِ ٿي پئي سگهي.“ڪامريڊن” سان منهنجو تعارف ڪرايو ويو ۽ مون کي ھڪ پمفليٽ خريد ڪرڻو پئجي ويو. ان کانپوءِ مان مارڪسي معاشيات تي هڪ ليڪچر ٻڌو، جيڪو هڪ بيحد بدشڪل نوجوان، مهمان خاص طور ڏنو هو. هن جي هر ڳالهه بلڪل چٽي ۽ صفا سچ پئي لڳي، پر مون کي يقين ھو ته ماڻهن جي دلين ۾ ان کان به وڌيڪ مبهم ۽ وڌيڪ ڀوائتي شيءِ پوشيده ھئي. جنهن کي نه لالچ لڪائي پئي سگهي، نه انا جي پردي ۾ ڍڪجي پئي سگهي ۽ نه ئي وري اھا فقط حوس ۽ لالچ جو ميلاپ هئي. مون کي پڪ نه هئي ته اهو ڇا هو، پر مان محسوس ڪيو ته انساني سماج جي گهرائي ۾ هڪ ناقابل بيان شيءِ آهي، جنهن کي معاشيات جي عيوض گهٽائي نٿو سگهجي. مان ان عجيب شيءِ کان ڊڄي، ماديت کي فطرتي طور تي ائين قبول ڪيو، جيئن پاڻي پنهنجي سطح کي ڳولهي لهي، پر ماديت مون کي انسانن جي خوف کان آزاد نه ڪري سگهي. مان اميد واري ان خوشيءَ کي محسوس نه ڪري سگهيس، جيڪا ڪنهن انسان کي وڻن تي ڦٽندڙ نون پنن کي ڏسي ٿيندي آھي.
ان جي باوجود مان ريڊنگ سوسائٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ باقاعده شريڪ ٿيندو ھئس. مون کي پنهنجي “ڪامريڊن” کي ڏسي ڏاڍي کل ايندي ھئي، انهن جي پريشان چهرن کي ڏسي ائين لڳندو ھو، ڄڻ ته اھي زندگيءَ ۽ موت جي مسئلن تي بحث ڪري رھيا ھجن، ھو نظرين جي مطالعي ۾ تمام گهڻو محو ھوندا ھئا، اھي نظريا ايتري قدر بنيادي ھئا، جيئن رياضيءَ جو حساب “ھڪ واڌو ھڪ جواب ٻه” وانگر ھجن. مان پنهنجن مذاقن ذريعي انهن گڏجاڻين مان ڪجهہ دٻاءُ ۽ ٻوسٽ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو ھئس. ان ڪري، مان سمجهان ٿو ته گروپ جو جابراڻو ماحول آهستي آهستي پرسڪون ٿيندو ويو. مان ايترو ته مشهور ٿي ويس، جو مون کي گڏجاڻين لاءِ لازم سمجهيو ويندو هو. اهي سادا ماڻهو شايد اهو سمجهندا هئا ته مان به انهن وانگر سادو، هڪ مثبت راءِ رکندڙ ۽ کل ڀوڳ کي پسند ڪندڙ ڪامريڊ ھجان، پر جيڪڏهن سندن اهو خيال هو ته اھي پوري طرح دوکي ۾ ھئا. مان سندن ڪامريڊ نه هئس، پر ان جي باوجود مان انهن جي هرهڪ گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندو هئس ۽ انهن لاءِ پنهنجو ڀرپور فن پيش ڪندو هئس.
مان اهو ان ڪري ڪندو ھئس، ڇاڪاڻ ته اهو مون کي پسند هو ۽ اهي ماڻهو مون کي خوش ڪندا هئا ۽ اهو ضروري ناهي ته اسان مارڪس مان اخذ ڪيل ڪنهن مشترڪہ لاڳاپي جي سبب جڙيل هئاسين.
بي سمجهيءَ ۾ ئي سهي، پر اھا سوچ مون کي ڪجهه گهٽ خوشي ڏيندڙ لڳي يا کڻي ائين چئجي ته مون کي ان سان ٿورو سڪون محسوس ٿيو. مون کي جنهن شيءِ ڊيڄاريو ھو، اھو دنيا جو منطق هو. ان ۾ بي پناھہ قوت جي اڳڪٿي سمايل آھي. ان جو نظام سمجهه کان ٻاهر هو ۽ مان ان بنا درين واري ڀوائتي ڪمري ۾ بند رهي نه پئي سگهيس. جيتوڻيڪ ٻاهر بي عقليءَ جو سمنڊ وھي رھيو هو، پر تنهن هوندي به اھڙي ماحول ۾ ٻڏي وڃڻ کان، ان سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ترڻ وڌيڪ مناسب هو.
ماڻهو “سماج مان تڙيلن” جي ڳالهه ڪندا آھن. بظاهر اهي لفظ ته دنيا جي بدقسمت، ناڪام ۽ وحشي ماڻهن ڏانهن اشارو ڪن ٿا، پر مون کي ائين لڳندو آھي، ڄڻ ته مان ڄم کان ئي کان “سماجي طرح ڌڪاريل” ھجان. مان جڏهن به ڪنهن به اھڙي شخص سان ملندو آهيان، جنهن کي سماج مان تڙيو ويو ھجي ته مون کي ھن تي ھميشه پيار ۽ رحم ايندو آهي، اھو هڪ اهڙو جذبو آھي، جيڪو مون کي نرم دل ڪري ڇڏيندو آهي.
ماڻهو پڻ هڪ “مجرماڻي سمجهه” جي ڳالهه ڪندا آهن. انسانن جي هن دنيا ۾ منهنجي سڄي حياتي اهڙي شعور جي اذيت ۾ گذري آهي، پر اھو شعور، غربت ۾ ساٿ ڏيندڙ زال وانگر منهنجو وفادار ساٿي بڻجي رهيو آهي ۽ بس اسان ٻنهي جي اداس لمحن ۾ خوش رھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شايد، اهو رويو انهن سڀني روين مان هڪ آهي، جنهن سبب مان جيئرو آهيان. ماڻهو عام طور تي “پڇتاءَ جي زخم” جي ڳالهه ڪندا آهن. منهنجي معاملي ۾، اهو زخم ان وقت ظاهر ٿيو ھو، جڏهن مان اڃان ننڍڙو هئس، ۽ وقت گذرڻ سان گڏ، اهو ٺيڪ ٿيڻ جي بجاءِ، ويتر وڌيڪ گهرو ٿيندو ويو ۽ ايستائين جو اهو هڏن تائين پهچي چڪو آهي. جن اذيتن کي مان ھر رات برداشت ڪيو آهي، انهن سان مختلف قسم جي لامحدود عذابن تي مشتمل هڪ جهنم تيار ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ اها عجيب ڳالهه ٿي لڳي، پر اهو زخم آهستي آهستي مون کي پنهنجي گوشت ۽ رت کان وڌيڪ پيارو ٿيندو ويو آهي ۽ مان ان درد کي، زخم جي احساس طور يا وري ان جي محبت ڀرين ڳالهڙين کي جيئرو جاڳندو سمجهيو آهي.
مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ هڪ خفيه تحريڪ جو ماحول بيحد سڪون ڏيندڙ ۽ وڻندڙ هو، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته جنهن شيءِ مون کي متاثر ڪيو، اھا ان جي شخصيت ھئي نه ئي وري ان جا بنيادي مقصد ھئا. ھي تحريڪ هوريڪيءَ لاءِ فقط بيوقوفاڻي مذاقن جو بهانو ھو. هُن ان ھڪ ئي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ هن منهنجو تعارف ڪرايو. هن ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو بهانو ھڪ احمقاڻي مذاق طور ڏنو ته مارڪسسٽن کي نه صرف سماج جي پيداواري پهلوئن جو، پر استعمال وارن پهلوئن جو به مطالعو ڪرڻ گهرجي. شين جي واپرائڻ جا پهلو ئي اھي واحد ذريعا آھن، جن جو گڏيل مشاھدو ڪري سگهجي ٿو. جڏهن مان هاڻي ان جي ماضيءَ تي غور ڪندو آھيان ته ياد پيو اچي ته انهن ڏينهن ۾ هر قسم جا مارڪسسٽ ھوندا هئا. ڪجهه هوريڪي وانگر، پاڻ کي سکڻائي مان “ماڊرن” سڏيندا ھئا. ان تحريڪ جي غير منطقيءَ هجڻ جي ڪشش، مون وانگر ڪيترن ئي ٻين ماڻهن کي، تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ مائل ڪيو.
مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن سچن مارڪسسٽن کي اھا خبر پئجي وڃي ته هوريڪي ۽ مون کي واقعي ۾ ڪهڙي شيءِ ۾ دلچسپي آهي، ته هو اسان تي ڏمرجي پون ها ۽ اسان کي ھڪدم بدمعاش ۽ غدار ڄاڻائي تحريڪ مان ٻاهر ڪري ڇڏين ها. تنهن ھوندي به اھا عجيب ڳالهہ آهي ته هوريڪي ۽ مون لاءِ اھڙي نوبت نه آئي، پر ان جي برعڪس، عقلمند ماڻهن جي دنيا جي ڀيٽ ۾ مان هن غير منطقي دنيا ۾ ايترو ته سڪون محسوس ڪيو، جو مان ھر اھو ڪم ڪري پئي سگهيس، جنهن جي درست انداز ۾ ڪرڻ جي مون مان اميد ٿي پئي سگهي. تنهنڪري مون کي هڪ هوشيار ڪامريڊ سمجهيو ويندو هو ۽ مون کي مختلف ڪم سونپيا ويندا هئا، جن ۾ اجائي ۽ بيوقوفاڻي رازداري ھوندي ھئي. حقيقت ۾، مان انهن جي ڪنهن به سونپيل ڪم کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو. مان وڏي فرمانبرداريءَ سان اھو سڀ ڪجهه پوري اطمينان سان ڪيو، جيڪي هنن چيو پئي، “ڪتن” کي مون تي ڪڏھن به شڪ نه ٿيو، نه وري مون کي اھي ڪتا ڪڏهن پڇا ڳاڇا لاءِ وٺي ويا. (ڪامريڊ پوليس وارن کي ڪتو چوندا ھئا).
کلندي ۽ ٻين کي کلائيندي، مان وڏي خبرداريءَ سان سندن سڀني “خطرناڪ منصوبن” کان پاڻ کي پري رکيو. (تحريڪ ۾ شامل ماڻهون ايترو ته احتياطي تدبيرون ڪندا ھئا، جو اهي ھميشه لاءِ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو شڪار رهندا ھئا. ائين پئي لڳو ڄڻ ته انڌن وانگر، ڪنهن جاسوسي ناول جي پوئيواري ڪندا ھجن. جن مِشَن تي مون کي ڪم لاءِ موڪليو ويو هو، اهي واقعي بيحد بيوقوفاڻا ۽ غير اھم ھوندا هئا، پر ڪامريڊن انتهائي جوش واري حالت ۾ رھندا ھئا ۽ اھو پئي سمجهندا ھئا ته ھو ڪيترا نه خطرناڪ آھن. ان وقت مان محسوس ڪيو ته جيڪڏهن مان پارٽيءَ جو ميمبر ٿيس ۽ پڪڙجي پيس، ته به منهنجي سڄي حياتي جيل ۾ گذارڻ جي سوچ ۾ مون کي پريشان نه ڪندي. مون کي اهو پڻ محسوس ٿيو ته جيل ۾ گهاريل زندگي ان کان وڌيڪ پرسڪون ٿي سگهي ٿي، جيڪا انسان پوري رات جاڳي سڏڪا ڀريندي، شديد دھشت واري زندگي بسر ڪندا آھن.
جڏهن منهنجو پيءُ ۽ مان هڪ ئي گهر ۾ رهندا هئاسين تڏهن به هو مهمانن جي اچڻ يا ٻاهر وڃڻ ۾ ھو ايترو ته مصروف هوندو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن ٽي چار ڏينهن اسان هڪ ٻئي سان ڪونه ملي سگهندا ھئاسين. تنهن هوندي به سندس موجودگي ظلم ۽ دھشت کان گهٽ نه لڳندي ھئي. مان صرف اهو سوچي رهيو هئس ته مان ڪيئن گهر ڇڏي، ڪنهن ٻئي هنڌ رهڻ جي جاءِ ڳولهيان، (اڃان تائين اها تجويز پيش ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي ھئي)، جڏهن مون کي پنهنجي پراڻي گهر جي سارسنڀال ڪرڻ واري کان معلوم ٿيو ھو ته منهنجو پيءُ گهر وڪڻڻ جو پڪو ارادو رکي ٿو.
قانون ساز ڪائونسل جي رڪن طور بابا جي ملازمت جو مدو جلد ئي ختم ٿي ويندو ۽ ائين لڳي ٿو ته هو ٻيهر اليڪشن ۾ بيهڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي. ان جا يقينن ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته هُن ھتي گهر ۾ ئي ڪٿي آرامگاھہ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ھو. (مان نٿو سمجهان ته مان پنهنجي پيءُ جي خيالن کي ڪنهن اجنبي شخص جي خيالن کان وڌيڪ بهتر سمجهي سگهندو آھيان.) هن کي ٽوڪيو سان ايترو پيار نه هوندو ھو ۽ هو ان نتيجي تي پهتو هوندو ته رڳو مون جهڙي ڪاليج جي شاگرد جي سهولت لاءِ اھڙو گهر رکڻ اجايو ھوندو، جنهن ۾ نوڪر چاڪر وري الڳ ھجن. بهرحال گهر ته گهڻو اڳ وڪرو ٿي ويو ۽ مان ھونگو ۾ هڪ پراڻي ڪرائي جي گهر جي هڪ اداس ڪمري ۾ اچي رھڻ لڳس، جتي مون کي جلد ئي مالي پريشانين اچي وڪوڙيو.
پهريان منهنجو پيءُ مون کي هر مهيني خرچ لاءِ مقرر رقم پيو ڏيندو هو، پر اھا رقم ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي ختم ٿي ويندي هئي، پر گهر ۾ سگريٽ، شراب ۽ ميوا ھميشه موجود ھوندا هئا ۽ ٻيون شيون جهڙوڪ: ڪتاب، اسٽيشنري، ڪپڙن لٽن واري ھر شيءِ پاڙي واري دڪان تان پئسن سان وٺي سگهبيون ھيون، پر اهو دڪان انهن مان هڪ هو، جنهن جي سرپرستي منهنجي پيءُ ڪئي هئي، ان ڪري جيڪڏھن مان اتان ڪا شيءِ بنا ڪجهہ ٻڌائڻ جي کڻي ھليو به اچان ته ڪا ڳالهه نه ھوندي ھئي، پر پوءِ اوچتو مون کي ڪرائي جي گهر ۾ موڪليو ويو ۽ هر مهيني مليل خرچ مان گذارو ڪرڻو پيو. مان ايترو ته پريشان ھوندو ھئس، جو سمجهه ۾ نه ايندو ھو ته ڇا ڪريان. مليل خرچ ھميشه وانگر ٻن ٽن ڏينهن ۾ختم ٿي ويندو ھو ۽ مان خوف ۽ نااميديءَ جي سبب ڇتو ٿي پوندو ھئس. مان واري واري تي پنهنجي پيءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن ڏانهن پئسا گهرڻ لاءِ لڳاتار ٽيليگرام پئي موڪليا. ٽيليگرامن کانپوءِ تفصيلي خط موڪليا. (جيئن ته خطن ۾ بيان ڪيل حقيقتون اجايون ۽ ھٿ ٺوڪيون هيون. مان سمجهيو ته ماڻهن کان مدد گهري ڪري کين کلائڻ جو اھو سٺو طريقو آهي) هوريڪي جي سرپرستيءَ ۾ مان به اڪثر سامان گروي رکڻ وارن دڪانن ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو، پر هر شيءِ جي باوجود مون وٽ پئسن جي شديد کوٽ هئي.
انهيءَ ڪرائي واري گهر ۾ اڪيلو رهڻ منهنجي وس کان ٻاھر ھو. خاص طور تي جتي مان ڪنهن کي به نه پيو سڃاڻان. پنهنجي ڪمري ۾ خاموشيءَ سان ويهڻ سان مون کي ڊپ لڳندو ھو. مون کي ان ڳالهه جو خوف ٿيندو ھو، ته شايد ڪنهن به وقت ڪو مون تي حملو ٿي سگهي ٿو يا ڪو مون کي ڌڪ ھڻي سگهي ٿو. مان تحريڪ جي ڪمن ۾ مدد لاءِ ٻاھر ھليو ويندو ھئس يا وري هوريڪي سان شراب خانن جا چڪر لڳائيندو ھئس، جتي به ويندا هئاسين، سستو شراب پيئندا هئاسين. مان پنهنجي اسڪول جو ڪم ۽ مصوري ٻنهي کي تقريبن ڇڏي چڪو ھئس. ان کانپوءِ ڪاليج جي ٻئي سال جي نومبر ۾ مان پاڻ کان وڏي عمر واري پرڻيل عورت سان خودڪشيءَ جهڙي محبت ۾ مشغول ٿي ويس، جنهن سان ھر شيءِ تبديل ٿي وئي.
مان اسڪول وڃڻ به بند ڪري ڇڏيو ھو ۽ مون وٽ هاڻي پنهنجي ڪورس جي ڪتابن کي پڙھڻ لاءِ ھڪ منٽ به نه ھو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مان امتحانن ۾ مناسب جواب به ڏئي نه پئي سگهيس ۽ مان پنهنجي گهر وارن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني اھو يقين ڏياريو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، پر اسڪول مان منهنجي مسلسل غيرحاضريءَ سبب اسڪول انتظاميه آخرڪار، منهنجي پيءُ کي هڪ خفيه رپورٽ موڪلي. منهنجي وڏي ڀاءُ، منهنجي پيءُ جي بدران، مون کي هڪ ڊگهو، ڪاوڙ سان ڀريل خط لکيو، جنهن ۾ مون کي سڌرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. مون لاءِ وڌيڪ تڪليف جو سبب پئسي جي کوٽ ۽ تحريڪ کي مون کان گهربل ڪم ڪار ھئا، جيڪي تمام گهڻو پريشان ڪندڙ ۽ ايترا ته وٺ پڪڙ وارا ٿي ويا ھئا، جو مان انهن کي بي دليءَ سان ڪرڻ باوجود به پورو ڪري ڪونه پئي سگهيس. مون کي سينٽرل ٽوڪيو جي اسڪولن ۾ مارڪسسٽ شاگردن جي سمورن گروپن جو اڳواڻ چونڊيو ويو هو. مان ھر ھنڌ “رابطا برقرار رکڻ” جي وٺ وٺان ڪئي. مان ڪوٽ جي کيسي ۾ هڪ ننڍڙو چاقو رکندو ھئس، جيڪو مان هٿياربند بغاوت جي صورت ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ خريد ڪيو هو. (مون کي هاڻي ياد ٿو اچي ته ان ۾ هڪ سنهڙو بليڊ لڳل ھو، جنهن سان ڪنهن پينسل کي به مشڪل سان تکو ڪري پئي سگهيس.) منهنجي بيحد خواهش هئي ته مان تمام گهڻي نشي ۾ غرق ٿي، پُرسڪون ننڊ سمهي پوان، پر ان لاءِ مون وٽ پئسا نه ھئا. پارٽيءَ طرفان منهنجي خدمتن لاءِ درخواستون ايتريون ته اينديون هيون، جو مون کي ساهہ کڻڻ جو به وقت نه ملندو هو. مون جهڙو بيمار جسم اھڙي وٺ وٺان واري سرگرميءَ جو عادي نه ھو. ان گروهہ جي مدد ڪرڻ جو واحد سبب ان جي بي مقصد ۽ اجائي ھجڻ سان منهنجي دلچسپي هئي ۽ تحريڪ جي ڪارروائين ۾ تمام گهڻو ملوث ٿيڻ، منهنجي مذاق جو هڪ غير متوقع نتيجو هو. اندروني طرح ائين پئي لڳو، ڄڻ ته مان گروپ کي اھو ٻڌائيندو ھجان ته “هي منهنجو ڪم ناهي. توهان ان ڪم لاءِ ڪنهن مناسب ماڻهوءَ جون خدمتون ڇو نٿا وٺو؟” ڪاوڙ جي اهڙي رد عمل کي لڪائي ڪونه پئي سگهيس، ان ڪري مان اتان ڀڄي ويس. مان ڀڄي ته ويس، پر مون کي ڪابه خوشي نه ملي. مان آپگهات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.