باباءِ ثقافت سنڌ مرحوم رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي جي شهر ماتلي جي بلڪل ڀرسان اتر طرف تقريبن هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ قادو ماڇي ۾ سماجي ورڪر، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ثقافت سان بيحد گهڻو پيار ڪندڙ نرالي ماڻهو مرحوم صالح محمد سولنگي جي ياد ۾ ملھ مقابلا ۽ مچ ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت نمايان نظر اچي رهي هئي. پهرئين مرحلي ۾ ملھ مقابلا ٿيا جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ملھ پهلوانن حصو ورتو. ملهه مقابلا ڏسڻ لاءِ ماتلي ۽ ان جي اوسي پاسي جي ڳوٺن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ماڻهن وڏي دلچسپي سان ملهه مقابلا ڏٺا ۽ پهلوانن کي تاڙيون وڄائي خوب داد ڏيڻ سان گڏ کين پئسا ڏئي پهلوانن جي عزت افزائي ڪئي. ملھ پهلوانن ۾ مراد علي پنهور، سومار ٿيٻو، بوسڪي پنجابي، گلاب ٿيٻو ۽ ٻيا شامل آهن. ملاکڙو ختم ٿيڻ کانپوءِ رات ٿيندي ئي مچ ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو. سياري ۽ سر نسرڻ جي مند ۾ مچ ٻريو ۽ وري علائقي جا سگهڙ، شاعر، فنڪار ۽ صحافي پتنگ جيان باهه جي چوڌاري مڙي گڏ ٿيا ته ان ويل اهو منظر ڏسڻ وٽان هو. هن مچ ڪچهري جو اهتمام مرحوم صالح محمد سولنگي جي ڀاءُ ميهار سولنگي ۽ مرحوم جي پٽن حاجي سولنگي ۽ سجاد سولنگي طرفان ڪيو ويو هو. غور طلب ڳالهه اها به آهي ته قادو ماڇي نالي هن ڳوٺ ۾ ڪو رئيس وڏيرو نه، پر پورهيت ۽ مزدور رهن ٿا، پر هن ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هڪ غريب ۽ سماجي ورڪر مرحوم صالح محمد سولنگي پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري پنهنجي ٻچن جي روزي روٽي لاءِ ڪمائي گڏ ڪيل پئسن مان ٿورا ٿورا پئسا گڏ ڪري هر سال مچ ڪچهري ۽ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اهتمام ڪندو هو ۽ وڏي ڳالهه اها به آهي ته هن شخص نه ڪنهن کان چندو ڦوڙي ورتو ۽ نه ئي ڳوٺ وارن تي بار ٿيو. مرحوم چوندو هو ته سنڌ ۽ پنهنجي ثقافت لاءِ پئسا ته ڇا، پر سر به حاضر آهي. مرحوم جو اهو چوڻ هو ته آئون غريب ٿي پيس ته ڇا آهي پنهنجي ثقافت ۽ سنڌ کي اسان زنده نه رکنداسين ته ٻيو ڪير رکندو. اهوئي سبب آهي جو قادو ماڇي ڳوٺ کي مرحوم صالح محمد سولنگي جي ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت جي عاشقن جو ڳوٺ به چئي سگهجي ٿو۔ مرحوم جي پٽن جو به چوڻ آهي ته اسان غريب آهيون، پر بابا جيان اسان به هر سال مچ ڪچهري ۽ ملهه مقابلا ڪرائي پنهنجي ڳوٺ توڙي پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ جو وچن ڪيون ٿا. بهرحال مچ ڪچهري ۾ غلام رسول مزاري، محمد ابراهيم لاشاري، مير محمد سولنگي ۽ مون (علي حيدر شاهه) مهمان خاص جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسان کي اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. جڏهن ته هن ڪچهري جي ڪمپيئرنگ سنڌ جي ڀلوڙ آرٽسٽ غلام رسول مزاري ڪئي. هن مچ ڪچهري ۾ سگهڙ راحب علي سهتو، جهنجهي ۽ ٻين، لطيف ۽ سانوڻ فقير جا بيت ٻڌائي ماڻهن جي ٿڪل ذهنن کي جاڳائي سندن وجود مان سيءُ ڪڍي ڇڏيو ۽ سگهڙن لاءِ تاڙيون وڄي ويون. آخر ۾ سريلي فنڪار علي اڪبر شاهه مرحوم ڊاڪٽر آڪاش ۽ ٻين شاعرن جا گيت ٻڌائي محفل کي جهومائي ڇڏيو. ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن فنڪار تي نوٽن جي ورکا ڪري خوب داد ڏنو. ائين سرد رات جي هيءَ ڪچهري تارن جي ٽم ٽم ۾ سڀ سر ساز ۽ آواز خاموش ٿي ويا ۽ هن سدا ملوڪ ڪچهري جا سڀئي رنگ هوا ۾ وکري ويا.