بلاگنئون

جُسو جنجيرن ۾! سائين تاج جويو سنڌ جو جاکوڙي ڪردار

اڄوڪي دور جي بي زباني، ڪَن لاٽار، اَنڌائپ ماڻهپي جي مانُ ۽ مَريادا کي پنهنجي هلڪڙائپ ۽ سَطحيت سان اهڙو ته لَڄايو آهي جو ماڻهو، ماڻهپي جي اهميت کان ئي اَڻ ڄاڻ بڻجي، هِن دنيا جي چوڦير ڀٽڪندي، حيران ۽ پريشان، زندگيءَ آڏو سواليه نشان بڻيو بيٺو آهي. اهڙي وقت جڏهن ثانويت جي هاڪ ۽ دائميت جي دوام کان انڪاريت، سڀني قدرن کي لتاڙي بنا مقصد دلدل جي سفر تي هلي پئي آهي، جنهن ۾ هر وک، پير هيٺ لهندا وڃن ٿا ۽ حِرص ۽ گهڻي کان گهڻي جي جنوني حاصلات جو نشو، ذهنن کي زنگي مٿن اهڙي ته لاتعلقيءَ ۽ اَ ڻڄاڻائي جي ڪَٽ چاڙهي ڇڏي آهي جو اُن جي لاهڻ لاءِ سَنڌاڻ ۽ سِراڻ جا رکوال، اڄ به دنيا جي جنوني هجوم ۾ پنهنجي فڪر ۽ فهم سان پنهنجو نظرياتي عملي ڪم سَرانجام ڏئي رهيا آهن.
اهڙي دور ۾ جتي هر شيءِ عارضيت جو شڪار ٿي آهي اُتي علم، ادب ۽ نظرياتي سياست به اُن جو بُري طرح سان شڪار ٿيا آهن، پر پوءِ به ڪُٽين ڪٽ لوهار واري ڪار سان ڪجهه ذميوار فرد اڄ به ڪتابن توڙي عمل وسيلي پنهنجي مقصد سان نڀائيندا پيا اچن.
اهڙن ڏيهه جي ڏاتارن، وطن جي واهرن، ڌرتيءَ جي ڌراڙن، سوريءَ جي سزا وارن، اَڙيلن جي آڌارن، سنڌ ۽ سيد جي سچن پيروڪارن ۾ سائين تاج جويي جو ذڪر اهم ۽ نمايان طور تي ڪري سگهجي ٿو.
هي ڀٽائيءَ جو کاهوڙي، پنهنجي ننڊ توڙي جاڳ ۾ جُگنوئن جيئن اُونداھين ۾ جَرڪندي، سوچن، خيالن توڙي عمل جي لاٽ روشن رکندو رهيو آهي ۽ ڀٽائيءَ جي هِن بيت جو جديد پورٽريٽ بڻيل رهيو آهي ته:
کَرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين،
اوسيڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
اِها سُک سان نه سُمهڻ واري حالت جيڪڏهن سڄي سنڌ تي حاوي ٿي پوي ها ته هوند وطن جي واءُ ۾ سُرهاڻ جا جُهوٽا ڌرتيءَ جي ساهن کي واسي ڇڏين ها ۽ لطيف کي اِهو بيت شايد صديون اڳ چوڻو ئي نه پوي ها ته:
بَندر جان ڀَئي، ته سُکاڻيام سُمهو،
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مَهي،
ايڏو سور سَهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!
اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ نظريي جي پيروڪارن سدائين نئين سنڌ کي لطيف جي هن بيت جي تصوير ۾ ڏٺو ۽ عملي طور تي چاهيو آهي:
اڱڻ تازي، ٻَهر ڪُنڍيون پَکا پَٽ سُونهَن،
سُرهي سيج پاسي پرين، مَر پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پِريَن، شال هُوَن، برابر ڏينهنڙا.
۽ سچ ته تاج جويو به اُهو وطن جو مُحافظ پوڙهو آهي جنهن قاضي قادن جي هِن بيت ۾ سنڌ، لطيف ۽ سيد جي عاشقاڻي سجاڳيءَ جو اعتراف ڪندا سدائين عمل جي ميدان ۾ سجاڳيءَ جي شعور سان سرشار ٿي جاڳ جي مشعل کي روشن ڪندي خود به سُجاڳيءَ جو سَڏ بڻيو آهي ته:
جوڳيءَ جاڳايوس، سُتو هُئس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، سَندي پِريان پيچري.
سائين تاج جويو وطن جي ويڙھ ۾ بنا ڪنهن ڊپ جي وڏي حوصلي ۽ همت سان لڙندو رهيو آهي.کيس خبر آهي ته آزاديءَ جي ويڙھ، رت گُهري ٿي ۽ کَرڙي جو مُلھ ڪيڏو نه مَهانگو آهي. تنهنڪري ته خليفي نبي بخش لغاريءَ جي ڪيڏاري جو هي بيت سندس زندگيءَ جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو.
کَرڙي کائي رَت، ڀَت نه وجهي وات ۾،
پِڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پَرکي پَت،
جن جا نيڻ نِست، نينهن نه لائي تن سين.
يا
هلو مَهلو مانجهيا! ويريين وٺون وير،
جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا، پوءِ ڳڻبا پير،
ٿيندو سَڏُ سوير، صبح شهيدن کي.
۽ سائين تاج جويو خيلفي جي هن بيت جي فڪر ۽ فلسفي کي به خوب ڄاڻي ٿو ته:
سوڀُون سِر گُهرن، سِر رِي سوڀ نه سَپجي،
سوڀ برابر سِسيون، توريان تان نه تُرن،
جي هنيڙي منجهه هُرن، سي مُلهه مَهانگا سپرين.
تاج جويو نئين سنڌ جو ۽ سن جي سيد جو پانڌيئڙو ۽ مُسلسل عملي ڪردار ۽ وڻجارو آهي جنهن ڀٽائيءَ جي هن بيت جو ڀَرم سمجهندي ۽ رکندي سنڌ جي جدوجهد جي نئين تاريخ ۾ واڌارو آندو آهي. جنهن جي لاءِ لطيف جي سٽن ۾ چوڻ ڪيڏو نه سڀاويڪ آهي ته:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نه سگهان ڪاءِ، اُنين سندي ڳالهڙي.
تاج جويو سائين جي. ايم سيد جي نظرياتي سياست جو هڪ اهڙو جوڌو آهي جنهن سنڌ لاءِ سدائين پاڻ پتوڙي، پرڀات جي پار جو سفر جاري رکيو آهي. هي ورچي ويهي رهڻ وارن مان آهي ئي ڪونه. هن جو پيغام ته اياز جي هن بيت ۾ جرڪي رهيو آهي ته:
ڪهڙو پنڇي پيار جو، ماريءَ ناھ مُٺو،
جيڪو ڪونه ڪُٺو، سو نه اسان جي ڪُڙم مان.
وقت ۽ حالتون غلام قومن ۾ سدائين اهڙا بهادر پُٽ پيدا پئي ڪيا آهن. تاج به اهڙو سنڌ جو سوڍو آهي جنهن لطيف جي فڪر ۽ فهم کي عمل وسيلي اُجاڳر پئي ڪيو آهي ۽ ان جي عملي ڪردار نگاري ڪندي اَڏولتا جي جذبن کي پئي سدائين جاڳايو آهي.
هلڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهايان اِيءُ مَرڪُ،
وجهن تان نه فَرقُ، رُڪ وهنديءَ راند ۾.
يا
سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سراڻ سين،
تيغ تنين جي کي، ڪَٽ نه لڳي ڪڏهين.
يا
ڪَٽ ڪَڙهي، لوھ ٻَري، ڌوڌا جِت ڌَڳن
مُترڪن مُنهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سَهڪن،
اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.
تاج جويو قيد ۾ هجي يا ٻاهر پر هُو پنهنجي نظريي جي ڪاڻ سدائين روڊن رستن تي گرمي توڙي سرديءَ ۾ بيماري توڙي تندرستيءَ ۾ عمل جي راھ تي هلندو رهيو آهي. نظرياتي، فڪري يا وطن جي واهڻ ۽ وسندين جي رکوالن جي حوالي ۾ تاج جويو جيئري جاڳندي سنڌ ۽ سيد جي انقلابي ڪردارن جي اهڙي ته علامت بڻجي ويو آهي جن جي دل ۽ دماغ ۾ آزاديءَ جي لاءِ پاڻ قربان ڪرڻ جو ساهس اَٽل ارادن سان موجود رهيو آهي.
تاج جويو سائين عبدالواحد آريسر جي قومي سُنگ جو اُهو سُونهون ۽ اَڻ جَهل سَرواڻ آهي جنهن اياز جي سٽن “جل جل مشعل جل” جي لَڄ رکندي پاڻ کي پتنگ جيئن پئي پچايو آهي ۽ لاکيڻي لطيف جي هن بيت جو ڀرم رکندي عملي آڳ ۾ پَچيو ۽ ڪُندن ٿيو آهي.
پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اُجهاءِ!
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ!
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.
تاج جويو سنڌ ۽ سيد جو اهڙو عاشق آهي جنهن لاءِ لطيف جي بقول ته:
عاشق زهر پياڪ، وھ ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
لڳين لنئون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڻي چڪنن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سين.
تاج جويي لطيف جي شاعراڻي فڪر ۽ فلسفي مان پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ عمل جو هڪ اهڙو ته پئمانو جوڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ لطيف جي سٽ سٽ ۽ لفظ لفظ ۾ سنڌ جي ماضي حال ۽ مستقبل جي تصوير چٽيل آهي. تاج جويي سدائين پنهنجي قافلي جي جوانن کي لطيف جي آواز ۾ سڏ پئي ڪيا آهن ته:
سُوري سَڏ ٿيوم، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيوم، نالو نينهن ڳنهن جي.
تاج جويو سچ ته سدائين منهنجي تصور ۾ سنڌ جي حقن ۽ آزاديءَ جي حاصلات لاءِ لطيف جي هن بيت جي هِنن لفظن مان اُڀامي ذهن ۾ سوجهري جيان نِکري پوندو آهي ته:
ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪُند هٿن ۾، اَڙل وڇيڙا هيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو.
تاج جويو سنڌ جو اهڙو اَٽل، اَرڏو ۽ بيباڪ سورمو آهي جنهن لطيف جي لفظن ۾ سَسيءَ بڻجي به سدائين پئي چيو آهي ته:
اي نه مارن ريت جئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.
تاج جويو لطيف جي سُر رامڪليءَ جو اُهو جوڳي به آهي جنهن ڪنهن به طلب ۽ طعام کي ٺُڪرائي، اُڃ کي پِيءُ، من کي ماري مُڃ ڪري، سُڃ جهاڳي وَسنئن کي ويجهي ٿيڻ جي تمنا ۾ لطيف جو لاهوتي به بڻيو آهي ته سامي به:
جوڳيءَ تي جَڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تَڙاءُ، ڪنوارن ڪڪوريو.
يا ٻئي بيت جي تصويري تشڪيل هيئن به ڪئي اٿس ته:
ڪَن ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪَن جي ڪٽائين،
لاهوتي لطيف چئي، ماڳ نه مٽائين،
جي خوديءَ کي کائين، هلو! تَڪيا پَسون تن جا.
تاج جويو سنڌ جو اُهو کاهوڙي ڪردار آهي جنهن سيد جي فڪر، فلسفي ۽ نظريي تحت سدائين سنڌ جي سياست کي پنهنجو ايمان ڄاتو آهي. سنڌ جي کنڀي گُم ڪيل جوانن جي لاءِ ڪئي سالن کان لاڳيتو سڄي سنڌ ۾ سَراپا احتجاجن، بُک هڙتالن ۽ ٻين سلسلن ۾ اڳيان اڳيان رهي پنهنجي فرض جي عملي طور تي پورائي ڪندي، هن عمر ۾ به ٿڪو ناهي بلڪه اڳي کان به اڳرو ٿو رهي. اِها بيباڪي کيس هن دور جو قومي هيرو قرار ڏئي ٿي.
قومي سياست سان گڏ ادب جي دنيا ۾ به هن جو ڪم ڏاڍو گهڻ پاسائون ۽ سگهارو آهي. هڪ شاعر، اديب، بهترين مُقرر، طبعزاد ليکڪ، ترجمي نگار، سهيڙيندڙ ۽ ترتيب ڪار، لطيف جو پارکو ۽ سندس مختلف پاسن تي سندس لکيل ليک ۽ ڪم سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
تاج جويو جتي لطيف جيان جمالياتي آهي ته سچل جيان جلالي به آهي، سيد جيان اَڻٿڪ، اَڻ جهل، اَرڏو، پنهنجي مزاج ۾ اَهنسائي به آهي ته ظاهر ۾ بي رنگ مٽيءَ جا سڀئي رنگ سندس روح ۾ انڊلٺ جيان کڙندا رهندا آهن ۽ هُو سارنگ جا من ۾ سڀاوَ سمائي وستي وستي پنهنجن خيالن جا مينهن وسائيندو رهندو آهي ۽ ويران ۽ بنجر ٿي ويل ذهنن کي سرسبز ۽ تازو توانو بڻائي هڪڙي نئين سنڌ جي اَڏاوت جا خواب اکين ۾ سمائي مُسلسل جاڳي ۽ سڄي سنڌ کي جاڳائي رهيو آهي. سندس سَڏن جا پَڙاڏا لفظن جي پکيئڙن جي رُوپ ۾ آزاديءَ جي آڪاس تي اُڏرندي، ٻرندڙ ڌرتيءَ تي گهاٽي ڇانوَ پکيڙي رهيا آهن. سچ ته تاج جويو، اياز جي هن بيت جو چِٽو، اُجرو ۽ عملي ڪردار به آهي جنهن کي هي بيت ڀيٽا ڪرڻ خود هن بيت جي نئين تشريح ٿئي ٿي ته:
هي جو پوڙهو جُهور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾،
اڃان ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور،
سوچي ڏسي ڏُور، ايندڙ آرڻ ڏينهڙا.
سچ ته تاج جويي ۾ هوشوءَ جي هشمت، هيمون جي همت، روپلي جي بهادري، دودي جي دل، راجا جو روح، بلاول جي بهادري، شاھ عنايت جي شعور جا شُعلا، پَرچوءَ جي بي ڊپائي، حَشوءَ جي ڏاهپ، سيد جي سچائي ۽ بيباڪي به شامل آهي. اڄ جڏهن سنڌ جي ايتري سگهه تاج جويي جهڙي وطن جي واهرو ۾ پيدا ٿي آهي ته اُهو هن مٽيءَ جو ئي ڪمال چئي سگهجي ٿو. تنهنڪري به تاج جويو، اياز جي شاعراڻي گَرجندڙ آواز ۾ سُتل سنڌ کي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏيندي چوي ٿو ته:
ڀَڙڪ وري ڀنڀٽ، ڪئي سال سُتو رهين،
ڪَڙڪ دلين جي ڌَڙڪ تي، وِلهه ۾ ڪر واڄٽ،
شُعلا شُعلا واءَ ۾، چڻنگون چڻنگون پَٽ،
ڍاٽي نڪرن ڍَٽ، ڄرڪي تنهنجي ڄاڻ مان.
وطن جو عشق به عجيب رنگ وکيري ٿو جو ماڻهوءَ اُن رنگ ۾ پنهنجو رنگ ملائي هڪ نئين رنگ جي تخليق ڪري اَمرتا جا نوان نوان اُهڃاڻ پيدا ڪري ٿو. تاج جويي سڄي زندگي هر پاسي کان مُسلسل جدوجهد ڪندي ڪٽي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس سياسي پاسي کان علاوه علم ۽ ادب وارو رُخ به سندس ئي مُتحرڪ ڪردار ۽ مزاج جو آئينو آهي. هر ڀيري نئين کان نيئن جي تلاش ۾ سرگردان رهندڙ هي جاکوڙي ڪردار اڄوڪي هيڻي سنڌ جو هڪ ڀرپور ۽ سگهارو ڀرجهلو آهي. هي ڪانئر کي للڪاريندي، ڪڏهن به پُٺتي نه هٽيو آهي بلڪه سدائين اڳتي کان اڳتي وڌندي وطن جي وارثي ڪندي عقوبتون سهندو رهيو آهي ۽ عمل جي ميدان کان وٺي شاعري، مضمون نگاري، آتم ڪٿا يا جيل ۾ قيد هوندي به پنهنجي تخليقي ڪم کي نڀائيندي به خطن وسيلي پنهنجن جذبن جي اُپٽار ڪرڻ جو سگهارو هُنر به تاج جويي وٽ تمام گهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته هُو ڄاڻي ٿو ته سنڌي تخليقي ادب ۾ نظرياتي ادب جو هجڻ هڪڙي وڏي وٿ آهي. جماليات سان گڏ مزاحمت جو رنگ ملي جڏهن تخليق جي آڏاڻي تي اُڻبو آهي ته هر جمالياتي شيءِ علامت نگاريءَ جو ويس ڍَڪي مزاحمت جو رُوپ ڌاري وٺندي آهي. اهڙو ادب اڄوڪي دور ۾ بنهه گهٽ بلڪه نه هجڻ جي برابر آهي. جنهن جي کوٽ سبب نظرياتي پُختگي ۽ نئين سنڌ جي مزاحمتي تاريخ لکجڻ وارو سلسلو رُڪجي ويل محسوس ٿئي ٿو.
اڄ جي ناشناس دور ۾ نه نظرياتي پُختگي وارو ماحول آهي نه ئي نظرياتي سياست جو اُتساھ بخشيندڙ ڪردار. هر ڪو گُهلندڙ هوا جي رُخ تي هلي رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ اَٽي ۾ لُوڻ برابر ئي سهي پر اڳئين نظرياتي ۽ فڪري دور جي عقوبتن بابت لکيل ادب، هِن هيڻائي واري دور ۾ ڪيڏو نه ٻَل بڻجي پوي ٿو ۽ اُن دور جي سموري عڪاسي اکرن مان اُڀامي تصور ۾ ڪنهن فلم جيان هلڻ شروع ٿي وڃي ٿي.
اهڙي ئي تخليقي نظرياتي ادب جي سلسلي جي ڪڙي تازو سائين تاج جويي جي جيل مان لکيل خطن جو ڪتاب “ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا…” ڇپجي آيو آهي. هي جيل مان لکيل خط دراصل “جيل جي ڪهاڻي، خطن جي زباني” طور هڪ دور جي چٽي آرسي آهن.
هي ڪتاب سائين تاج جويي جي جيل مان لکيل مُنير شاھ ذاڪريءَ ڏانهن خطن جو هڪ اهم ڪتاب آهي. سائين تاج جي جيل ڊائري “کوليءَ تي چنڊ چمڪيو” ۽ “ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا”، “ايشيا جي ماڊل ڊڪيٽيٽر، ضياءُالحق جي ڪاري اُونداهي دور ۾ تاج جويي جي 19 اپريل 1980ع کان مارچ 1982ع تائين” جي سچي وارتا جو پورو نقشو آهي.”
تاج جويي هن ڪتاب جي مهاڳ “ڪٿا هن ڪتاب جي” ۾ لکيو آهي ته، “منهنجي 1981ع ۾ ڇپيل جيل ڊائري” کوليءَ تي چنڊ چمڪيو ۽ هي ڪتاب “ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا (جيل جي ڪهاڻي، خطن جي زباني: جلد پهريون). منهنجي جيل-ڪٿا يا “تُرم ياترا” جو تحريري داستان آهن.”
“ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا” تاج جويي جي جيل جي خطن ۾ جيل جي ماحول جي عڪاسي، قيدين جي نفسيات، قومي ڪارڪنن جي ڇُڙواڳي تي نظر رکندي سندن پرورش ڪرڻ، نظرياتي پُختن ذهنن جي عملي ۽ تربيتي پالنا ڪرڻ ۽ ان لاءِ جاکوڙڻ، مطالعي کي پنهنجو معمول بڻائڻ ۽ مختلف دنيا جي ادب جي نظرياتي لکڻين جا پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪرڻ، جيل جي دنيا ۾ رهڻ کي هڪ هُنر طور ڄاڻڻ، جيل ۾ هوندي به پنهنجي اصل مقصد کي سڀ کان اڳيان رکي ان تي عمل ڪندي جابر قوتن آڏو اَٽل ٿي بيهڻ ۽ مليل سزائن کي اعزاز ڄاڻي اوچي ڳاٽ سان قبول ڪرڻ، جيل جي عام روايتي ماحول کي پنهنجي مقصد جو رُوپ بخشڻ، سڀني کي پنهنجائڻ ۽ کين قوميت جو درس ڏيڻ، مختلف نظرياتي پروگرام ڪرڻ، ليڪچر پروگرام ڪرڻ جهڙا اصول اپنائي سائين تاج جويي ۽ سندس هم خيال دوستن جي جدوجهد جا شاندار حوالا هن جيل جي خطن ۾ قلمبند ٿيل آهن.
152 صفحن تي مُشتمل هي خطن جو ڪتاب سنڌ جي ڀٽڪندڙ نسل کي هڪڙو نظرياتي ۽ وطن دوستيءَ تي آڌاريل گس ڏئي ٿو. اهڙو گَسُ ۽ ڏَسُ تاج جويي جي جيل ڪهاڻيءَ جو هي ڪتاب پيش ڪري ٿو جنهن تي هلندي روح تي چڙهيل حالتن جي مايوسين جا زنگ لهي، دل ۽ دماغ کي اُتساھ ۽ ويساھ بخشي تازو توانو ڪري ڇڏين ٿا.
هي جيل مان لکيل خط حقيقت ۾ پَڪي، پُختي ۽ مُڪمل نظرياتي سوچ ۽ اُن تي ٿيل عمل جي اُتساهيندڙ هڪ اهم سياسي تاريخ آهي. “جتي تاج جويو پنهنجي زندگيءَ جو ۽ پنهنجي نصب العين جو قيدي هو. جتي سندس روح ته ڪوٽن ۾ قابو ٿي نه سگهيو پر هوا ۽ خوشبوءِ وانگر، سندس جُسو زنجيرن ۾ محصور هو. اُن ڪَرب ۽ ڪيفيت کي سندس لفظ ۽ جُملا، بيان ڪرڻ کان قاصر آهن، صرف لطيف جي شاعري ئي اُنهيءَ ڪَرب، حالت ۽ ڪيفيت کي اظهاري سگهي ٿي”
سُتي لَڌم“سُوهڻو”، کٿيءَ ۾ خاصو،
وُٺا مينهن ملير تي، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جان پاسو، ته جُسو جنجيرن ۾!
تاج جويو سنڌ جو اهو فرض شناس ۽ ڪميٽيڊ شخص آهي جنهن سان ملي سدائين روح تازو ٿي پوندو آهي. ساڻس ملي لطيف جو هي بيت ڪنهن پکيءَ جيان ڀَڙڪو ڏئي ذهنن تي اُڏامي ايندو آهي ته:
ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏُور ٿئي،
تن! تنين سين ڪَٽ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
***