بلاگنئون

زيبسٽ جي ماتحت اسڪول “دليجان ملڪ” تعليم جي نالي تي ڪاروبار يا ذميوارين کان لاتعلقي؟

سنڌ ۾ تعليم جي بهتري جي نالي تي سرڪاري اسڪولن جو انتظام خانگي ادارن حوالي ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته اسڪولن جو معيار بهتر ٿيندو، شاگردن کي جديد سهولتون ملنديون ۽ تعليمي نظام ۾ مثبت تبديلي ايندي. ان سلسلي ۾ SZABIST  جهڙي اداري کي به ڪيترن ئي اسڪولن جي ذميواري ڏني وئي. پر گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول دليجان ملڪ جي موجوده صورتحال ڪيترن ئي سنگين سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي.

اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب ته موجود آهي، جيڪا ڪنهن به جديد تعليمي اداري لاءِ هڪ اهم سهولت سمجهي وڃي ٿي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اها مڪمل طور غير فعال آهي، نه رڳو اهو، پر اسڪول ۾ ڪمپيوٽر استاد به مقرر ٿيل ناهي، جنهن سبب شاگرد ڪمپيوٽر جي بنيادي تعليم کان به محروم آهن. جديد دور ۾، جڏهن ڪمپيوٽر جي ڄاڻ بنيادي ضرورت بڻجي چڪي آهي، اهڙي لاپرواهي شاگردن جي مستقبل سان ناانصافي جي برابر آهي. ساڳي طرح، اسڪول ۾ ڊسپينسري به قائم آهي، پر اها پڻ غير فعال آهي. نه دوائون موجود آهن ۽ نه ئي ڪو ڊسپينسر مقرر ٿيل آهي. شاگردن جي صحت ۽ هنگامي حالتن لاءِ جيڪا سهولت هجڻ گهرجي، اها صرف نالي ماتر رهجي وئي آهي. اسڪول ۾ 24 واش رومز موجود آهن، جيڪو هڪ مثبت پهلو ٿي سگهي ها، پر پاڻي جي کوٽ سبب اهي سڀئي واش رومز غير فعال آهن. نتيجي طور شاگردن کي انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پيئڻ جي پاڻي لاءِ مشينون به لڳل آهن، پر اهي به غير فعال آهن، جنهن ڪري صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت به شاگردن کي ميسر ناهي. تعليمي معيار جي نگراني لاءِ اسڪول ڪوآرڊينيٽر جو ڪردار انتهائي اهم هوندو آهي، پر هتي ڪوبه فعال ڪوآرڊينيٽر موجود ناهي، جيڪو باقاعدگيءَ سان صفائي، تدريسي معيار ۽ تعليمي نظام جي صحيح عملداري کي يقيني بڻائي سگهي. ان جو سڌو اثر تعليم جي معيار تي پئجي رهيو آهي. جڏهن ته هن اسڪول ۾ هن وقت ڪلاس 1 کان 10 تائين 940 شاگرد داخل ٿيل آهن، جن جو تدريسي عمل انهن سڀني شين جي ڪري متاثر ٿي رهيو آهي. استادن لاءِ موجود ڪرسيون ۽ صوفا سيٽ به پراڻا، ٽٽل ۽ ناقابل استعمال ٿي چڪا آهن، جيڪي نه رڳو استادن جي عزت نفس کي متاثر ڪن ٿا، پر هڪ غير سنجيده ماحول جي نشاندهي پڻ ڪن ٿا. هڪ استاد کي عزت ۽ سهولت ڏيڻ، معياري تعليم لاءِ بنيادي شرط آهي.

والدين ۽ استادن جي وچ ۾ رابطي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پيرنٽ، ٽيچرز ميٽنگ انتهائي اهم هوندي آهي، پر افسوس سان هتي اهڙيون گڏجاڻيون به منعقد نه پيون ڪيون وڃن. ان کان علاوه شاگردن لاءِ طئي ٿيل تعليمي سير سفر به بغير ڪنهن سبب جي منسوخ ٿيل آهن، جنهن شاگردن ۾ مايوسي پيدا ڪئي آهي. استادن لاءِ به ڪنهن تربيتي يا تفريحي دوري جو اهتمام نه ڪيو ويو آهي، جنهن سان سندن پيشاوراڻي ترقي متاثر ٿي رهي آهي. اسڪول ۾ فوٽو اسٽيٽ مشين هجڻ باوجود غير فعال آهي، جنهن سبب روزمره جي تدريسي ضرورتن ۾ به مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ذميوار ذريعن موجب، انهن سڀني مسئلن بابت اعليٰ اختيارين کي بار بار آگاهه ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي. لاڳاپيل اختيارين سان ملاقات جون ڪوششون به ڪيون ويون، پر مسئلا اڃان تائين حل طلب آهن.

هي صورتحال ڪيترن ئي اهم سوالن کي جنم ڏئي ٿي، جيڪڏهن سهولتون صرف ڪاغذن تائين محدود رهنديون ته تعليم جو معيار ڪيئن بهتر ٿيندو؟ ۽ جيڪڏهن بنيادي سهولتون موجود هجن، پر غير فعال هجن ته شاگرد جديد تعليم سان ڪيئن هم آهنگ ٿيندا؟

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڳاپيل ادارا ۽ اختياريون فوري طور هن صورتحال جو جائزو وٺن ۽ عملي قدم کڻن. تعليم ڪنهن به قوم جو مستقبل هوندي آهي ۽ ان سان لاپرواهي دراصل مستقبل سان لاپرواهي آهي. سنڌ جي ٻهراڙي جا شاگرد به ساڳين سهولتن ۽ ساڳين موقعن جا حقدار آهن، جيڪي شهرن ۾ موجود آهن. جيڪڏهن تعليم جي نالي تي صرف عمارتون ۽ دعوائون هونديون ۽ عملي طور سهولتون غير فعال رهنديون ۽ انهن جو شاگردن کي ڪوبه فائدو حاصل نه هوندو ته پوءِ تعليم جي سڌاري جا دعويٰ بي معنيٰ ٿي ويندا.

وقت جي اهم ضرورت آهي ته تعليم کي هڪ ذميواري سمجهي، عملي طور بهتر بڻايو وڃي، جيئن شاگردن جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻجي سگهي.