سنڌ حڪومت جي ان اعلان کي جنهن ۾ حڪومت چيو آهي ته رمضان شريف جي عيد کانپوءِ نوڪرين تان بندش هٽائي ويندي، ان اعلان جي سنڌ جو پڙهيو لکيو بيروزگار نوجوان آجيان ڪري ٿو.
سنڌ جا نوجوان ويچارا تعليم حاصل ڪري گهرن ۾ ويهي وڌيڪ پريشان ٿي رهيا آهن انهن کي ان اعلان مان خوشي ٿي آهي. سمجهن ٿا ته انهن کي نوڪريون ملنديون ته سندن معاشي مسئلا ڪنهن حد تائين حل ٿي ويندا، کين مستقبل ۾ بهتر زندگي ملي ويندي. هڪ طرف بيروزگار نوجوانن ۾ خوشي جي لهر آئي آهي ته ٻئي طرف نوڪريون پئسن تي وٺي ڏيڻ واري مافيا تمام گهڻي خوش ٿي آهي. هرهڪ نوڪريءَ جا ريٽ الڳ الڳ مقرر ٿي ويندا ۽ جيڪو هوشيار، پر غريب نوجوان هوندو اهو انهيءَ نوڪريءَ جي حاصل ڪرڻ ۾ شايد ناڪام ويندو. ڪجهه وقت پهرين کان اهڙي قسم جون نوڪريون ايستائين جو پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ورتل امتحان به متنازع بڻيل آهن، جن جا ڪيس هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ هلي رهيا آهن. انهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهي نوڪريون ڪروڙين رپين ۾ وڪرو ٿيون آهن، ان ڪري ئي مافيا جيڪا نوڪريون ڏياري ٿي اها وڌيڪ خوش آهي. هاڻي جنهن وٽ تمام گهڻا پئسا هوندا انهن کي نوڪريون ملنديون. هڪ پٽيوالي جي لاءِ به 8 کان 10 لک رپيا ريٽ ٻڌايو وڃي ٿو. ڇا ان طرف سنڌ گورنمينٽ جو ڌيان ويندو ته سرڪاري نوڪريون سنڌ جي عوام جو بنيادي حق آهن. ڇو ته حڪومت جو فرض آهي ته اها نوجوانن جي لاءِ روزگار جي ذريعا مهيا ڪري ۽ انهن کي ميرٽ تي نوڪريون مهيا ڪري. جيڪڏهن اهڙو ڪوبه اسڪينڊل سامهون اچي ٿو جنهن ۾ نوڪرين جي وڪامجندڙ جو چرچو عام ٿئي ٿو ۽ ان جا ثبوت به مهيا ٿين ٿا ته اهڙن ماڻهن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن. بيروزگاري سنڌ جو وڏو مسئلو آهي جيڪڏهن حڪومت سڀني شعبن ۾ ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته نوڪرين جو انگ به چڱو خاصو هوندو ۽ جيڪڏهن نوڪريون ميرٽ تي مليون ته حڪومت جي ساراهه ٿيندي ۽ جيڪڏهن مافيا جي ذريعي مليون ته پوءِ سنڌ جو عوام نه صرف شڪايت ڪندو بلڪه پنهنجو منفي رد عمل به ڏيندو جنهن سان حڪومت جي ساک کي ڌڪ رسندو، پر جيئن ته نوڪري ڏياريندڙ مافيا ايتري ته مضبوط آهي جو انهن جو رابطو انٽرويو وٺڻ وارن کان وٺي امتحان ۾ پاس ڪرڻ وارن تائين ۽ آخر ۾ نوڪريءَ جو آرڊر هٿ ۾ ڏيارڻ تائين هوندو آهي.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي نوڪريون عوام جو حق آهن انهن کي وڪڻي مٿي ڄاڻايل ڌريون ان مان پنهنجو پنهنجو حصو وٺن ٿيون. ڪجهه وقت پهرين استادن جون ڀرتيون ميرٽ تي ٿيون هيون انهن کان انٽرويو آءِ بي اي سکر ورتا هئا، انهن جون مارڪون ڪمپيوٽر تي آنديون ويون ته جيئن هرڪو ويهي ڏسي سگهي، ان شفاف عمل جي ڪري فائدو اهو ٿيو جو ڪيترائي غريب شاگرد جيڪي ميرٽ تي پاس ٿيا اڄ اهي استاد طور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نهايت محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن. اي ڊي خواجه جي دور ۾ سپاهين کي پڻ سنڌ پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو هو ۽ انهن سپاهين کي سندن آرڊر گهر ويٺي پوسٽ جي ذريعي مليا هئا. ان ڳالهه تي نوڪري مافيا ڏاڍو ناراض ٿي هئي ڇو ته سندن اربين رپيا ميرٽ تي نوڪرين ملڻ جي ڪري ضايع ٿي ويا. هاڻي ٽيڪنالاجي ايتري ترقي ڪري وئي آهي جيڪڏهن ان کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي ته نوڪرين لاءِ ورتل امتحان شفاف ٿي سگهن ٿا، ميرٽ تي نوجوانن کي روزگار ملي سگهي ٿو ۽ جيڪي نوجوان ميرٽ تي چونڊجي ايندا انهن جي معاشي حالت بهتر ٿيندي معاشري ۾ بهتري ايندي ترقي جو عمل شروع ٿيندو ۽ اهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو هوندا.
ان عمل سان حڪومت جي ساک ۾ اضافو ايندو ويندو ۽ حڪومت ۾ ويٺل پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. اميد گهٽ هجڻ جي باوجود اسان جو سنڌ حڪومت کان پُرزور مطالبو آهي ته هن وقت تائين جيڪو ٿيو اهو ماضيءَ جو قصو بڻجي ويو آهي، پر هاڻي ميرٽ جي لتاڙ نه ٿيڻ گهرجي. هوشيار ۽ حقدار پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوانن کي روزگار ملڻ گهرجي، ڇو ته هنن سالن جا سال ان ڪري پڙهائي ڪئي آهي ته سندن تعليم جي عيوض کين بهتر روزگار ملي سگهندو جنهن سان هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪري سگهندا.