سنڌ جي امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب کان خراب ٿي رهي آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا دانهون ڪري ٿڪجي پئي آهي، پر سنڌ حڪومت جا ارباب اختيار اکيون پوري چئي رهيا آهن ته سنڌ اندر امن امان جي صورتحال باقي ملڪ کان بهتر آهي. امن امان قائم ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. ڇا پوليس امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائي رهي آهي؟ پوليس امن امان ان وقت ئي قائم ڪري سگهي ٿي جڏهن بدامني ڦهلائيندڙن سان مقابلو ڪري، انهن سان وڙهي ۽ انهن کي قابو ڪري عدالتن ۾ پيش ڪري، پر سنڌ ۾ ته چرخو ابتو هلي پيو، بجاءِ ڏوهارين سان وڙهڻ جي سنڌ پوليس جا آفيسر پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. سپاهي ۽ اي ايس آءِ ليول جا ڦڏا ته نظر ايندا هئا، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته هن وقت ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ليول جا آفيسر هڪٻئي جي سامهون بيهي پاڻ ۾ وڙهي ۽ هڪٻئي کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هي ٻئي آفيسر سکر ڊويزن سان واسطو رکن ٿا، جتي اغوا، ڦر، قتل ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. هتي سرداري نظام جا چنبا ڪمزور ماڻهن جي ڇاتين ۾ باز وانگر کتل آهن ۽ عام ماڻهو جڏهن ڏسي ٿو ته سرڪار جا آفيسر سندن حفاظت نٿا ڪن ته پوءِ هو مجبور ٿي سردارن جي پيرن ۾ پئجي پنهنجي جان جي امان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهيءَ جي لاءِ هو ڀتو پڻ ڀرين ٿا. گهوٽڪي جي ايس ايس پي ڊاڪٽر حفيظ بگٽي، سکر ڊويزن جو ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ راونتي ٿاڻي جو ايس ايڇ او شڪور لاکو هن وقت ميڊيا ۾ خبرن جي زينت بڻجي رهيا آهن. سرڪار سڳوري ماضي وانگر آرام جي ننڊ ستي پئي آهي. وزير داخلا کي سنڌ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪابه ضرورت درپيش نٿي اچي نه ئي انهن آفيسرن کي جن هڪٻئي تي الزام هنيا آهن انهن کي ڪنهن عدالتي ڪميشن جي آڏو پيش ڪرڻ جي اڳڀرائي ڪئي وڃي ٿي ته جيئن عوام کي خبر پئجي سگهي ته هنن مان ڪير سچو آهي ۽ ڪير ڪوڙو آهي. صرف انهن کي بدلي ڪيو ويو آهي. ها شڪور لاکو جيڪو سب انسپيڪٽر آهي ان تي ايف آءِ آر داخل ڪري ان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عوام صرف اهو ڏسي رهيو آهي ته ان ليول جا آفيسر ڄنڊا پٽ ڪري رهيا آهن، هڪٻئي کي ڏوهي ثابت ڪري رهيا آهن ۽ هڪٻئي جي لاءِ اخلاق کان ڪريل لفظ استعمال ڪري رهيا آهن ته پوءِ عوام کي اهڙن آفيسرن تي اعتماد ڪيئن رهندو؟ جڏهن ڊي آءِ جي سکر آءِ جي سنڌ پوليس کي خط لکي ٿو ته گهوٽڪي جو ايس ايس پي ڌاڙيلن سان جهٽ آهي تڏهن به سرڪار سڳوري کي هوش نٿو اچي ۽ جڏهن ايس ايس پي گهوٽڪي پنهنجي ئي ايس ايڇ او جي مٿان ميڊيا جي سامهون الزام هڻي ٿو ۽ ان تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي گرفتار ڪرائي ٿو ته هن جو ڌاڙيلن سان واسطو آهي ته پوءِ اتان جي ماڻهن جي خوف جي حالت اسين سڀ سمجهي سگهون ٿا. هن وقت ايس ايڇ او شڪور لاکو قتل جي ڪيس ۾ گرفتار آهي، قتل ان ماڻهو جو ٿيو آهي جنهن جو نالو عمر شر آهي جنهن جي مٿان ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن قتلن جا، ڌاڙن جا ۽ ان جي مٿان سنڌ سرڪار هڪ ڪروڙ جو انعام پڻ رکيو هو ۽ انهي عمر شر کي ايس ايس پي گهوٽڪي مظلوم ڪري پيش ڪري رهيو آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي سردارن کي ٻانهون ٻڌندي نظر اچي ٿو. هو چاهي ٿو ته سردار ويهن جرڳا ڪن ته جيئن ڪجهه وقت جي لاءِ امن ٿئي، قاتل آزاد گهمندا وتن، سردارن جي حڪومت قائم رهي ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ حالتون وري ساڳيون ٿي وڃن. اهڙن ڪمزور آفيسرن کي وڏين پوسٽن تي ڪيئن رکيو ٿو وڃي اهو سوال چٽاڀيٽي جو امتحان وٺندڙ اختيارين کان پڻ آهي ته ڇا اهي نفسياتي ٽيسٽ نه ڪندا آهن پوري ضلعي جو ڪماني چند سردارن کي منٿون ڪندو نظر اچي ۽ پنهنجي ئي ايس ايڇ او کي گرفتار ڪرائي صرف ان ڪري ته هڪ سردار کي خوش ڪرڻو آهي، عوام جو مطالبو آهي ته هن سڄي معاملي جي عدالتي ڪميشن انڪوائري ڪري. عدالتي ڪميشن ان ڪري ضروري آهي ته عدالت جا جج هنن سڀني کي گهرائيندا ان سردار کان به پڇندا ته تون پاڻ سان گڏ هڪ روپوش قاتل ڌاڙيل کي کڻي جنهن جي مٿان سنڌ سرڪار هڪ ڪروڙ جو انعام رکيو هو، ڪچي جي علائقي ۾ ڇو وڃي رهيو هئين؟ باقي پوليس جي انڪوائري مان ڪا ڳالهه ثابت نه ٿيندي نه ئي انهن آفيسرن کي جيڪي هڪٻئي کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ڪا سزا ايندي. سمجهه ۾ ايئن ٿو اچي هٿ وٺي خوف جي ماحول کي جوڙيو ٿو وڃي ۽ انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو صرف جيئڻ جي لاءِ ڌاڙيلن، سردارن، آفيسرن جا ڏن ڀرائو ٿي ويا آهن انهيءَ طرف سنڌ سرڪار جو ڪوبه ڌيان نه هجي ٿو. انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي عوام کي امن ۽ انصاف ڏيڻ جو سنڌ سرڪار جو اولين فرض آهي ۽ پوليس جو ڪم قانون جو نفاذ ڪري امن امان قائم ڪرڻ آهي، پر هن وقت لڳي ايئن رهيو آهي ته پوليس جي اندر ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ ۽ انهن جي ڌر بڻجي بيهڻ جو رواج اڀري سامهون اچي رهيو آهي، جنهن سان عوام جو پوليس تان ڀروسو ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان اٿندو پيو وڃي.
اميد آهي ته پوليس جون اعليٰ اختياريون اهڙن آفيسرن کي سسپينڊ ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪنديون ۽ ترقي ڏيڻ وقت اهڙن آفيسرن جا نفسياتي ٽيسٽ ڪري انهن کي اعليٰ عهدن تي موڪليو ويندو ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو درست ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري سگهن. هن وقت پوليس پاڻ ۾ وڙهي رهي آهي، افسوس جو مقام آهي ته اهڙي ماحول ۾ امن قائم ڪيئن ٿي سگهندو ۽ قانون جو نفاذ ڪير ڪندو؟