بلاگنئون

ڇهن سالن جي رياستي خاموشي: سرويچ نوحاڻي جو ڏوهه ڇا آهي؟

ڇهه سال گذري چڪا آهن. نه ڪا ايف آءِ آر، نه ڪو الزام، نه ڪا عدالت، نه ڪو فيصلو. صرف هڪ نالو…  سرويچ نوحاڻي ۽ هڪ الميو، جبري گمشدگي. سرويچ نوحاڻي کي ڇهه سال اڳ کنڀي گم ڪيو ويو. هو زنده آهي، پر رياست جي غير اعلانيل قيد ۾. هي عمل رڳو هڪ فرد خلاف نه، پر آئين، قانون ۽ انسانيت خلاف کليل جنگ آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ قانون موجود آهي ته پوءِ سرويچ نوحاڻي کي عدالت ۾ ڇو پيش نٿو ڪيو وڃي؟ ڇا رياست کي به هاڻي عدالتن کان ڊپ آهي؟ ڇا سوال پڇڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي؟ ڇا شعور رکڻ جرم ٿي پيو آهي؟ سرويچ نوحاڻي جو واحد قصور اهو هو ته هن سچ ڳالهايو، حق لکيو ۽ مظلوم لاءِ آواز بڻيو. اهڙي آواز کي دٻائڻ لاءِ کنڀڻ، گم ڪرڻ ۽ خاموشي اختيار ڪرڻ، هي ڪهڙي جمهوري رياست جو طريقو آهي؟ جبري گمشدگيون ڪنهن به مسئلي جو حل ناهن. هي رياستي ڪمزوري، خوف ۽ ناانصافيءَ جو اعتراف آهن. جڏهن رياست دليل بدران طاقت استعمال ڪري، تڏهن واضح ٿي وڃي ٿو ته سچ طاقتور ٿي چڪو آهي. ڇهن سال تائين هڪ خاندان جو انتظار، ماءُ جون دعائون، ٻارن جون سوال ڀريون نگاهون. ڇا هي سڀ ڪجهه ڪنهن فائيل ۾ بند ڪري وساري سگهجي ٿو؟ ڇا رياست سمجهي ٿي ته وقت گذرڻ سان سوال مري ويندا؟ تاريخ شاهد آهي ته سچ ڪڏهن به گم نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن سرويچ نوحاڻي ڏوهاري آهي ته الزام لڳايو، ڪيس هلايو، سزا ڏيو ۽ جيڪڏهن بيگناهه آهي ته فوري طور آزاد ڪيو، خاندان سان ملڻ ڏيو، قوم کان معافي وٺو. هي وچ وارو رستو نه الزام، نه آزادي رڳو ظلم آهي. ڇهه سال تمام گهڻو وقت آهي. هي وقت انصاف جي ناڪاميءَ جو سرٽيفڪيٽ بڻجي چڪو آهي. هاڻي خاموش رهڻ به ڏوهه آهي. هر باشعور انسان، هر قلمڪار، هر صحافي ۽ هر ادارو ذميوار آهي ته سوال پڇي  ٿو ته سرويچ نوحاڻي ڪٿي آهي؟ ۽ ڪهڙي قانون تحت قيد آهي؟ رياستن کي ياد رکڻ گهرجي ته قلم کي قيد ڪري سگهجي ٿو، سوچ کي نه، جسم کي کنڀي سگهجي ٿو، سچ کي نه. سرويچ نوحاڻي کي ظاهر ڪيو وڃي، قانون آڏو آندو وڃي ۽  انصاف ڪيو وڃي. ڇو ⁠ته انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار آهي.