بلاگنئون

داعش جو وجود ۽ آمريڪي سرگرميون

بوڪو حرام، اتر اوڀر نائيجيريا، ڪيمرون، نائيجر ۽ چاڊ ۾ ڪم ڪندڙ اسلامي ويڙهاڪ گروپ کان وٺي ڪينيا ۽ صوماليا ۾ الشباب تائين، عراق ۽ شام ۾ القائده ۽ داعش، جهڙين شدت پسند تنظيمن جو وجود اسلام جي چهري کي داغدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسلامي شدت پسندي سبب رياستي ادارن ۽ شهري آباديءَ تي دهشتگرد حملن جي نتيجي ۾ عراق ۽ شام جي سر زمين نشاني تي رهي آهي، ڪيترن ئي سالن کان انهن علائقن ۾ عدم استحڪام ۽ عدم تحفظ جو سبب بڻيل آهي. شدت پسند گروپ مختلف ذريعن ۽ پس منظرن مان نوجوانن کي ڀرتي ڪن ٿا. يعني نوجوانن مان بنيادي عنصرن جو هڪ وڏو گروهه ڀرتي ڪيو ويو آهي. هي عمر جو درجو مثاليزم ۽ دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ يوٽو پيائي عقيدي سان ڀريل آهي. نئين ميمبرن کي ڀرتي ڪرڻ ۾ ان طاقت جو بنيادي گروپن طرفان استحصال ڪيو ويو آهي. مقامي مسجد يا اسڪولن، وڊيو يا آڊيو ٽيپ يا انٽرنيٽ ۽ ايستائين جو گهر ۾ پروپيگنڊا جي بيان بازي کان ناراض ٿي، ڪجهه نوجوان جيڪي پنهنجي والدين، استادن ۽ ڪميونٽي جي قائم ڪيل قدرن کي چئلينج ڪرڻ جا عادي ٿا ويا آهن، ان لمحي کي شدت پسند ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهن مان ڪيترائي جهادي مذهبي قومپرست آهن جن کي سخت حفاظتي نظام ذريعي پنهنجن ملڪن مان ٻاهر ڪڍيو ويو. ٻاهرين ملڪن ۾، اهي شدت پسند اسلامي نيٽ ورڪ ۽ انهن جي سرگرمين جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ ۾ حڪومتن کي مشغول ڪن ٿا.

آمريڪا تي 11 سيپٽمبر جي حملي جي نتيجي ۾، ڪيترن ئي شدت پسندن کي آمريڪا خلاف ناانصافي، خوف ۽ ڪاوڙ جي احساس ۽ اسامه بن لادن پاران پيدا ڪيل اسلام جي خلاف جنگ جي جذبي جي ڪري، شدت پسندن کي ڀرتي ڪرڻ جو وڏو ذريعو بڻجي ويو. جيئن گھر ۾ پيدا ٿيندڙ ريڊيڪل، يورپ ۽ ڪئناڊا ۾ مسلمانن کي ريڊيڪل تحريڪن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڀرتي ڪيو ويو ته جيئن عالمي جهاد جو مقدمو هلي سگهي. انهيءَ سلسلي کي قائم رکندي القاعده نالي هڪ وحشي جهادي گروهه ۽ ڌار نيٽ ورڪ  وجود ۾ آيو جن خود مسلمانن کي ڪهڻ شروع ڪيو جنهن لاءِ چيو ويو ته اهو گروهه خود آمريڪا جي پيداوار آهي جنهن ۾ مردن سان گڏ عورتون خودڪش حملن لاءِ ڀرتي ڪيون ويون، چيچنيا کان وٺي نائيجيريا ۽ فلسطين تائين، نوجوانن ۽ ٻارن سميت عورتن کي پڻ ڪاميابي سان ڀرتي ڪيو ويو آهي ۽ خودڪش حملن کي انجام ڏيڻ ۾ مقرر ڪيو ويو، جنهن کي اسلامي انتهاپسنديءَ جو نالو ڏنو ويو. انهيءَ شدت پسند ٽولي عراق کانپوءِ الجزائر، مصر، ڪشمير چيچنيا ۽ افغانستان ۾ پنهنجا ديرا ڄمايا جيڪي شدت پسند عناصرن جي تربيت لاءِ محفوظ پناهه بڻجي ويا. ايتري تائين جو هر طرف افراتفري ۽ عدم استحڪام پکڙجڻ لڳو، پر وقت گذرندي ڊرامائي انداز ۾ اسامه بن لادن پاڪستان جي حدن ۾ ماريو ويو ۽ سندس لاش سمنڊ ۾ اڇلايو ويو. اهڙيءَ ريت القاعده جو وجود ختم ڪري افغانستان ۾ اقتدار طالبان حوالي ڪري آمريڪا خاموشيءَ سان واپس هليو ويو. عراق ۾ صدام حسين جو خاتمو آڻي واپس هليو ويو. مطلب ته آمريڪا پوري دنيا ۾ پنهنجا ڇاڙتا ڇڏي پنهنجو نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويٺو آهي. گذريل ڏينهن ڪابل ايئرپورٽ تي دهشتگرد حملي جي ماسٽر مائينڊ کي پاڪ- افغان سرحد وٽان گرفتار ڪيو ويو، گرفتار داعش ڪمانڊر شريف الله آمريڪي شهري آهي، سيڪيورٽي ذريعن موجب شريف الله عرف جعفر کي خصوصي آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو.

26 آگسٽ 2021ع تي حملي ۾ ملوث شريف الله آمريڪي انٽيليجنس جو هاءِ ويليو ٽارگيٽ هو، آمريڪي خبر ايجنسي موجب آمريڪي اختيارين کي 10 ڏينهن اڳ گرفتاري جو اطلاع ڏنو ويو هو، رپورٽ موجب نئين سي آءِ اي ڊائريڪٽر عهدو سنڀالڻ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان ۾ سينيئر انٽيليجنس اختيارين آڏو ڪابل حملي جو معاملو اُٿاريو هو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا، آمريڪا سان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڀائيواري جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو، وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان سدائين دهشتگردي خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اُن جو مقصد دهشتگردن کي محفوظ ٺڪاڻا مهيا ڪرڻ کان روڪڻ ۽ ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف ڪارروائي لاءِ جاءِ نه ڏيڻ آهي، دهشتگردي جي سمورين صورتن خلاف جنگ جاري رکي ويندي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ فوجين ۽ شهرين جي جانين جي قرباني شامل آهي، ملڪ مان دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون. جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪابل ۾ آمريڪي فوج تي حملي ۾ ملوث داعش ڪمانڊر جي گرفتاري تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا، آمريڪي ڪانگريس کي پهرئين خطاب ۾ ٽرمپ چيو ته افغانستان مان شرمناڪ واپسي وقت داعش حملو ڪري 13 آمريڪي اهلڪارن کي قتل ڪيو، اهو ٻڌائيندي خوشي ٿئي ٿي ته افغانستان ۾ دهشتگردي جو ذميوار پڪڙ ۾ اچي ويو آهي، کيس انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ لاءِ آمريڪا آندو پيو وڃي، دهشتگرد جي گرفتاريءَ ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪستان جا خاص ٿورا مڃون ٿا، پاڪستان ڪابل ايئرپورٽ تي حملي ۾ ملوث داعش ڪمانڊر محمد شريف الله کي پاڪ- افغان سرحد وٽان گرفتار ڪيو هو، هوڏانهن آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار مائيڪل والٽر جو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان فون تي رابطو ڪري دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي ڪوششن تي ٽرمپ انتظاميه طرفان ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ٽرمپ انتظاميا سوڌو آمريڪا سان پائيدار لاڳاپا وڌائڻ گهري ٿو. نائب وزيراعظم پاران دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ آمريڪا سان سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف آمريڪي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر جان ريٽ ڪلف جو چوڻ آهي ته هن آمريڪي صدر جي هدايت تي پاڪستاني عملدارن سان ڳالهايو هو ۽ چيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ کيس داعش ڪمانڊر محمد شريف الله کي گرفتار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز آمريڪي هدايت تي داعش ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو. ان سڄي صورتحال کي مدنظر رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته آمريڪا جا ڇاڙتا پوري دنيا ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن چاهين ته کين گرفتار ڪن ۽ جڏهن چاهين کين ڪنهن ملڪ تي قابض ٿي وڃي. پوري دنيا سمجهي چڪي آهي ته تمام ملڪن ۾ دهشتگرديءَ جو باني خود آمريڪا آهي.