خاصنئون

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيل ۽ گيس جا ٻه وڏا ذخيرا دريافت

قوم لاءِ هڪ خوشخبري سامهون آئي آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گئس ۽ تيل جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جنهن سان گئس جي بحران ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ مطابق تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي تلاش جي مهم ۾ لاڳاپيل ادارن کي ٻه وڏيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن جنهن سان ملڪ ۾ قدرتي گئس جي ڪمي پوري ڪئي ويندي. انهن ڪاميابين جي باري ۾ پي پي ايل جي انتظاميه پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي موڪليل خط ۾ به آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 152 بيرل روز ڪچو تيل ۽ مجموعي طور تي 39.30 ملين ڪيوبڪ فوٽ روزانه قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن. خط ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي علائقي خيرپور، لطيف بلاڪ جي بٽرو-1 کوهه ۾ 2 ڪروڙ 86 لک ڪيوبڪ فوٽ روزانو گئس جي ذخيرن جي دريافت ٿي آهي ۽ اها دريافت پي پي ايل ٻين ڪمپنين جي گڏيل اشتراڪ سان ڪئي آهي. خيرپور جي ان کوهه مان 152 بيرل ڪچو تيل روز جي پيداوار حاصل ٿيندي. جڏهن ته بلوچستان جي علائقي قلات ۾ واقع چڪتن لائين ۾ مرگينڊ کوهه مان هڪ ڪروڙ 7 لک ڪيوبڪ فوٽ گئس دريافت ٿي آهي.