خاصنئون

وبا پکڙجڻ جو خطرو آھي، صوبا ايس او پين تي عمل ڪرائين، وفاقي حڪومت

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراھ اسد عمر چيو آھي ته انفرادي ذميواري ئي مجموعي صحت، تحفظ ۽ ڪورونا کان بچاءُ جو واحد ذريعو آھي. ڪالھ اين سي او سي جو 9 مئي کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾صوبائي چيف سيڪريٽرين صوبن ۽ علائقن ۾ ڪورونا روڪٿام جي گائيڊ لائن تي عمل جي حوالي سان فورم کي اڳڀرائي کان آگاھ ڪيو. اين سي او سي کي ٻڌايو ويو ته عيد جي ڪري بازارن ۾ پيھ وڌي وئي آھي. اسد عمر چيو ته عوام جي سھولت لاءِ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي آھي پر وبا پکڙجڻ جو خطرو آھي. حفاظتي ايس او پين تي عمل ڪرايو وڃي. ڪورونا روڪٿام لاءِ ايس او پيون سمورن صوبن کي موڪليون ويون آھن. ريڊيو، ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا سميت ھر ڊجيٽل پليٽ فارم جي ذريعي موثر عوامي آگاھي به ھلائي وئي. صنعتن ۽ اڏاوتي شعبي بابت پروٽوڪول، مارڪيٽن سميت ھر شعبي لاءِ ايس او پي ٺاھيو ويو آھي ۽ عوام ان کان باخبر آھي. وفاقي وزير سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي ھدايت ڪئي ته صوبا ايس او پين تي عمل ڪري عوام جي صحت ۽ حفاظت لاءِ ڪردار ادا ڪن