ڪراچي ۾ زينب مارڪيٽ سميت 5 وڏيون مارڪيٽون سيل

ڪراچي ۾ حڪومتي ايس او پين جي ڀڃڪڙي تي انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي. زينب مارڪيٽ، مدينه مال، گل پلازه ۽ ارحم شاپنگ سينٽر کي سيل ڪيو ويو. صدر جي علائقي زينب مارڪيٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪئي ته دڪاندارن مزاحمت ڪئي. پوليس دڪاندارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ٻنھي مارڪيٽن کي تالا لڳائي ڇڏيا. ايم اي جناح روڊ تي قائم گل پلازه سينٽر ۽ ارحم شاپنگ سينٽر کي به ايس او پين تي عمل نه ڪرڻ خلاف انتظاميه سيل ڪري ڇڏيو. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آھي ته ايس او پين تي عمل نه ڪرڻ خلاف ڪاروائي دوران طارق روڊ تي به چئن دڪانن کي سيل ڪيو ويو. صوبائي وزير ناصر حسين شاھ چيو آھي ته شھري سماجي وٿي نه رکي رھيا آھن، ايس او پين تي عمل نه ٿي رھيو آھي. ناصر حسين شاھ چيو آھي ته جيڪڏھن ڪورونا ڪيس وڌيا ته ٻيھر اسان کي لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو