خاص

ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن کي اڳين درجن ۾ ترقي ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير سعيد غني چيو آھي ته سنڌ ۾ پھرين کان اٺين درجي تائين شاگردن کي اڳ ئي ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. تعليم کاتي پاران نائين، ڏھين، يارھين ۽ ٻارھين درجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به بغير امتحان اڳئين درجي ۾ ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. تعليم واري وفاقي وزير ۽ صوبائي تعليمي وزيرن پاران اين سي سي جي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو آھي ته ھاڻوڪي حالتن ۾ اھو ممڪن نه آھي ته امتحان منعقد ڪيا وڃن. انھن خيالن جو اظھار ھن ڪالھ سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ تعليم واري سيڪريٽري سيد خالد حيدر شاھ ۽ سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ باقر نقوي سان گڏ ھڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي پنھنجي رپورٽ جمع ڪرائي آھي، جنھن امتحان کان سواءِ اڳئين ڪلاسن ۾ ترقي لاءِ قانونسازي جي به تجويز ڏني آھي. ھن چيو ته ان سلسلي ۾ اين سي سي اجلاس ۾ به اتفاق ڪيو ويو آھي. شاگردن کي امتحانن کان سواءِ ايندڙ ڪلاسن ۾ ترقي ڏني ويندي ۽ 3 سيڪڙو اضافي مارڪون ڏنيون وينديون. جيڪڏھن ڪنھن شاگرد گذريل امتحان ۾ 60 سيڪڙو نمبر کنيا ته اھي ھاڻي 63 سيڪڙو جي حساب سان شمار ٿي ويندا ۽ ھو انھيءَ تناسب سان اڳئين درجي ۾ داخل ٿي سگھندو. يارھين ۽ ٻارھين جي ڪاميابي جو به اندازو ڪيو ويندو. جيڪي شاگرد ھڪ يا ٻن مضمونن ۾ فيل ٿي چڪا آھن يا ڪنھن به سبب امتحان نه ڏئي سگھيا آھن، انھن کي پاس ٿيندڙ نمبر ڏئي ڪامياب قرار ڏنو ويندو