ڪراچي جي ميئر وفاق کان اين ايف سي ايوارڊ جو حصو ڪراچي ۽ حيدرآباد لوڪل بورڊ لاءِ گهري ورتو

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر وزيراعظم عمران خان کان گهر ڪئي آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جو حصو سڌو سنئون ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لوڪل بورڊ کي ڏنو وڃي. سندس چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت صوبائي فنانس ڪميشن ۾ انهن شهرن کي پنهنجو حصو نٿي ڏيڻ چاهي. سنڌ حڪومت مڪمل طور تي انهن شهرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت 18 ترميم جو غلط استعمال ڪري انهن ٻن وڏن شهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ترقياتي فنڊ رليز ڪرڻ جو ارادو نٿي رکي ان ڪري وفاق اين ايف سي ايوارڊ مان سڌو سنئون حصو انهن ٻنهي شهرن کي ڏئي ته جيئن انهن ٻنهي شهرن جا بنيادي شهري ۽ ميونسپل جا مسئلا حل ڪري سگهجن. وسيم اختر چيو ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (KMC) هڪ وڏو آپريشنل پروگرام لانچ ڪيو هو. جنهن ذريعي سڀني برساتي نالن جي صفائي مون سون جي موسم کان پهرين ٿيڻي هئي، پر انهن نالن جي صفائي جو اوستائين ڪوبه فائدو ڪونهي جيستائين سنڌ سرڪار ان ڳالهه جو جوڳو بندوبست نٿي ڪري ته سڄي شهر جو گند ڪچرو شهر کان ٻاهر اڇلايو وڃي. هن چيو ته گجر نالي جي صفائي جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اسان هن وقت هنن نالن کي سال ۾ ٻه دفعا صاف ڪريون ٿا، پر مسئلو تيستائين حل نه ٿيندو جيستائين ڪچرو شهر مان ٻاهر نه ڪڍيو ويندو. هن سئو سيڪڙو اها ذميواري سنڌ حڪومت مٿان اڇلائيندي چيو ته شهر جي ڪچري کي کڻڻ جو ذمو سنڌ سرڪار تي آهي. هن شڪايت ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ نٿي چاهي، پر ان سان گڏوگڏ وفاق به ڪراچي لاءِ 45 ارب رپين جو معمولي بجيٽ مختص ڪيو آهي. هن وزيراعظم کي اپيل ڪندي چيو ته ڪراچي جي مسئلن کي خاص پئڪيج ڏيئي حل ڪيو وڃي نه ته ڪراچي جي مسئلن جي ڪري پورو ملڪ متاثر ٿي سگهي ٿو. ميئر ان ڳالهه تي به تبصرو ڪندي چيو ته هن جي پارٽي جي ايم اين ايز سان ڳالهائيندو ته پي ٽي اءِ سان اتحاد جي باري ۾ غور ڪن ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي مسئلن کي مد نظر نه پيو رکيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *