خاص

تيل اگھن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين پھچايو وڃي، وزير اعظم

وزير اعظم عمران خان ھڪ ڀيرو ٻيھر واضح ڪيو آھي ته اسمگلنگ خلاف ڪاروائي ۾ ڪنھن قسم جي رعايت يا سمجھوتو نه ٿيندو. سمورن لاڳاپيل ادارن پاران اسمگلنگ روڪڻ ۽ ان ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي جي رپورٽ ھر 15 ڏينھن کان پوءِ پيش ڪئي وڃي. حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھ گھٽائڻ جو مقصد عوام کي رليف فراھم ڪرڻ ھو. فيول اگھن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين پھچايو وڃي. ان ڏس ۾ صوبائي عملدار متحرڪ ڪردار ادا ڪن. ڪالھ وزير اعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ اسمگلنگ روڪٿام ۽ بنيادي ضروري شين جي اگھن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪرنسي ۽ ضروري شين جي اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻھن کي منھن ڏيڻ لاءِ قانون کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آھي. وزير اعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسمگلنگ ملڪي معيشت لاءِ ناسور آھي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي اگھن جو به جائزو ورتو ويو ۽ اگھ گھٽائڻ ۾ کنيل قدمن جي حوالي سان صوبائي چيف سيڪريٽرين وزير اعظم کي تفصيلي بريف ڪيو