خاص

عمران خان طرفان اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان طرفان اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو سامهون آيو آهي، انتظاميا طرفان عمران خان جي گاڏي کي لاهور هاءِ ڪورٽ اندر اچڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيلن جو لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار سان رابطو ڪيوويو، وڪيلن موجب عمران خان جي جان کي خطرو آهي، گاڏي کي هاءِ ڪورٽ اندر اچڻ جي اجازت ڏني وڃي. پي ٽي آءِ سربراهه جي وڪيلن موجب عمران خان اڄ منجهند 2 وڳي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو.