ايف آئي اي عمران خان جي طبي معائني لاءِ بورڊ ٺاهڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي
ايف آئي اي طرفان بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ عمران خان جي طبي معائني لاءِ پمز يا پولي ڪلينڪ اسپتال جو بورڊ ٺاهڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ايف آئي اي جو موقف آهي ته عبوري ضمانت ملڻ کانپوءِ عمران خان رعايت جو غلط فائدو کڻي رهيو آهي ۽ عدالت ۾ پيش نه پيو ٿئي. عمران خان جي ضمانت ۾ واڌ جي درخواست بينڪنگ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي. عمران خان ايف آئي اي سان تفتيش جي حوالي سان تعاون نه ڪري رهيو آهي، خان جو مسئلو آرٿوپيڊڪ آهي، پر ميڊيڪل رپورٽ ڪينسر اسپتال جي جمع ڪئي پئي وڃي. شوڪت خانم اسپتال جي رپورٽ کي معتبر تسليم نٿا ڪري سگهون.