اَدرڪ ڪيترن ئي مرضن جو علاج
ادرڪ جا ڪيترائي طبي فائدا موجود آهن ۽ ماهر به ان کي استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن. هونئن ته ادرڪ جا ڪيترائي فائدا آهن، پر ماهرن ادرڪ جو پاڻي باقاعدگي سان استعمال ڪرڻ جا گھڻا فائدا ٻڌائيندي مشورو ڏنو آهي ته ٿولهه جو شڪار ماڻهو ان جو لازمي استعمال ڪن. ادرڪ ۾ موجود اينٽي انفليميٽري ايجنٽ ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ ڪينسر جهڙي موذي مرض کان به محفوظ رکن ٿا. ادرڪ جو پاڻي هاضمي جي نظام جي خرابين کي ختم ڪري ٿو ۽ سنڌن جي سور کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو. ماهرن موجب ادرڪ جو فائدو وٺڻ لاءِ روزاني ادرڪ جا وڏا ٽڪرا کائڻ جي ضرورت ناهي، پر ادرڪ جو هڪ ننڍو ٽڪرو جوس يا چانهه ۾ شامل ڪرڻ سان به جسم کي ڪيترائي فائدا پهچي سگھن ٿا. ادرڪ جي استعمال سان اَڱاري ختم ٿيندي آهي، جيڪڏهن توهان روزاني هڪ مهيني تائين ادرڪ جو استعمال ڪريو ته جسم مان سوڄ تيزي سان ختم ٿي ويندي. ادرڪ کائڻ سان اڱاري جو احساس به گھٽجڻ ۾ مدد ملندي آهي، خاص طور تي ڳورهاري عورتن ۽ ڪيمو ٿراپي مان گذرندڙ ماڻهن لاءِ ادرڪ استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي. ادرڪ مُشڪن جي سور ۾ گھٽتائي ۽ آنڊن جي لاءِ به فائديمند آهي، ان کي روزاني کائڻ سان سور آهستي آهستي گھٽ ٿي ويندو آهي. روزاني جي بنياد تي ادرڪ جي استعمال سان آنڊن جي چرپر به بهتر ٿي ويندي، باقاعدي قبضِي ۾ ورتل ماڻهن لاءِ به مددگار ثابت ٿيندي. ادرڪ سان ڪوليسٽرول ۾ گھٽتائي ٿي سگھي ٿي، هڪ مهيني تائين ادرڪ جي باقاعدگي سان استعمال سان جسم ۾ خراب ڪوليسٽرول کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

