سنڌ حڪومت کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي زندگين جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو
سنڌ حڪومت کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي زندگين جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو. سنڌ حڪومت ۽ هڪ انشورنس ڪمپني وچ ۾ کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي انشورنس لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو چوڻ هو ته کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي زندگين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ انشورنس معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. هن چيو ته معاهدي تحت هاري، ليبر، مزدورن لاءِ مختلف پيڪيج ڏنا ويندا ۽ انهن جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي.

