آرٽ گئلرينئون

مصور ڪٿا فيض سپرو‎

انسان جي اوائلي تهذيبن مان هڪ جيڪا سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي ڪپڙو اُڻڻ، اڏاوت ڪندڙ، مٽيءَ جا ٿانون ٺڪر ، مورتيون ٺاهڻ ۽ ماھر ڪاريگرن جي معمار قديم، ماھن تهذيب (موهن جي دڙي) کان اٽڪل 65 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع ھڪ شهر رتوديرو جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تاريخي، ثقافي اھميت رکي ٿو، جيڪو موئن جي دڙي جي معمارن وانگر ڪيترن ئي مشهور، تعليمي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي جنم ڀومي پڻ آھي. جيڪي موئن جي دڙي جي ڪھاڻين وانگر ڪيترائي پر اسرار رخ رکندڙ آھن.
اهڙين گهڻ رخي شخصيتن وانگر فيض سپرو جي شخصيت به هڪ آهي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان مصور آهي.
فيض سپرو 1990ع ۾ عبدالڪريم سپرو جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
سندس ڏاڏو لوڪ ڳائڻو هو ۽ سندس والد استاد ۽ شاعر آھي.

فيض سپرو جي تربيت ساز سرن جي گونجندڙ آوازن سان ٿيندي رھي، جنهن سندس زندگيءَ تي گهرا اثر ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته سٺي موسيقي هميشه انسان کي پنهنجي طرف مائل ڪندي آهي، اهو ئي سبب ھو جو کيس ننڍپڻ کان ئي فنون، لطيفه جي مختلف صنفن مصوري موسيقي، خطاطي ۽ موسيقيءَ جي سازن ڏانهن راغب ڪيو.
فيض سپرو پنهنجي پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم گورنمينٽ بوائز اسڪول رتوديرو مان 2005ع ۾ مڪمل ڪئي. مئٽرڪ جي تعليم دوران فيض سپرو جي ملاقات اسڪول جي ڊرائنگ جي استادن مجيد سمون ۽ نثار ديناري سان ٿي، جن فيض سپرو جي اتفاق سان لڳايل ھڪ لڪير مان اندازو لڳائي ان کي آرٽ جي سکيا حاصل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ پوءِ انهن ئي استادن جي فن ۽ مهارت جي سائي ھيٺ پنھنجي نالي وانگر فيض حاصل ڪندو رهيو ۽ ساڳئي وقت شهر جي مشهور پينٽر منير سميجو جي دڪان تي خطاطي جي سکيا پڻ وٺندو رھيو.
2007ع ۾ ھائر سيڪنڊري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سندس آرٽ ۾ دلچسپي ڏسي فيض سپرو جي والد سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائين، موجوده (SABS) يونيورسٽي ڄامشورو جو دورو ڪرايو، بعد ۾ جتي هن پنهنجي والد جي خواهش مطابق 2008ع ۾ ٽيڪسٽائيل ڊزائين ۾ داخلا حاصل ڪئي.
ٽيڪسٽائيل ڊزائين شعبي ڏانهن دلچسپي نہ ھئڻ سبب هو هڪ سال تائين ٽيڪسٽائيل ڊپارٽمينٽ مان فائن آرٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مبتلا رهيو ۽ پوءِ سوچ ويچارن ۽ مشوري کان پوءِ ٽيڪسٽائيل ڊزائين ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجي سموري توجهه مرڪوز ڪري ڇڏي. گڏوگڏ هڪ ٻئي شوق موسيقيءَ جي جستجو ۾ پڻ مشغول ٿي ويو.
فيض سپرو موسيقيءَ ۾ ڄامشوري ضلعي جي ڪوٽڙي شهر جي مڃيل ڳائڻي استاد خادم حسن سخيراڻيءَ جي استادي هيٺ آيو. هڪ طرف يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو رهيو ته ٻئي طرف پنهنجي ڳائڻ وڄائڻ جي شوق کي به جاري رکيائين. 2012ع ۾ ٽيڪسٽائيل ڊزائين جي ڊگري پھرئين پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ، فيض سپرو پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو، جتي هن آرٽ ۽ ٽيڪسٽائيل شعبن ۾ قسمت آزمائي ڪئي ۽ مختلف آرٽ جي ادارن، ٽيڪسٽائيل انڊسٽرين ۽ اين جي اوز ۾ ڪم ڪيو، پر پوءِ به ھن محسوس ڪيو تہه ڪٿي نہه ڪٿي ڪا کوٽ ۽ ڪمي آهي، ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ. نيشنل ڪاليج آف آرٽ سميت مختلف ادارن مان مختلف ڪورس ڪيا.
فيض سپرو، پنهنجي نالي وانگر، پنهنجي استادن کان فيض حاصل ڪندو رهيو آهي ۽ پنهنجي پاڻ ۾ هڪ سٺي خطاط، سٺي مصور، سٺي ڊزائينر، سٺي ڳائڻي ۽ سازندن جي زخن کي سمايو، جيڪو شايد هن کي پنهنجي تاريخي آباڻي شهر مان ورثي ۾ مليو.
فيض سپرو پنهنجي مصوريءَ جي سفر جي شروعات اتفاقي طور لڳايل لڪير سان ڪئي ۽ مٿي ذڪر ڪيل سڀني رخن کي سمائي آرٽ جي دنيا ۾ داخل ٿيو.
فيض سپرو، جي لڪيرن واري آرٽ ۾ موئن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا جي رقص جو نظارو نظر اچي ٿو. سندس لڪيرن ۾ خطاطي، ڊزائين، موسيقي، سازن جا سر ۽ شاعري جي جهلڪ نظر اچي ٿي، جيڪي لفظ ترتيب ڏئي، پر سرار گيت گونجارين ٿيون جيڪي ڏسندڙن جي نظرن کي لاشعوري طور نچڻ تي مجبور ڪنديون آهن.
فيض سپرو پنهنجي استادن جو ذڪر ڪرڻ ۾ ڪڏهن به غافل نه ٿيو آهي، هو پنهنجي سڀني استادن جو ذڪر ڪندو رهندو آهي، پر سندس گفتگو ۾ ٻن نالن رفيق سومرو ۽ حسين چانڊيو جو گهڻو ذڪر ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، جن سندس ڪم کي آرٽ جي دنيا جي نظارن ۾ ھڪ منفرد منظر طور پيش ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. جنهن سبب فيض سپرو پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ اسلام آباد سميت لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد جي ناميارين آرٽ گيلرين ۾ 50 کان وڌيڪ نمائشن ۾ پنهنجو ڪم پيش ڪري چڪو آهي، جن ۾ سنڌ جي ماھن تهذيب (موھن جي دڙي) جي تاريخ ثقافت، نظر ايندي رھندي آھي جيڪا دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿي.