هاڻي جهاز جي دير سان اچڻ جي اطلاع گوگل ڏيندو

هوائي سفر ۾ اهو مرحلو تمام ڏکيو هوندو آهي، جڏهن جهاز جو انتظار ڪرڻ مهل جهاز جي دير سان اچڻ جي اطلاع ملندي آهي. هن ايپ جو نالو گوگل فلائيٽس آهي.هاڻي گوگل اهڙي ايپليڪيشن ايجاد ڪئي آهي جنهن سان جهاز جي دير سان اچڻ جي اطلاع ايئرپورٽ وڃڻ کان اڳ ئي ملي ويندي. گوگل پاران اڏامن بابت مختلف فيچرز ايجاد ڪيا ويا آهن جن مان مصنوعي ذهانت به هڪ آهي جيڪا پاڻ مرادو جهاز جي دير ٿيڻ جي اطلاع مسافر تائين پهچائيندي. جيڪڏهن ڪو مسافر پنهنجي ڪنهن به جهاز جي باري ۾ اطلاع وٺڻ چاهيندو هجي ته اهو ان ايپ ۾ ان جهاز جي معلومات لوڊ ڪري ان جهاز بابت معلومات وٺي سگهي ٿو. گوگل فلائيٽ ايپ گهربل فلائيٽ جي دستياب هسٽري مان حساب لڳائي ٻڌائيندي ته فلائيٽ ڪهڙي وقت پهچندي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
1 Comment
Oldest
Newest Most Voted
Inline Feedbacks
View all comments
trackback
6 months ago

… [Trackback]

[…] Find More Info here on that Topic: humsari.com/google-flights-app/ […]