ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: پِتڪُو -ھڪ پِتڪڙو پوپٽ-4 (راڪيٽ)

اڄ پِتڪُو اڪيلو ئي کيڏي رھيو ھو. ڳاڙھي گلابن واري ھنَ سھڻي باغ ۾ رھندڙ سڀ وڏا پوپٽَ، روز جيان کاڌ خوراڪ ڳولهڻَ لاءِ ويل ھئا. سيارو اچڻ وارو هو ۽ سيءَ کان بچڻَ لاءِ پوپٽَ گهاٽن ٻُوٽن ۽ وڻن جي ٽارين منجهه وڃي لڪندا آھن. اھي ڪجهه دير لاءِ ئي ٻاھر نڪرندا آھن. ان ڪري ئي سڀ وڏا پوپٽَ کاڌو ڪَٺو ڪرڻ لاءِ ويا ھئا ته جيئن سيءَ ۾ کين ٻاھر نه نڪرڻو پوي.

پِتڪُوءَ، پنھنجي سڀني دوستن کي ساڻس گڏجي کيڏڻَ لاءِ چيو ھو، پر ھلڪي سيءَ ۽ ڪجهه تيز ھوا جي ڪري ھنَ جا دوست کيڏڻ بدران ٻُوٽن ۾ ئي ويھي رھيا هئا ۽ پاڻَ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا.

پتڪو دوستن وٽان اڏامي، اڪيلو ئي اڏامڻ لڳو. گهرَ ۾ رھڻ وارا ٻارڙا اسڪول ۽ وڏا ڪم ڪار سان ھليا ويا ھئا. جڏھن ته ٻيا سڀ ڀاتي ۽ ڪالهه آيل مھمانَ اندر ھئا. باغ ۾ ڪير به ڪونه هو سو پتڪو ڪنھن مھل ھوا جي پاسي ته ڪنھن مھل ھوا جي ابتڙ پئي اڏاميو. کيس اھا راند ڏاڍي پئي وڻي. ھوا واري پاسي اڏامندي جڏھن ھنَ پرَ ھڻڻ بند پئي ڪيا ته ھوا جي جهوٽن کيس پنھنجو پاڻ پئي اُڏاريو. وري جڏھن ھن ھوا جي ابتڙ واري پاسي اڏامڻ پئي چاھيو ته کيس ڏاڍي سگهه کان ڪم وٺڻو پئي پيو.ڪنھن ڪنھن مھل ته ھوا جي زور جي ڪري ھن بولاٽيون پئي کاڌيون. ان وندر ۾ ھن کي مزو پئي آيو. اھا راند کيڏندي کيڏندي ھوا جي ھڪ جُهوٽي سان پتڪو ڪجهه مٿي ھليو ويو ۽ ھن جي نھارَ وڻ جي ڏارَ تي ويٺل ھڪ ڪڪڙِ جھڙي پکيءَ تي پئي. پتڪوءَ کان ڇرڪ ڇڏائجي ويو. ان پکيءَ جو رنگ به پتڪوءَ جي رنگ جھڙو ڳاڙھو ھو. ان جي بُتَ تي کنڀَ ڪجهه ڦوڪيلَ ھئا. اچرج جھڙي ڳالهه اھا ھئي ته ڪڪڙ جيان لڳندڙ انَ پکيءَ کي مُنڍي ڪونه ھئي. بنا منڍيءَ واري ڪڪڙ ڏسي پتڪو ڊڄي ويو.

“ڪٿي اھو ڪو جن ته ناھي؟” پتڪوءَ سوچيو ۽ ڊپَ مان پنھنجي دوستن ڏانھن اڏامڻ لڳو.

ان کان اڳ جو ھو گلابن تائين پھچي ھا، پتڪوءَ ھڪ آواز ٻڌو.

“پيارا راڪيٽَ وڃ ۽ اھو ڳاڙھو پوپٽ ته منھنجي لاءِ پڪڙي اچ.”

پتڪوءَ ڏٺو ته گهر جي مالڪن وٽ آيل مھمانن مان ھڪ ستن اٺن ورھين جو ڇوڪر پنھنجي ٻانھن تي ويھاريل ڀوري (بلبل) کي چئي رھيو ھو. پڪ سان ان ڀوري بلبل جو نالو راڪيٽ ھو.

اھو ڏسي پتڪوءَ ٽھڪ ڏنو ۽ گلابن ڏانھن اڏامندو رھيو.

“ڀلا اھو پکي، ڪتو ته ناھي جو ڇوڪري جي بَڇَ تي مون کي پڪڙيندو؟ پتڪوءَ سوچيو.

انھيءَ مھل ھن پَرَن جو آواز ٻڌو ۽ اھو ڏسي ڊڄي ويو ته راڪيٽ تڪڙو اڏامندي، ھن ڏانھن اچي رھيو ھو.

“اڙي! ھي ڇا؟ ھيءُ ته سچَ ۾ مون کي کائڻ پيو اچي.” پتڪوءَ دانھن ڪئي ۽ تيز تيز پرَ ھڻندو گلابن ڏانھن وڌيو، پرَ راڪيٽ ھنَ کان وڏو ۽ تيز ھو. ھُو جهٽ ۾ ھن وٽ پھچي ويو ۽ پنھنجي چُهنب کولي ھنَ کي پڪڙڻَ جي ڪيائين. انھيءَ مھل ئي ٿڌي ھوا جو جهوٽو آيو ۽ پتڪو ٻه ٽي بولاٽيون کائيندو مٿي کڄي ويو. راڪيٽ پتڪوءَ کي پڪڙڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿي اڳتي ھليو ويو.

ھوا جي جهوٽي، پتڪوءَ جي حياتي ته بچائي ورتي ھئي، پر ھاڻ ھو گلابن کان ويتر پري ٿي ويو ھو. انهن ڏانھن وڃي ھا ته پھچڻَ کان اڳ کيس راڪيٽ پڪڙي وٺي ھا. ھوڏانھن راڪيٽ ھڪ وڏو چڪر ڏئي وري ھنَ ڏانھن اچي رھيو ھو. پتڪوءَ پنھنجي بچاءَ لاءِ چؤڦير نھاريو ته کيس ساڳيو بنا مُنڍيءَ وارو ڪڪڙِ جَھڙو ڳاڙھي رنگَ جو پکي ڏسڻَ ۾ آيو.

“بس ايڏانھن ئي وڃان ٿو.گهٽ ۾ گهٽ اھو مون کي کائيندو ته ڪونه کيس مُنڍي جو ڪونهي.”  اھو سوچي پتڪوءَ گهتَ ھنئي ۽ ان ڏارَ ڏانھن اڏامڻ لڳو جنھن تي اھو اوپرو پکي ويٺل ھو. ان کان اڳ جو راڪيٽ پتڪوءَ جي ويجهو پھچي ھا، پتڪو تڪڙ ۾ انَ پکيءَ جي پٺيءَ تي ويھي رھيو ۽ ڪابه چرپر ڪرڻ بند ڪري ڇڏيائين. ھاڻي ڪنھن کي به پتڪو ڏسڻَ ۾ ڪونه اچي ھا. ڇو جو پتڪوءَ ۽ پکيءَ جو رنگ ھڪ جھڙو ھو. اھا خبر ئي نه ٿي پئي ته ڪو پتڪو، پکيءَ جي پٺيءَ تي لڪل آھي. راڪيٽ به اچي ان ڏارَ تي ويٺو ۽ پتڪوءَ کي جاچڻ لاءِ چِتائي، انَ بنا منڍيءَ واري پکي ڏانھن نھارڻَ لڳو.

“چِي چي…” راڪيٽ ٻوليو ۽ ھڪ ٺُونگو، بنا منڍيءَ واري پکيءَ جي ڦُوڪيلَ کنڀن تي ھنيو. ٺونگو لڳندي ئي انَ پکيءَ جو بت لُڏِيو ۽ ان ۾ چُرپُر پيدا ٿي. چرپر ٿيندي ئي پتڪو ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويو. راڪيٽَ، بنا منڍيءَ واري پکيءَ کي جاڳائي وڌو ھو. ھاڻي نه ڄاڻ اھو ڇا ڪري ھا؟

“راڪيٽَ نه ڇڏجانءِ ان ڳاڙھي پوپٽ کي. مون کي ھر حال ۾ اھو کپي.” ھيٺان ڇوڪري جو آواز آيو. اھو ٻڌي، راڪيٽَ ڪاوڙ وچان ٻه ٽي ٺُونگا ٻيا به انَ پکيءَ کي ھنيا.

بنا منڍيءَ واري پکيءَ پنھنجو کاٻو پرُ مٿي ڪيو ۽ ان جي ھيٺان ھڪ مُنڍي نڪتي.

“ڪُڪڙُو ڪُووووو.” ان منڍيءَ مان آواز نڪتو. پتڪو ۽ راڪيٽ ڇِرڪجي پيا. اھو ھڪ ڊگهي چھنبَ وارو ديسي ڪڪڙ ھو، جيڪو ٿڌي ھوا ۾، پنھنجي مُنڍي پرَ ھيٺان لڪائي مزي سان نِنڊَ ڪري رھيو ھو.

ڪُڪڙَ جيئن ئي راڪيٽَ کي ڏٺو ڪاوڙ ۾ وٺجي ويو. ھو اٿيو ۽ ان کان اڳ جو وائڙو راڪيٽ اڏامي ڀَڄي وڃي ھا. ڪُڪُڙَ ٽپُ ڏنو ۽ ھڪ ٺاھوڪي کَڙَ، راڪيٽَ کي وھائي ڪڍي.

“چَي…” راڪيٽَ ھڪ دانھن ڪئي ۽ ڏارَ کان ھيٺ وڃي ڦَھڪو ڪيائين.

“اڙي راڪيٽ، تو کي ھي ڇا ٿي ويو ؟” ڇوڪري چيو ۽ راڪيٽَ کي کڻي، ڊڪندو اندر گهر ۾ گهڙي ويو.

اھو ڏسي پتڪوءَ به دير نه ڪئي ۽ وڻَ جي پَنن منجهان لڪندو، اڏامي پنھنجي دوستن وٽ پھچي ويو.

“پتڪو ھل ته کيڏون. ڳالهيون ڪري ڪري بيزار ٿي ويا آھيون.” پتڪوءَ جي دوست شوزو چيو.

“ نه… نه… ٻاھر نه نڪرجو. جيستائين اھي مھمان ھتي آھن، کيڏڻ کان ڳالهيون ڪرڻ سٺو آھي.” پتڪوءَ ھڪدم وراڻيو ۽ پنھنجن دوستن کي راڪيٽَ بابت ٻڌائڻَ لڳو.

سندس ڳالهه ٻڌي سڀئي دوستَ ڊِڄِي ويا ۽ مھمانن جي وڃڻَ تائين ٻاھر کيڏڻَ کان توبھه ڪيائون.

…(هلندڙ)….

***