وسندي، گھاٽي ٿيڻ لڳي. عيدگاهه وڃڻ وارن جا ٽولا نظر اچڻ لڳا. ھڙني کي زرق برق پوشاڪون پاتل ھيون. ڪو ٽانگي تي سوار ھو ته ڪو موٽر تي چڙھيو پئي ويو. ڪپڙن مان رڳو عطر جي ھٻڪار پئي آئي.
ڳوٺاڻن جي ھيءَ ننڍڙي ٽولڙي، بنا ڪنھن سامان سڙي جي پنھنجي غريبي حال آھر، مگر صبر ۽ شڪر سان پئي ھلي. جيڏانھن پيا تڪين، تڪيندا ئي پيا رھن. وري پٺيان وڄندڙ ھارن جي آواز جو به، ھوش نه ھئن. محسن ته موٽر جي ھيٺان ايندي ايندي بچيو ھو.
او اھا عيدگاهه نظر آين. جماعت شروع ٿي وئي. گدامڙيءَ جي گھاٽن وڻن جي ڇانو هيٺان، کليل پڪو فرش ھو. جنھن تي فراسيون وڇايل ھيون.
ٻيو ته نمازين جون صفون، ھڪ ٻئي پٺيان، الله ڄاڻي ته ڪيستائين ھليون ويون ھيون. پڪي فرش ھيٺان فراسيون به وڇايل ناھن. ڪيتريون ئي صفون بيٺيون آھن. جيڪي ايندا ٿا وڃن، سي پويان بيھندا ٿا وڃن. اڳيان ھاڻي جاءِ نه بچي آهي. ھتي ڪير رتبو يا عھدو ڪو نه ٿو ڏسي. اسلام جي اک ۾ سمورا برابر آھن. ڳوٺاڻن به وضو ساريو ۽ جماعت ۾ شامل ٿي ويا. ڪيڏي نه باقاعده منظم جماعت آهي. لکين ماڻھو ھڪٻئي سان گڏ جھڪن ٿا. ھڪٻئي سان گڏ گوڏا ڀڃي ٿا ويھن. وري اھو عمل ورائي ورائي پيو ٿئي. ائين پيو لڳي ڄڻ بجليءَ جا لکين بلب، سڀ گڏجي پيا ٻرن ۽ سڀ گڏجي پيا وسامن. ڪيترو نه احترام ۽ رعب وارو نظارو آهي. جنھن جي ھڪ ڪرائي، وشال ۽ ڳاڻيٽو، دلين تي ھڪڙي وجداني ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ٿو. ڄڻڪ ڀائيچاري جو رشتو، انھن مڙني روحن کي ڳنڍيو ويٺو ھجي.
حامد، مڙني کي مات ڏئي چڪو ھو. تنھن ھوندي به ٽنھي وٽ اڃا بال، سيٽي ۽ باجو پوئتي ھئا. مگر ھنن مشين گنن آڏو انھن بزدلن کي ڪير ٿو پڇي؟ چمٽو، ھندستان جو رستم آهي. ان آڏو ڪنھن کي چون چان ڪرڻ جي ھمت ئي ناھي.