ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: عيدگاهه

رمضان جي پورن ٽيھن ڏينهن پڄاڻان، اڄ عيد آئي. ڪيڏي نه وڻندڙ ۽ رنگين صبح آهي. ٻارن وانگي ٽڙندڙ، وڻن تي پڻ عجيب ساوڪ آهي. ٻنين ۾ پڻ عجيب رونق آهي. آسمان تي به فضا، ٿوري عجيب آهي. اڄ جو سج ڏس ته ڪيڏو نه پيارو آهي، ڄڻ جڳ جھان کي عيد جي خوشيءَ تي مبارڪون پيو ڏئي. ڳوٺ ۾ ڪيڏي نه چھل پھل آهي. عيدگاھ ڏي وڃڻ جا سانباھا آھن. ڪنھن جي قميص جو بٽڻ ڇڳل آهي ته سئي ڌاڳي لاءِ پيو ڀڄندو وتي. ڪنھن جو بوٽ ٺوٻر ٿي ويو آهي. ان کي تيل ۽ پاڻيءَ سان پيو نرم ڪري. ڊڪي ڊڪي ڏاندن کي گاھ پاڻي پيو ڏنو وڃي، جو عيدگاھ کان موٽندي موٽندي، ٻپھري ٿي ويندي.

ٽي ڪوھ پنڌ جو رستو، مٿان سوين مٽن مائٽن ۽ دوستن قريبن سان ملڻ جلڻ. ٻپھريءَ کان اڳ موٽڻ، ناممڪن آهي. ڇوڪرا، مڙني کان وڌيڪ خوش آھن. ڪنھن ھڪڙو روزو رکيو، سو به ٻپھريءَ تائين. ڪنھن ته اھو به نه رکيو، پر عيدگاھ تائين وڃڻ جي خوشي سندن حصي ۾ آهي. روزا، وڏن ڪراڙن لاءِ ھوندا، ٻارن لاءِ ته عيد آهي. ڏھاڙي عيد جو نالو پيا رٽيندا ھئا. سا عيد اچي وئي. ھاڻ وٺ وٺان لڳي پئي آهي ته عيدگاھ ڏي ڇو نٿا ھلو. کين گھر گرھستيءَ جي ڳڻتين جي ڪھڙي پرواھ؟ سيوين لاءِ گھر ۾ کير، کنڊ ۽ ڪشمش بادام آھن يا نه! ان جي کين ڳڻتي ڇو ھجي؟ اھي ڇا ڄاڻن ته ابو ڇو بي حوصلو ٿيو ڳوٺ جي وڏي وياجي چوڌري قاسم عليءَ جي گھر ڏانھن ڊوڙندو ٿو وڃي؟

سندن کيسن ۾ ته قارون جو خزانو ڀريو پيو آھي. ورائي ورائي کيسي مان خزانو ڪڍيو پيا ڳڻين. دوستن کي پيا ڏيکارين ۽ وري خوش ٿي پيا رکن. انھن ئي چئن پئسڙن مان دنيا جون ست نعمتون آڻيندا. رانديڪا، مٺايون، باجا ۽ رب ڄاڻي ته ڇا ڇا آڻيندا. مڙني کان وڌيڪ خوش آهي حامد. ھو چئن سالن جو سھڻو ٻارڙو آهي، جنھن جو پيءُ پَرُ، دستن جي وبا ۾ ھليو ويو ۽ ماڻس به سائي ٿي ٿي نيٺ ھڪ ڏھاڙي مري وئي. ڪنھن کي ڪا خبر نه پئي ته بيماري ڪھڙي ھئس؟ ٻڌائي ڪنھن کي؟ ڪير ٻڌڻ وارو ھئس؟ دل تي جيڪا گذريس پئي سا سھندي ھئي ۽ جڏھن سھپ کان چڙھي ويس دنيا مان ئي ھلي وئي. ھاڻ حامد پنھنجي ڪراڙي ڏاڏيءَ امينا جي ھنج ۾ سمھندو آهي ۽ اوترو ئي خوش آهي. سندس پيءُ گھڻو ڏور، ڏوڪڙ پئسا ڪمائڻ ويو ھو ۽ گھڻيون ٿيلھيون ڀريل آڻيندو. امڙ سانئڻ، الله سائينءَ کان مٺايون وٺڻ وئي آهي. ان ڪري ماٺ آهي. حامد جي پيرن ۾ بوٽ ناھي. مٿي تي ھڪڙي پراڻي سراڻي ٽوپڙي اٿس، جنھن جي ڀرٿ وارو ڌاڳو ڪارو ٿي ويو آهي ۽ پوءِ به ھو خوش آهي. جڏھن سندس پيءُ ٿيلھيون ۽ ماءُ نعمتون وٺي ايندا، تڏھن ھو دل کولي شيل ڪندو. تڏھن ڏسندو ته محمود ۽ محسن، آذر ۽ سميع، ڪٿان ٿا ايترا پئسا آڻين. دنيا پنھنجي مصيبتن جي سڄي فوج لاھي، ھن جي ھڪڙي معصوم نگاھ، ان کي ڇيھون ڇيھون ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

حامد، اندر وڃي امينا کي چوي ٿو؛ “اما! تون ڀؤ نه ڪجانءِ! مان ڳوٺ وارن جو ساٿ ڪو نه ڇڏيندس. بلڪل به نه ڊڄجانءِ!” ليڪن امينا جي دل ڪانه  ٿي مڃي. ڳوٺ جا ٻار، پنھنجن پنھنجن پيئرن سان ٿا وڃن. حامد اڪيلو ڪيئن ويندو. ان رش ۽ گڙديءَ ۾ ڪاڏي گم ٿي ويو ته پوءِ؟ نه! امينا کيس اڪيلو وڃڻ ڪا نه ڏيندي. پتڪڙو ساھدار. ٽي ڪوھ ھلندو ته پيرن ۾ لڦون پئجي ويندس؟

پر جي ھوءَ به ساڻ وڃيس ته پويان سيويون ڪير رڌيندو؟ اڃيو بکيو، منجھند ڌاري موٽندو. پوءِ ان وقت اچي سيويون رڌڻ ويھندي؟ ارمان ته اھو آھي جو امينا وٽ پئسو به ڪونھي. ھن فھيمڻ جا لٽا سبيا ھئا، اٺ آنا مليا ھئس. انھيءَ آڌيءَ کي، ايمان وانگي بچائيندي آئي ھئي، ھن عيد لاءِ، پر گھر ۾ ٻيا پئسا ته ھئا ڪو نه. ٻيو ته ڳنوارڻ جي اوڌر چڙھي وئي ھئس، سو ڏيڻا پئجي ويس. حامد لاءِ، ڏھاڙي ٻن پئسن جو کير ته وٺڻو پوندو آهي. ھاڻ ڪل ملائي ٻه آنا ۽ ھڪ پئسو بچيا پئي. ٽي پئسا حامد جي کيسي ۾ ۽ پنج امينا جي ٻٽونءَ ۾. اھا ھئي ڪل پونجي. الله ٻيڙا پار ڪندو. ڌوٻياڻي، ڀنگياڻي ۽ حجامڻ به ته اينديون. انھن کي به سيويون کپن. ڪنھن ڪنھن کان منھن لڪائيندي؟ سڄي سال جو تھوار آهي. زندگي، خيريت سان ھجي. ھنن جي تقدير به ھنن سان آھي. ٻچي کي رب سلامت رکي. ھيءُ ڏھاڙا به ائين ئي لنگھي ويندا.

ڳوٺان، ماڻھو ويا ۽ حامد به ٻارن سان گڏ ھو. سمورا، ڊڪي اڳتي نڪريو وڃن. وري اڳتي وڃي ڪنھن وڻ ھيٺان بيھي، گڏ ھلڻ وارن جو انتظار ڪن. ھيءُ ماڻھو، ڇو ايترو آھستڙي آھستڙي پيا ھلن.

شھر جو منڍ شروع ٿي ويو. رستي جي ٻنھي پاسن کان، اميرن جا باغ آھن. پڪيون چوديوارون ڏنل اٿن. وڻن ۾ انب بيٺا آھن. حامد ھڪڙي پٿري کڻي، ھڪڙي انب کي نشان وٺي چٽيو. مالھي اندران گاريون ڏيندو ٻاھر ڀڳو آيو. ٻار، اتان فرلانگ پري آھن. ڏاڍا کلي رھيا آھن. مالھيءَ کي باقاعده بيوقوف ٺاھيائون.

وڏيون وڏيون عمارتون اچڻ لڳيون. ھيءَ ڪورٽ آهي. ھيءُ مدرسو آهي. ھيءُ ڪلب گھر آهي. ايڏي وڏي مدرسي ۾ ڪيترا سارا نه ڇوڪرا پڙھندا ھوندا. ڇوڪرا ڪونھن، بلڪه وڏا وڏا مرد آھن. سچ پچ ته کين مڇون آھن. ايڏا وڏا ٿي ويا آھن، اڃان تائين پيا پڙھڻ وڃن. اڄ ته موڪل آهي، ليڪن ھڪڙو ڀيرو جڏھن اڳي آيا ھئا، تڏھن ڏاڙھيءَ مڇ سان وڏا ڇوڪرا ھتي کيڏي رھيا ھئا. خبر ناھي ڪيستائين پڙھندا. ٻيو ته ڪندا ڇا، ايترو پڙھي؟ ڳوٺ جي ٻھراڙيءَ واري مدرسي ۾ ٻه ٽي وڏا ڇوڪرا آھن. صفا ٻُٿَ جو ٻُٿَ. ڪم کان ونءُ ويندڙ. ھيءُ ڇوڪرا به ائين ئي ھوندا. ٻيو وري ڇا ھوندو. ٻيو نه ته اڃان تائين پيا پڙھن ھا. ھو ڪلب گھر آهي. اتي جادوءَ جو کيل تماشو ٿيندو آهي. ٻڌو آهي مُڙدن جون کوپڙيون اڏامنديون آھن. ماڻھوءَ کي بيھوش ڪري ڇڏينديون آھن. وري کانئس جيڪو پڇندا آھن، اھي سمورو ٻڌائي ڇڏيندا آھن. ٻيا به وڏا وڏا تماشا ٿيندا آھن ۽ ميڊمون به کيڏنديون آھن. سچ، اسان جي مائرن کي اھو ڏئي ڇڏيو، ڇا چوندا اٿس؛ ھا ”بئٽ“ ته ان کي گھمائيندي ئي وڃي ڦھڪو ڪن.

محسن چيو؛ “اسان واري امڙ ته ان کي پڪڙي به نه سگھي. ھٿ ڏڪڻ لڳنس. الله جو قسم!”

حامد ساڻس اختلاف ڪيو. ھل! مڻن جا مڻ اٽو پيھين ٿي وٺي. ھيءَ بئٽ پڪڙيندي ته ھٿ ڏڪڻ لڳندس. سوين گھڙا پاڻيءَ جا روز ٿي ڇڪي ڪڍي. ڪنھن ميڊم کي ھڪڙو دلو پاڻيءَ جو ڇڪي ڪڍڻو پوي ته آکين آڏو آنڌاريون اچي وڃنس.”

محسن؛ “ليڪن ڊڪن ڪو نه ٿيون. ٺينگ ٽپا نه ٿيون ڏئي سگھن.”

حامد؛ “سر تي اچي وڃين ته ڊوڙي به وٺنديون آھن. ھاڻي ان ڏھاڙي تو واري ڳئون ڇنائي وئي ھئي ۽ چوڌريءَ جي ٻنيءَ ۾ وڃي پئي ھئي ته تو واري ماءُ ئي ته ڊوڙي وڃي ڪڍي آيس. ڪيڏو نه تيز پئي ڀڳي. تون مان ٻئي پوئتي رھجي ويا ھئاسين.”

اڃا اڳتي ھليا. حلوائين جا دڪان شروع ٿي ويا. اڄ گھڻو سينگاريل ھئا؛ ”ايڏيون مٺايون ڪير کائيندو آهي؟ ڏس ته! ھڪڙي ھڪڙي دڪان تي مڻن جا مڻ مٺاين جا پيا آھن. ٻڌو آهي ته رات ڌاري ھڪڙو جن، ھر ھڪ دڪان تي ويندو آهي، جيترو مال بچيو پيو ھوندو آهي، سو سمورو خريد ڪندو آهي ۽ سچ پچلا رپيا ڏيندو آهي، بلڪل اھڙا ئي چانديءَ جا بربلا رپيا.”

محمود کي پڪ نه ٿي. پڇيائينس؛ ”اھڙا روپيا، جنن کي ڪٿان ملندا آھن؟“

محسن؛ ”جنن وٽ رپين جي ڪھڙي کوٽي آ؟ جنھن خزاني ۾ دل گھرين، ھليا وڃن، کين ڪير ڏسي به نٿو سگھي. لوھي دروازو به روڪي نه سگھين. سائين منھنجا! تون آھين ڪھڙن خيالن ۾. وٽن ھيرا جواھر ھوندا آھن. جنھن تي راضي ٿين، تنھن کي جواھرن جا ٽوڪرا ڀري ڏئي اچن. پنجن منٽن ۾، چئين ته ڪابل پڄي وڃن.“

حامد؛ ”جن، ڏاڍا وڏا ھوندا؟“

محسن؛ ”ٻيو وري! ھڪڙو ھڪڙو آسمان جيڏو ٿيندو آهي. ڌرتيءَ تي اٿي بيھي ته مٿو وڃي آسمان سان لڳيس. وري جي دل چويس ته ھڪڙي ڪونئري ۾ گھڙي ويھي رھي.”

سميع؛ ”ٻڌو آهي! چوڌري صاحب جي قبضي ۾ گھڻا جن آھن. ڪا شيءِ چوري ٿي وڃيس ته چوڌري صاحب جھٽ ان جو پيرو کُرو ٻڌائي. ٻيو ته چور جو نالو به ٻڌائي ڇڏي. جمعراتيءَ جو پاڏو، تنھن ڏھاڙي وڃائجي ويو ھو. ٽي ڏينھن ويچارو پريشان ويٺو ھو. ڪٿان ڏس پتو نه پيس. تڏھن مٿا ماريءَ کانپوءِ چوڌريءَ وٽ وڃي پھتو. چوڌريءَ ٻڌايس؛ ڌڻ ۾ اٿئي ۽ اتان ئي مليس. جنَّ اچي، کيس سڀ خبرون ڏئي ويندا آھن.”

ھاڻ ھرھڪ کي سمجھ ۾ آيو آهي ته چوڌري قاسم عليءَ وٽ ايتري دولت ڇو آهي ۽ ڇو ھو اوس پاس جي ڳوٺن جو مھا جن آھي. جِنَّ اچي کيس رپيا ڏئي ويندا آھن. اڳتي ھلو. ھيءَ پوليس لائين آهي. ھتي پوليس وارا تربيت حاصل ڪندا آھن. رائيٽ ليف، ڦام ڦو.

نوريءَ سڌو ڪندي ٻڌايو؛ “ھتي پوليس وارا پھرو ڏيندا آھن. تڏھن ته کين سموري سُڌِ آھي. اڙي منھنجا سائين، اھي ماڻھو ئي چوريون ڪرائيندا آھن. شھر جا جيترا چور ڊاڪو آھن، سي سمورا سندن سلامي آھن. رات جو سمورا ھڪ محلي ۾ چورن کي چوندا آھن ۽ ٻئي محلي ۾ رڙيون ڪندا آھن؛ جاڳو جاڳو! منھنجو مامو به ھڪڙي ٿاڻي تي سپاھي آهي. ويھ رپيا مھينو پگھار اٿس. ليڪن ٿيلھيون ڀري ڀري گھر موڪليندو آهي. مون ھڪڙي ڏھاڙي پڇيو ھئس؛ ماما! ايترا رپيا، جيڪڏھن تون چاھين ته، ڏينھڪ لک ڀيرا آڻين. چيائين؛ اسان ته ايترو وٺندا آھيون، جنھن سان بدنامي نه ٿئي ۽ نوڪري به ھلندي رھي.“

حامد تعجب مان پڇيس؛ ”اھي ماڻھو چوريون ٿا ڪرائين ته کين ڪو پڪڙي به ڪو نه ٿو؟“

نوريءَ سندس ڪم عقليءَ تي رحم کائيندي چيو؛ ”اڙي احمق! انھن کي ڪير پڪڙيندو! پڪڙڻ وارا ته اھي پاڻ آھن. پر الله، سزا کين گھڻي ڏيندو. ٿورا ڏھاڙا گذريا، ماما جي گھر ۾ باھ لڳي وئي. سڄو مال متاع، سڙي رک ٿي ويس. ھڪڙو ٿانءُ ڪونه بچيس. ڪيترا ڏھاڙا وڻ ھيٺان ستا پيا ھئا. الله سان، وري الائي ڪٿان قرض پٽي آيو ته ٿانءَ ٿپا آندائين.“

وسندي، گھاٽي ٿيڻ لڳي. عيدگاهه وڃڻ وارن جا ٽولا نظر اچڻ لڳا. ھڙني کي زرق برق پوشاڪون پاتل ھيون. ڪو ٽانگي تي سوار ھو ته ڪو موٽر تي چڙھيو پئي ويو. ڪپڙن مان رڳو عطر جي ھٻڪار پئي آئي.

ڳوٺاڻن جي ھيءَ ننڍڙي ٽولڙي، بنا ڪنھن سامان سڙي جي پنھنجي غريبي حال آھر، مگر صبر ۽ شڪر سان پئي ھلي. جيڏانھن پيا تڪين، تڪيندا ئي پيا رھن. وري پٺيان وڄندڙ ھارن جي آواز جو به، ھوش نه ھئن. محسن ته موٽر جي ھيٺان ايندي ايندي بچيو ھو.

او اھا عيدگاهه نظر آين. جماعت شروع ٿي وئي. گدامڙيءَ جي گھاٽن وڻن جي ڇانو هيٺان، کليل پڪو فرش ھو. جنھن تي فراسيون وڇايل ھيون.

ٻيو ته نمازين جون صفون، ھڪ ٻئي پٺيان، الله ڄاڻي ته ڪيستائين ھليون ويون ھيون. پڪي فرش ھيٺان فراسيون به وڇايل ناھن. ڪيتريون ئي صفون بيٺيون آھن. جيڪي ايندا ٿا وڃن، سي پويان بيھندا ٿا وڃن. اڳيان ھاڻي جاءِ نه بچي آهي. ھتي ڪير رتبو يا عھدو ڪو نه ٿو ڏسي. اسلام جي اک ۾ سمورا برابر آھن. ڳوٺاڻن به وضو ساريو ۽ جماعت ۾ شامل ٿي ويا. ڪيڏي نه باقاعده منظم جماعت آهي. لکين ماڻھو ھڪٻئي سان گڏ جھڪن ٿا. ھڪٻئي سان گڏ گوڏا ڀڃي ٿا ويھن. وري اھو عمل ورائي ورائي پيو ٿئي. ائين پيو لڳي ڄڻ بجليءَ جا لکين بلب، سڀ گڏجي پيا ٻرن ۽ سڀ گڏجي پيا وسامن. ڪيترو نه احترام ۽ رعب وارو نظارو آهي. جنھن جي ھڪ ڪرائي، وشال ۽ ڳاڻيٽو، دلين تي ھڪڙي وجداني ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ٿو. ڄڻڪ ڀائيچاري جو رشتو، انھن مڙني روحن کي ڳنڍيو ويٺو ھجي.

نماز پوري ٿي وئي آهي. ماڻھو ھڪٻئي سان ڀاڪر پائي پيا ملن. ڪي ماڻھو محتاجن ۽ سوالين کي خيراتون پيا ڏين، جيڪي اڄ ھتي ھزارن ۾ اچي ڪٺا ٿيا آھن. اسان جي ڳوٺائين، مٺائين ۽ رانديڪن جي دڪانن ڏي کڻي ڊِيڙ ٻڌي. ٻڍا به اھڙين ڳالھين ۾، ٻارن کان گھٽ مزا نٿا ماڻين. ھيءُ ڏسو چوڏيل! ھڪڙو پئسو ڏئي، آسمان ڏانھن ويندا پيا محسوس ٿيندا. ڪڏھن زمين تي ٿا ڪرن. ھيءَ ڦرڻي آهي. ڪاٺ جا گھوڙا، اٺ ۽ ھاٿي، اُڄٺن سان لڙڪيا پيا اٿس. ھڪڙو پئسو ڏئي ويھو ۽ پنجويھن ڦيرن جو مزو ماڻيو. محمود ۽ محسن، ٻئي چوڏيل تي ويٺا آھن. آزر ۽ سميع، گھوڙن تي. سندن وڏا اھڙي ئي شوق سان ڦرڻيءَ تي ويٺا آھن. حامد، پري بيٺو آهي. ٽي پئسا ئي ته وٽس آھن. ٿورڙو چڪر کائڻ لاءِ پنھنجي خزاني جو ٽيون حصو خرچ نٿو ڪري سگھي. محسن جو پيءُ ورجائي ورجائي پيو ڦرڻيءَ تي سڏيس، ليڪن ھو راضي نٿو ٿئيس. ٻڍا ٿا چون؛ ھن ڇوڪري ۾ ھاڻي سان ئي پنھنجو پرايو اچي ويو آهي. حامد سوچي ٿو، ڇو ڪنھن جو ٿورو کڻان. غربت، کيس ضرورت کان وڌيڪ ئي حساس بڻائي ڇڏيو آهي.

سڀئي ماڻھو، ڦرڻيءَ تان لھن ٿا. رانديڪن جي خريداري شروع ٿئي ٿي. سپاھي ۽ گلن وارو، راجا راڻي ۽ وڪيل، ڌوٻي ۽ پخالي، بنا فرق جي ڪلھو ڪلھي سان ملايو پيا آھن. ڌوٻي، راجا راڻيءَ جي بغل ۾ آهي ته پخالي وڪيل جي ڪڇ ۾ آهي. واھ! ڪيڏا نه سھڻا آھن. محمود، سپاھيءَ تي موھجي ويو. خاڪي وردي ۽ ڳاڙھو پٽڪو، ڪلھي تي بندوق، لڳي ٿو ڄڻ ھاڻ قاعدي قانون مطابق پيو اچي. محسن کي پخالي پسند آيو. چيلھ چٻي، مٿس رکيل پخال جي ھڪڙي ڪنڊ پڪڙي، ٻئي ھٿ ۾ رسي اٿس. ڪيڏو ٻھڪندڙ چھرو اٿس، ڄڻ ڪو راڳ ڳائيندو پيو اچي. پخال مان پاڻي ٽمندو پيو محسوس ٿئي. نوريءَ کي وڪيل سان دل لڳي وئي آهي. ڪيڏي عالمن واري صورت ڪيو ويٺو آهي. ڪارو گائون، ھيٺان ڪاري قميص، قميص جي اڳيان واري کيسي ۾ سوني زنجيري، ھڪڙي ھٿ ۾ قانون جو ڪتاب کنيو بيٺو آهي. لڳي ٿو، ڄڻ ھاڻي ڪنھن ڪورٽ ۾ آڏي پڇا يا بحث ڪيو پيو اچي. اھي سمورا ٻن ٻن پاين جا رانديڪڙا آھن. حامد وٽ ڪل ميراث آھي ئي ٽي پئسا. جي ٻن مان وٺي ھڪڙو رانديڪو ته پوءِ ٻيو ڇا وٺي سگھندو؟ نه!! رانديڪا بيڪار آھن. ڪٿي ھٿان ڪريا، ذرا ذرا ٿي ويندا. ٿورڙو پاڻيءَ چُڪو پين ته سڄو رنگ ڌوپجي ويندن. اھي رانديڪا وٺي، انھن جو ھيءُ ڪندو به ڇا؟ ڪھڙي ڪم جا؟

محسن ٿو چوي؛ “مون وارو پخالي، ڏھاڙي پاڻي پڄائي ويندو، صبح توڙي شام.”

نوريءَ چيو؛ “وري مون وارو وڪيل، ڏھاڙي ڪيس وڙھندو ۽ ڏھاڙي پئسا ڪمائي ايندو.”

حامد، رانديڪن جي گلا ٿو ڪري. مٽيءَ جا ته آھن. ڪريا ته ڇيھون ڇيھون ٿي ويا. ليڪن ھر شيءِ ڏسي، ھرکجندڙ نظرن سان پيو ٿو ۽ چوي ٿو کن پل لاءِ ھوند ھٿ ۾ کڻي ڏسان. ھيءُ پٽ تي شيون وڪڻڻ واري جو دڪان آھي. ڀانت ڀانت جون شيون اٿس. ھڪڙي چادر وڇائي پئي آھي. کينھون، سيٽيون، واڄا، بينون، رٻڙ جا رانديڪا، ھزارن ۾ شيون پيون اٿس. محسن، ھڪڙي سيٽي ورتي، محمود کينھوڙو، نوريءَ رٻڙ جو بت جيڪو چون چون پيو ڪري ۽ سميع بانسري. اھا، ھو وڄائي وڄائي ڳائيندو. حامد، بيھي ھرھڪ کي حسرت مان ڏسي رھيو آھي. جڏھن سندس ڪو ساٿي، ڪا شيءِ خريد ڪري وٺي ٿو ته ھيءُ وڏي حب مان کانئس اھا شيءِ وٺي ھٿ ۾ ڏسڻ لاءِ لڙڪي ٿو پوي. ليڪن ٻار، ايڏا دوست نواز ڪونه ھوندا آھن. خاص طور تي ان شيءِ ۾، جيڪا اڃان ھاڻي ھاڻي ورتي آهي. ويچارو، اٻاڻڪو ٿي ويھي ٿو رھي.

رانديڪن کانپوءِ، مٺائين جو وارو آيو. ڪنھن ريوڙيون ورتيون، ڪنھن گلاب ڄمون ورتا، ڪنھن چاٻو حلوو ورتو. چاٻا ڏئي پيو ٿو کائي. حامد، سندن برادريءَ مان ڄڻ نڪتل آهي. ويچاري جي کيسڙي ۾ آھن ئي ٽي پئسڙا، جنھن ڪري ڪا شيءِ وٺي به ڪونه ٿو کائي. حرص ڀرين اکڙين سان سڀني کي پيو چتائي ڏسي.

محسن چيو؛ “حامد! ھيءَ ريوڙي وٺ! ڪيڏي نه خوشبودار آهي.”

حامد سمجھي ويو، اھا رڳو شرارت پيو ڪري. تنھن ھوندي به سندس ويجھو ويو. محسن، کوکي مان ٻه ٽي ريوڙيون ڪڍيون. حامد ڏانھن وڌايائين. حامد ھٿ ڊگھو ڪيو ته محسن ھٿ پوئتي موٽائي ورتو ۽ ريوڙيون پنھنجي وات ۾ وجھي ڇڏيائين. محمود، نوري ۽ سميع تاڙيون وڄائي کلڻ لڳا. حامد، ويچارڙي شڪل ڪري ويھي رھيو. محسن چيس؛ “چڱو! ھاڻي پڪ ڏيندوسانءِ! ھيءُ وٺ! الله جو سُنھ.”

حامد چيس؛ “رک رک! مون وٽ پئسا ڪونھن ڇا؟”

سميع چيس؛ “ٽي پئسڙا ئي ته اٿئي. ڇا ڇا وٺندين؟”

محمود چيو؛ “تون ھن سان نه ڳالھاءِ! حامد ھيڏي اچ! ھي گلاب ڄمون وٺ.”

حامد؛ “مٺائي وري ڪھڙي نعمت آهي! ڪتاب ۾ ان جا نقصان ٻڌايل آھن.”

محسن؛ “پر دل ۾ پيو چوين ته ٿورو ڪجھ ملي پوي کائي وٺان. پنھنجا پئسا ڇو نٿو ڪڍين؟”

محمود؛ “اڙي ھن جي چالاڪي مان ٿو سمجھان! جڏھن اسان جا سمورا پئسا کپي ويندا، تڏھن ھيءُ مٺائي وٺندو ۽ اسان کي سڪائي سڪائي پيو کائيندو.”

حلوائين جي دڪانن آڏو، ٿورا دڪان لوھي شين جا ھئا. ڪجھ گلٽ ۽ رول گول جي زيورن جا. ڇوڪرن جي لاءِ ھتي دلچسپيءَ جو ڪو سامان ڪو نه ھو. حامد، کن پل لاءِ بيٺو. چمٽا پيا ھئس. کيس چمٽو وٺڻو آهي، جو ڏاڏس وٽ چمٽو ناھي. تئي تان گرم گرم مانيون لاھيندي ھٿ سڙندا اٿس. جيڪڏھن چمٽو وٺي وڃي ڏاڏيءَ کي ڏيندو ته ڪيڏي نه گد گد ٿيندي. وري سندس آڱريون ڪڏھن سڙنديون به نه. گھر ۾ ڄڻ ڪم جو ٽپڙ به ٿي پوندو. رانديڪن مان ڪھڙو فائدو؟ اجايو پئسا ٿا وڃائجن. ٿوري دير خوش ٿجي ٿو، پوءِ ته رانديڪن کي ڪو اک وتائي به ڪو نه ٿو ڏسي. يا ته گھر پھچڻ کان اڳي ڇيھون ڇيھون ٿي ويندا يا ننڍڙا ٻار، جيڪي عيدگاھ نه آيا، ضد ڪري کڻندا ۽ ڀڃي ڇڏيندا.

چمٽو، ڪيڏي نه ڪم جي وٿ آهي. مانيون تئي تان اٿلائي، چلھ مان ٽانڊو ٻاھر ڪڍي. ڏاڏي امان کي واندڪائي ڪٿان آئي جو بازار اچي ۽ وري ايترا پئسا ڪٿان ملندس. ڏھاڙي ھٿ ساڙيو ويٺي آهي. سندس سنگتي، اڳتي وڌي ويا. سبيل تي سمورا بيھي پاڻي پيئڻ لڳا. ڪيڏا نه لالچي آھن. سمورن ايتريون مٺائيون ورتيون، ڪنھن مون کي ڪا ذري شيءِ جي به نه چکائي. وري ان تي چوندا آھن، اسان سان ويھي کيڏ. منھنجي پٽي ته ڌوئي اچجانءِ! ھاڻي نه جيڪڏھن محسن ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ته خبر وٺندوسانس. کائين مٺائيون، پاڻھئي وات سڙندن. ڦلوڪڻا پوندن. پاڻ ئي زبان جا چسيرا ٿي ويندا. پوءِ پئسا چورائڻا پوندن ۽ مارون کائيندا. منھنجي زبان ڇو خراب ٿيندي.

ھن وري سوچيو؛ ڏاڏي امان چمٽو ڏسندي ئي ڊوڙندي منھنجي ھٿ مان اچي وٺندي ۽ چوندي؛ “منھنجو ٻچڙو پنھنجي ڏاڏيءَ لاءِ چمٽو وٺي آيو آھي.” ھزارين ته دعائون ڏيندي. کڻي وڃي پاڙي پتيءَ ۾ ڏيکاريندي. سڄي ڳوٺ ۾ واھ واھ ٿي ويندي. ھنن يارن جي رانديڪن تي ڪير کين دعائون ڏيندو؟ وڏڙن جون دعائون سڌيون عرش تي پھچنديون آھن ۽ ستت قبول به ٿينديون آھن. مون وٽ گھڻا پئسا ته ناھن. تڏھن ئي ته محمود ۽ محسن، پري پري آھن. مان به کين پنھنجي طبيعت ڏيکاريندس. اھي رانديڪن سان کيڏن، مٺائيون کائين ۽ مان غريب سھي، پر ڪنھن کان پنان ته ڪو نه ٿو. نيٺ ته منھنجو پيءُ ڪڏھن نه ڪڏھن ايندو، پوءِ انھن کان پڇندس ڪيترا رانديڪا ٿا وٺو؟ ھڪ ھڪ کي ھڪڙي ٽوڪري ڏيندس ۽ ڏيکاري ڇڏيندس ته دوستن سان ائين ھلبو آهي. جيترا غريب ڇوڪرا آھن، سڀني کي قميصون وٺرائي ڏيندس ۽ ڪتاب ڏيندس. ائين نه ته پئسي جون ريوڙيون وٺن ته ٻين کي سِڪائي سِڪائي کائڻ ويھن. وري چمٽو ڏسي، سڀ کلندئي. احمق ته آھن. ڊڄندي ڊڄندي، دڪاندار کان پڇيائين؛ ”ھيءُ چمٽو کپائيندين؟“ دڪاندار، ھن ڏانھن ڏٺو ۽ ساڻس ٻيو ڪو ماڻھو گڏ نه ڏسي چيائينس؛ ”اھو تنھنجي ڪم جو ناھي.“

“ويڪو آ ڪن نه؟”

“ويڪو آ، تڏھن ته کڻي اچي ھتي رکيو آ.“

”پوءِ ٻڌائين ڇو نه ٿو ته ڪيترن پئسن ۾ ڏيندين؟“

”ڇھ پئسا لڳندئي.“

حامد جي دل ٻڏي وئي.

”ڇھ پئسا! لڳندا!“

حامد جي دل ويھجي وئي. پوءِ به دل جھلي چيائينس؛ ”ٽي پئسا وٺندين؟“ ۽ اڳتي ھلڻ جي ڪيائين ته جيئن دڪاندار جون ڇڙٻون نه ٻڌڻيون پون. دڪاندار، ڇڙٻون ته نه ڏنس. ھٿائين چمٽو ھن ڏانھن وڌائي، پئسا ورتائينس. حامد، چمٽو ڪلھي تي رکيو، ڄڻ بندوق ھجي. ۽ شان مان سان ٽيڳربو وڃي سنگتين سان مليو. محسن کلندي چيس؛ ”ھيءُ وري چمٽو وٺي آيو اٿو! اڙي احمق! ڪاڏي ڪندين؟“

حامد، چمٽو زمين تي سٽيندي چيس؛ ”ٿورو پاڻ واري پخاليءَ کي زمين تي ته اڇلي ڏس! سڄو ڇيھون ڇيھون ٿي ويندو.“

محمود چيس؛ ”ھيءُ چمٽو به ڪو رانديڪو آ؟“

حامد چيس؛ ”رانديڪو ڇو ڪونھي؟ ھاڻي ڪلھي تي رکيم ته بندوق ٿي ويو. ھاڻي ھٿ ۾ کنيم ته فقير جو چمٽو ٿي پيو. وڻي ته ان سان تنھنجو نڪ پٽيان. ھڪڙي چمٽي ھڻڻ سان اوھان جي سڀني رانديڪڙن جو ساھ ئي ھليو وڃي. توھان جا رانديڪا ڪيڏو به زور لائين، ھن جو وار ونگو نه ڪري سگھندا. منھنجو بھادر شينھن پٽ! ھيءُ چمٽو!“

سميع، موھجندي چيس؛ ”مون واري دُھلڙيءَ تي مٽائيندين؟ ٻن آنن جي آ!“

حامد، دُھلڙيءَ ڏانھن نفرت ڀرين نگاھن سان ڏسندي چيس؛ ”مون وارو چمٽو پوي نه ته تو واري دُھلڙيءَ جو پيٽ ڦاڙي رکي. بس چمڙي جو ھڪڙو تھ ھڻي ٺاھيائونس. ھاڻي ڊڙ ڊڙ وڄي ٿي. اھا ٿي دھلڙي. ٿورو پاڻي پيس ته اھا دھلڙي پوري. مون وارو شينھن بھادر چمٽو ته باھ ۾، پاڻيءَ ۾، ٻوڏ ۾ طوفان ۾ دلير لڳو بيٺو آهي.“

ميلو، گھڻو پوئتي رھجي ويو ھيو. ڏھ وڄي چڪا ھئا. گھر پھچڻ جي ھر ڪنھن کي جلدي ھئي. ھاڻي اھو چمٽو ملي نٿو سگھي. نه ئي وري ڪنھن وٽ ايترا پئسا ڪو بچيا به ھيا. حامد ھيو، جو مڙني ۾ ڏاھو نڪري پيو.

ھاڻي ٻه ٽوليون ٿي ويون. محمود، محسن ۽ نوري ھڪ طرف ته حامد اڪيلو ۽ تن تنھا ٻئي طرف. سميع وچ تي، نه ھيڏي نه ھوڏي. جنھن جو جوڙو ڏسندو سَرِ، تنھن جي وٺندو ڀَرِ. ھاڻي ٿيو مناظرو شروع. اڄ حامد جي زبان ڏاڍي صفائي ڏيکاري رھي ھئي. ٽن ڄڻن جو ٽولو، سندس جرح واري عمل تي پريشان ٿي رھيو آ. ٽن وٽ ڳاڻيٽي جي سگھ آھي. حامد وٽ سچ ۽ اخلاق جي. ھڪ پاسي مٽيءَ، رٻڙ ۽ ڪاٺ جون شيون، ٻئي پاسي اڪيلو لوھ. جيڪو ھن وقت پنھنجي پاڻ کي فولاد سڏي رھيو آ. ھو روئڻھارڪيون شڪليون آھن. قطارن کان ڇڳل آھن. جي ڪٿان شينھن جي گجگوڙ جو آواز ڪن تي پين ته ميان پخالي جا اوسان ئي خطا ٿي ويندا. ميان سپاھي ته دلو ۽ بندوق ڇڏي ڀڄي ويندو. وڪيل صاحب جو سڄو قانون، پيٽ ۾ ھليو ويندو. ڪاري جبي ۾ ٻوٿ لڪائي ليٽي پوندو. مگر ھيءُ بھادر ھندستان جو رستم، ٽپو ڏئي شينھن جي ڪنڌ تي سوار ٿي ويھي رھندو ۽ اکيون ڪڍي وٺندس.

محسن، نُھن چوٽيءَ جو زور لائيندي چيس؛”ٺيڪ آ! تو وارو چمٽو، پاڻي ته ڀري ڪو نه ايندو.“

حامد چمٽي کي سڌو جھليندي چيس؛ ”اھو پخالي ھڪڙي دڙڪي ۾، ڊوڙندو پاڻي ڀري اچي ھن جي در تي پڄائيندو. سائين جن پوءِ ان مان ڀلي دلا، مٽ ۽ ڪونڊيون ڀري وٺن.“

محسن جي بولتي بند ٿي وئي. نوريءَ ڪمڪ پھچايس؛ ”پٽ پڪڙجي وڃي ته ڪورٽ ۾ بيٺا پيا چڪر ڏيندئو. اتي ته اسان جو وڪيل صاحب ئي ڪيس جي پيروي ڪندو نه! ھاڻ ٻڌاءِ منھنجا سائين!“

حامد کي انھيءَ حملي جو جواب، ترت نه سُجھيو. ٿورو سوچڻ لاءِ وٿي کپندي ھئس، تنھنڪري وڪڙ ڏئي پڇيائينس؛ ”ھن کي پڪڙيندو ڪير؟“

محمود چيس؛ ”ھيءُ سپاھي، بندوق وارو.“

حامد وات چٻو ڪري چيس؛ ”اھو ويچارڙو، ھن ھندستان جي رستم ۾ ھٿ وجھي سگھندو؟ ٺيڪ آ! لاھينس ميدان تي! ٿورو پاڻي ٿي وڃي! اڙي ھن جي شڪل ڏسي، غريب جي مَيس ئي مري ويندي. پڪڙيندو ڇا ويچارو!.“

محسن، ساھي پٽي وراڻيس؛ ”تو واري چمٽي جو ڏھاڙي وات باھ ۾ پيو سڙندو.“

حامد وٽ جواب تيار پيو ھو؛ ”باھ ۾ بھادر ڪُڏي پوندا آھن منھنجا سائين. تو وارو اھو وڪيل، اھو سپاھي ۽ اھو پخالي ڊڄڻا آھن. سڀ گھرن ۾ وڃي لڪندا. باھ ۾ ٽپي پوڻ اھو ڪم آهي، جيڪو رستم ئي ڪري سگھي ٿو.“

نوريءَ عقل کان ڪم وٺندي چيس؛ ”تو وارو چمٽو، بورچي خاني ۾ پٽ تي پيو ھوندو. مون وارو وڪيل، شان مان سان ميز ڪرسي رکي ويھندو.“

انھيءَ جملي، مئلن ۾ ساھ وجھي ڇڏيو. سميع به کٽي ويو. بيشڪ وڏي ڪم جي ڳالھ ڪئي اٿئي. اھو چمٽو، بورچي خاني ۾ پيو ھوندو.

حامد، دمبڙ ٻڌندي چيس؛ ”مون وارو چمٽو بورچي خاني ۾ رھندو، وڪيل صاحب ڪرسيءَ تي ويھندو ته وڃي کيس پٽ تي اڇلي ايندو ۽ سڄو قانون کڻي سندس پيٽ ۾ وجھي ايندو.“

انھيءَ جواب ۾ ڪو دم خم نه ھو. بلڪل اڻ ٺھندڙ ڳالھ چيل ھئي. ليڪن قانون پيٽ ۾ وجھڻ واري ڳالھ وزن کڻي وئي. ٽئي سورما، ھڪٻئي جا ٻوٿ تڪڻ لڳا.

حامد، مڙني کي مات ڏئي چڪو ھو. تنھن ھوندي به ٽنھي وٽ اڃا بال، سيٽي ۽ باجو پوئتي ھئا. مگر ھنن مشين گنن آڏو انھن بزدلن کي ڪير ٿو پڇي؟ چمٽو، ھندستان جو رستم آهي. ان آڏو ڪنھن کي چون چان ڪرڻ جي ھمت ئي ناھي.

کٽندڙن کي، ھارائيندڙن کان وقار ۽ خوشامد جي ڍَل ملندي آهي. سا حامد کي ملڻ لڳي ۽ مڙني ٽي ٽي آنا خرچيا ۽ ڪم جي ڪا شيءِ آندائون. حامد، ٽن پئسڙن مان ئي رنگ ڏيکاري ڇڏيا. رانديڪڙن جو ڪھڙو ڀروسو. اھي ته ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٽٽي ڦٽي ويندا. حامد وارو چمٽو، سوڀارو رھندو. سدائينءَ جي ٺاھ لاءِ، شرط طئي ٿيڻ لڳا.

محسن چيس؛ ”ٿورو پاڻ وارو چمٽو ته ڏي! اسان به ته ڏسونس.“

حامد چيس؛ ”مون کي ان ڪو اعتراض ڪونھي.“

ھيءُ سخي دل ۽ سوڀارو آهي. چمٽو واري وٽيءَ سان محمود، محسن، نوريءَ ۽ سميع وارن جي ھٿن ۾ آيو. وري سندن رانديڪا، واري وٽيءَ سان حامد جي ھٿن ۾ آيا. ڪيڏا نه سھڻا رانديڪا آھن. لڳي ٿو ڄڻ اجھو ڳالھائڻ لڳا. مگر ھنن رانديڪن لاءِ، کين دعائون ڪير ڏيندو؟ ڪير ڪير انھن رانديڪن کي ڏسي خوش ٿيندو، جيترو ڏاڏي امڙ چمٽي کي ڏسي ٿيندي. کيس پنھنجي عمل تي ھرگز ويسورو ڪونھي. ٻيو ھاڻ چمٽو آھي، جيڪو سڀني جو بادشاھ آهي. واٽ تي محمود ھڪڙي پئسي جون ونگيون ورتيون. انھن مان حامد کي به حصو مليو، پر ھيءُ نه نه ڪندو رھيو. محسن ۽ سميع به پئسي پئسي جا ڦاروا ورتا، تن مان به حامد کي ونڊ مليو. اھو سڀ رستمِ ھند جي برڪت ھئي.

يارھين بجي، سڄي ڳوٺ ۾ ھو ھواءِ ٿي وئي؛ ”ميلي وارا پھچي ويا.“ محسن جي ننڍي ڀيڻ، ڊڪي وڃي سندس ھٿان پخالي کسيو ۽ خوشيءَ مان جيئن ٽپا ڏنائين ته ميان پخالي ھٿان ڇڏائي ويس ۽ وجدان جي جھان ڏانھن راھي ٿي ويو. ان تي ٻنھي ڀيڻ ڀاءُ ۾ موچڙا ماري ٿي. ٻنھي ڏاڍو رنو ڪيو. سندن ماءُ اھو ڪھرام ڏسي ويتر ڪاوڙي. ان به مٿان ٻه ٻه ٿڦڙون ٻنھي کي ھڻي ڪڍيون. ميان نوريءَ جي وڪيل صاحب جو حشر، ان کان به بڇڙو ٿيو. وڪيل، زمين يا طاق تي ته ويھي نه پئي سگھيو. سندس ويھڪ جو بناوٽ جي لحاظ کان بندوبست ته ڪرڻو پوندو. ڀت ۾ ٻه ڪليون ٺوڪيون ويون. مٿن ڪاٺيءَ جو پراڻو تختو رکيو ويو. مٿس ڳاڙھي رنگ جي اڳڙي وڇائي وئي، جيڪا قالين جي مثال ھئي. وڪيل صاحب، مٿانھين ھنڌ تي ڦڻ ڪڍي ويٺو. اتان ئي قانوني بحث ڪندو. نوري، ھڪڙو وڃڻو کڻي ھڻڻ لڳس. خبر ناھي ته وڃڻي جي ھوا سان يا وڃڻي جي ٺينشڙي سان، وڪيل صاحب مٿئين جھان مان فاني جھان ڏي ھليو آيو. سندس خاڪي جسم، پرزا پرزا ٿي ويو. پوءِ ته وڏو ماتام ٿيو ۽ وڪيل صاحب جو لاش، پارسي رسمن مطابق، ڍير تي اڇليو ويو ته جيئن ڪانءُ ڪتي جي ڪم اچي سگھي.

باقي بچيو محمود جو سپاھي. اھو ته احترام لائق ۽ رعب واري ھستي آهي. پنھنجي پيرن سان پنڌ ڪرڻ کيس وڻي ئي ڪو نه. محمود پنھنجي ٻڪريءَ جي ڇيلو پڪڙي، مٿس سپاھيءَ کي سوار ڪيو. محمود جي ڀيڻ، ھڪڙي ھٿ سان سپاھيءَ کي جھليو بيٺي ھئي ۽ محمود ڇيلي کي ڪن کان وٺيو دروازي ڏانھن ڇڪيو پئي ويو. سندس ٻئي ڀائر، سپاھيءَ جي طرفان ‘رت دانگيءَ تي وري’ وارو مرثيو ڳائيندا پئي ھليا. مڄاڻ ڇا ٿيو جو ميان سپاھي پنھنجي گھوڙي جي پٺيءَ تان ڪري پيو ۽ بندوقڙيءَ سميت پٽ تي اچي پيو. ھڪڙي ڄنگھ نڪري ويس. خير آهي، ڪو حرج ناھي. محمود ھوشيار ڊاڪٽر آهي. ڊاڪٽر نگم ۽ ڀاٽيه سندس شاگردي ڪري سگھن ٿا ۽ ڀڳل ٽنگ اتي جو اتي ڳنڍي وٺندو. فقط گُولرَ جو کير کپي. گولر جو کير آيو. ڄنگھ ڳنڍجي وئي. ليڪن جيئن ئي اٿي بيٺو، ڄنگھ وري الڳ ٿي وئي. جراحت وارو عمل ناڪام ٿي ويو. تنھن تي محمود، سندس ٻي ڄنگھ به ڀڃي ٿو ڇڏي. ھاڻ ھو، آرام سان ھڪڙي جاءِ تي ويھي سگھي ٿو. ھڪڙي ڄنگھ سان نه ھلي سگھي، نه ويھي سگھي. ھاڻ پردي جي اوٽ ۾ ويٺو شڪار ڪندو.

ھاڻي ميان حامد جو قصو ٻڌو. امينا، سندس آواز ٻڌندي ئي ڊڪندي آئي ۽ کيس ڪڇ ۾ کڻي پيار ڪرڻ لڳي. اوچتو سندس ھٿ ۾ چمٽو ڏسي رڙ نڪري ويس؛ ”ھيءُ چمٽو ڪاٿي ھيو پٽ!؟“

”مون ناڻي ورتو آهي، ٽن پئسن ۾.“

امينا ڇاتي ڪٽيندي چيس؛ ”اڙي ڪھڙو نه اٻوجھ ٻچڙو آھين. منجھند اچي ٿي آهي. نه ڪجھ کاڌئي نه پيتئي. وري آندئي ته ھيءُ چمٽو؟ ڀريي تري ميلي ۾ توکي چمٽو مليو، ٻي ڪا شيءِ ڪا نه ھئي!“

حامد شرمساريءَ واري انداز ۾ ڪنڌ جھڪائي چيس؛ ”تنھنجون آڱريون تئي تي سڙنديون آھن نه؟“

امينا جي ڪاوڙ، ھڪدم ٻاجھ واري لھجي ۾ تبديل ٿي وئي. ۽ ٻاجھ به اھا نه جيڪا وات سان بيان ڪري سگھبي آ جيڪا پنھنجو تاثير لفظن ۾ وکيري ڇڏيندي آ. اھا بي زبان شفقت ھئي، جيڪا التجا جي درد ۾ ٻڏل ھئي. اوھ! ڪيڏو نه نفس کي مارجي ٿو. ڪيڏو نه اندر ساڙڻو ٿو پوي. گگدام ويچاري پنھنجي ٻاراڻي شوق کي روڪڻ لاءِ ڪيڏو نه پاڻ تي ضبط ڪيو آ. جڏھن ٻيا ٻار، رانديڪا وٺي رھيا ھوندا، مٺائيون کائيندا ھوندا، ھن جي دل ڪيڏيون نه سٽون کاڌيون ھونديون. ايڏو ضبط، ھن کان ٿيو. ھائو پنھنجي ڪراڙي امڙ جي ياد کيس اتي به آئي ھوندي! منھنجو ٻچڙو ڪيڏي نه منھنجي ڳڻتي اٿس. سندس دل ۾ اھڙو جُھٻو آيو جو ھوند سڄي دنيا جي بادشاھت سندس ھٿ اچي وڃي ته جيڪر اھا حامد تان گھوري ڇڏي. پوءِ تڏھن ھڪڙي دلچسپ ڳالھ ٿي. ڪراڙي امينا، گُڏڙي امينا ٿي وئي. ھوءَ روئي ويٺي. جھول جھلي حامد کي دعائون ڏيڻ لڳي ۽ اکين مان نير جا ڳوڙھا وھائڻ لڳي. حامد انھيءَ راز کي ڪٿي سمجھي سگھندو ۽ شايد ئي ڪي اسان جا پڙھندڙ به سمجھي سگھن.

***