بلاگنئون (تاثر) ڪارونجهر September 2, 2024 Zahida Abro سج سوا نيزي تي ھو، نيري آسمان تي ڪڪريون ڪپھ جي پوڻين جيان وکريل ھيون. ريت جا ڀورا ۽ وڏا دڙا، جن مٿان سانوڻيءَ جي برساتن، سائي گاھ جي بخملي چادر اوڍي ڇڏي ھئي. ھو ساڳي ماٿريءَ ۾ ڌڻ ھڪالي آيو، جن جي ٽنھي ڀرن کان ڪجھ پرڀرو ڪارونجهر جي جبلن جو وسيع سلسلو ٿي شروع ٿيو. ھو پنھنجي آواز جي سحر ۾ گم ھو، سندس سيٽيءَ جي ڌن ۾ سوز ھو. پريان وڻن جي جهنڊن وٽان ڪو سوار تکو ڊوڙندو ٿي آيو. لوهي ھٿن ۾ اگهاڙي تلوار، وڄ وارا چمڪاٽ ٿي ڪيا. گهوڙي جي ھڻڪار تي ڌڻ ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳو. مال جي ٽھڻ تي، پنھنجو پاڻ ۾ گم ٿيڻ واري ڪيفيت مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. آھستي آھستي سوار ويجھو ٿيندو ويس، کن پل ۾ اچي کيس ويجهو ٿيو، تون ڪير آھين؟ ھن جي سوال تي گهوڙي سوار گهوڙي جو لغام ڇڪيو، گهوڙي ھڻڪار ڪري اڳيون ٽنگون فضا ۾ اڀيون ڪيون، سوار جي چھري تي اطمينان ھو. ھن وري دھرايو، تون ڪير آھين؟ مظلومن لاءِ ڇانو، ظالمن لاءِ مضبوط پهڻ. “پر تون ڪو بادشاھ ته ناھين، تو وٽ ڪو لشڪر به ناھي، تون ته هٿين خالي آهين.” هن چيو. مون وٽ خوبصورت دل ۽ صحتمند دماغ آھي، جو ھرھڪ طاقتور شيءِ کي، شڪست ڏيڻ جو حوصلو رکي ٿو. تون ڪهڙو مقصد کڻي آيو آهين؟ بديءَ جو خاتمو، پر ھيءَ ڌرتي فاتحن جي آھي، جن وٽ جنگ کانپوءِ سڀ ڪجھ جائز ھوندو آھي. مان مفتوح قوم جو پٽ، غلام ڌرتيءَ جو سپاھي آھيان، منھنجي تلوار کي سرڪش ماڻهن جا سِر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ جي عادت آھي. منھنجي گهوڙي جي ٽاپولي، آزاديءَ جو پرڪيف نغمو آھي. منھنجي سوچ آسمان جي بلندين کي ڇھي ٿي. مون کي پنهنجو مقصد پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز آھي. مون کي پنھنجن سورمن جي بھادريءَ جي روايت دھرائڻي آھي. مون کي ھر دراوڙ ماءُ ڀيڻ جي لڄ بچائڻي آھي، مون کي ھر ظلم جي خلاف جنگ جوٽڻي آھي، مون کي پنھنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪرڻي آھي. منھنجو يقين چوي ٿو ته رستا منھنجا تابع آھن، منزل تمام ويجھي آھي۔ تنھنجو اڳيون پڙاءُ ڪھڙو ۽ ڪٿي آھي؟ جتي سچ جي سفيدي ھوندي، جتي سر زمين جو چپو چپو، ريت جو ڪڻو ڪڻو، جتان جا ڏونگر ۽ آسمان آزاد ھوندا، پر ان کان پھرين تلوار جي جهڻڪار ۾ زندگيءَ مٿان موت جو پھرو ھوندو، ان گهري سائي ۾ مايوسيءَ جي چادر اوڍي ستل پنھنجي قوم ۾ نئون ساھ ۽ روح ڦوڪيندس، پنھنجي ڪڙم قبيلي کي جاڳائيندس. پنھنجي ڌرتيءَ جي چپي چپي جي حفاظت ڪندس. اميد جو آزاديءَ جو ھڪ نئون جهان آباد ڪندس ۽ پوءِ شايد منھنجي ڳولا ختم ٿي وڃي… پر مفتوح ڪڏھن به فاتح ناھن بڻجي سگهيا۔ ڇا آريسر مفتوح قوم جو فرد نه هو. ڏٻري جسم جي ان ماڻھو جو حوصلو ھماليا نه ھو ڇا، وقت جا جبر ڏاڍ ۽ ظلم کيس جھڪائي سگهيا ھئا ڇا؟ نه نه قطعي نه. تاريخ جي سيني تي ھو، ھميشه زنده قائم ۽ دائم رھندو. سندس فڪر جي چشمن مان ايندڙ نسل امرتا جا ڍڪ ڀري، نئين وجود سان نيون جنگيون جوٽيندا. جمن دربدر جي روپ ۾، ھر ھر جنم وٺي، مھراڻ ۾ ملندا. ڇا مارئي ڀالوا جي ڀٽن منجهان کڄي، عمرڪوٽ جي قيدن ۾ ماروئڙن کي وساريو؟ يا سندس عظمت جي اڳيان، وقت جي حاڪم جا جبر ۽ لالچون کيس لوڀي سگهيون؟ نه ھرگز نه. تڏھن ته لطيف سرڪار پنھنجي امر سٽن ۾ چيو: سيئي سکر ڏيھن، جي مون گهاريا بند ۾، نيھرن منھنجو نيھن، اجاري اڇو ڪيو. غلام قومن ۽ غلام ڌرتين تي، ھميشه يلغارون رھيون آھن. ۽ اھي فتح به ٿيون آهن، پر اهي فاتح وقت جي ڊوڙ ۾ ڪک پن ٿي ويا. اڄ مڪليءَ جي مقام ۾ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي مقبرن تي خاموشي پکڙيل آهي. ۽ ڄام نظام الدين ھڪ روشن ستاري جيان پيو چمڪي. ڪٿي آھي تروٽ ۽ ڪٿي آهي ان جو ڏاڍ، پر روپلو اڄ به سنڌ جي ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي. هن جي تلوار جا وراڪا وڄ بڻجي، ڪارونجهر مٿان ڪڙڪاٽ ٿا ڪن. ها مان روپلو آهيان، مون کي ڪارونجهر بچائڻو آهي. مون کي ڪجلا سر بچائڻو آهي. مونکي کارسر بچائڻوآهي، مون کي ڪارونجهر جي هر پٿر لاءِ لال لهو ڏيڻو آهي۔ مون کي هر ڪولهڻ جي پوتيءَ جو مان رکڻو آهي، مسڪين جهان خان جي وک وک تي قدم رکي اڳيان وڌڻو آهي. ڏاڍ ۽ جبر ڪڏهن به اڏولتا جي سرڪش پهاڙن جون چوٽيون ڪپي ڪيرائي نٿا سگهن. مقصدن جي سچائين کي لالچ لوڀ نٿي اچي سگهي. بلند ارادن جو سر ڪوبه جهڪائي نٿو سگهي ۽ پوءِ پنهنجي مک تي فاتحن واري مرڪ سينگاري چوڻ لڳو: ديوانا دل جي ٻڌندا آهن، سياڻا دماغ جي، منهنجي منزل ۽ جستجو مونکي سڏي پئي، منهنجو شوق هڪ لمحو ضايع ڪرڻ نٿو ڏئي، اي دوست الله واهي. هن گهوڙي سوار جون ڳالهيون تجسس ۽ شوق وچان ٿي ٻڌيون۔ اڳئين لمحي سوار اڙي هنئي ۽ گهوڙو هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. پويان واري ۽ مٽي هوا ۾ پکڙجي وئي. هو کيس ويندي ڏسندو رهيو، جتي نخلستان جي ٿڌن چشمن ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ڏونگرن سان گڏ، منزل تي ڪنڊن ڀريل راهون پکڙيل هيون، پر هن کي سندس ارادي ۽ اڏولتا تي ڀروسو هو. آزمائشون، سندس جبل جيڏي حوصلي کي هيڻو نٿي ڪري سگهيون…! *** Post Views: 372