تمام جلد زخم ڀرڻ وارو برقي جيل
سائنسدانن هڪ برقي طور تي چارج جيل ٺاهيو آهي جيڪو تمام ڏکئي ڀرجندڙ ڦٽ (ذيابيطس جي مريضن کي ٿيڻ واري ڦٽ وغيره) کي نئين انداز ۾ ٺيڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن اسان کي ڪنهن به قسم جو زخم ٿئي ٿو ته اسانجو جسم قدرتي طور تي زخم جي ڪنارن تي معمولي ڪرنٽ پيدا ڪري ٿو. ان ڪرنٽ جو والٽيج يونيورسٽي آف ايبرڊين جي محققين مطابق ڊبل اي بيٽري کان 15 سيڪڙو گهٽ ٿيندو آهي. هي والٽيج تڏهن ٺهي ٿو جڏهن مثبت ۽ منفي آئنز (برقي چارج وارا ايٽمز يا ماليڪيولز) هڪ ٻئي مان گذرن ٿا. برقي چارج مرمت ٿيل خلين کي ڇڪي ٿو ۽ زخم جي جڳهه تي وٺي وڃي ٿو ائين زخم ڀرڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو.

