جيئن ته موجوده صدي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي صدي آهي انهيءَ ۾ به انفارمينشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي وڏي اهميت آهي. سادي نموني جي سمجهجي ته هينئر دنيا جو سڄو ڪاروهنوار اليڪٽرانڪ ذريعن جي ذريعي ٿئي ٿو. ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو انهيءَ ۾ بنيادي ڪردار آهي. جڏهن اسين گهر ويٺي پنهنجا يوٽيلٽي بل ادا ڪريو ڇڏيون ۽ آن لائين شاپنگ اڄ ڪلهه ڄڻ هر گهر جو دستور آهي. اهو سڀ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٿئي ٿو.
سنڌ حڪومت جي انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ ڪمپيوٽر تي نون ڪورسن جي شروعات ڪئي آهي، جن جو بنياد انفارميشن ٽيڪنالاجي آهي. پيپلز انفارمينشن ٽيڪنالاجي پروگرام جي تحت نوان ڪورس شاگردن جي لاءِ شروع ڪيا ويندا، جن جو اڄ سڌ سماء جي ذريعن ۾ ذڪر آهي. سنڌ حڪومت جو اهو قدم وقتائتو آهي ۽ گهڻو اهم آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي هاڻي سائنس جي دنيا ۾ سڀ کان اهم ٽيڪنالاجي آهي. جيئن ته هي دور انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آهي. انسان هزارين سالن کان زمين تي ترقي جون منزلون طئي ڪندو رهيو آهي. انساني ارتقا جي تاريخ پراڻي به آهي ۽ دلچسپ به آهي، پر انفارميشن ٽيڪنالاجي جو هي دور جنهن کي ٿورو ئي عرصو ٿيو آهي انهيءَ دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جنهن کي آءِ. ٽي به چيو وڃي ٿو، انهيءَ جو مطلب اطلاع ۽ ان جو ڦهلاءُ آهي. دور حاضر ۾ انسان ۽ ان سان لاڳاپيل صنعت ۽ حرفت، صحت ۽ تعليم جا شعبا نئين ٽيڪنالاجي جي ڪري ترقيءَ جون نيون منزلون طئي ڪري رهيا آهن. ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت کان هن وقت ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو آهي جنهن ۾ هاڻ ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي جي ضرورت نه هجي. جيئن ته دنيا ۾ ڪٿي به روزگار لاءِ هاڻي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ضروري آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ مهارت ڪنهن به شاگرد جي وڏي ملڪيت آهي. موجود وقت ۾ دنيا ۾ با عزت روزگار لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم ضروري آهي، نه ته دنيا جا ٻيا ملڪ جن جا نوجوان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جا ماهر آهن، روزگار حاصل ڪري وڃن ٿا. انهيءَ ڪري اسان جي وفاقي ۽ صوبائي سرڪارن اهو فيصلو ڪيو آهي ته شاگردن ۽ نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ تعليم ڏني وڃي جيئن هو ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. ڪمپيوٽر سائنس ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري يا انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ ڊگري يا ڊپلومه سڄي دنيا ۾ روزگار ڏيندڙ ادارن جي پهرين ترجيح آهي. ڪنهن به معاشري ۾ ۽ ان جي اداري ۾ جيڪڏهن اها سوچ موجود آهي ته اسان جا نوجوان جديد علمن کان واقف هجن ۽ انهن کي انهن جو سائنسي ۽ عملي ڪم ايندو هجي. اسان جو معاشرو سڌريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڄڻ پوئتي پيل معاشرو آهي انهيءَ جو سبب اهو آهي جو اسان جي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي تعليم ايتري جديد ناهي جيترو جديد هي دور آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسين سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ پنهنجن نوجوانن کي تعليم ڏينداسين ته اسان جو سماج ۽ اسان جو تعليمي نظام اڳيان ترقي ڪندو. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جيڪا اسان کي ايترو اڳڀرو ڪري سگهي ٿي جو اسان جو نوجوان سموري دنيا جي نوجوانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت جي انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري کاتي نوجوانن لاءِ نوان ڪورسز آفر ڪيا آهن، جن جو سڀ خرچ سرڪار ڀريندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي انهن ڪورسن جي شروعات 23 سيپٽمبر 2024 کان ٿيندي. صوبي جو عوام اهو معلوم ڪري يقينن خوش ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ذميداري هيٺ انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو ڊپارٽمينٽ آهي. يقينن اسين جديد علمن سان ئي دنيا ۾ عزت ڀرئي نموني سان هلي سگهون ٿا. اسين سنڌ حڪومت جي انهيءَ بهتر قدم جي آجيان ڪريون ٿا ته انهن نوجوانن لاءِ جديد سائنس جا در کوليا آهن.