ايڊيٽوريل

بنا پاليسيءَ جي ڏيڍ لک نوڪريون ختم ڪرڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو

وفاقي ڪابينا جو اجلاس جيڪو 27 آگسٽ تي ٿيو، ان ۾ دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ آپريشن عزم استحڪام جي خرچن لاءِ 20 ارب رپيا منظور ڪيا ويا. 82 سرڪاري ادارا يا ته تحليل ڪيا ويا يا وري ٻين ادارن ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهو فيصلو وفاقي ڪابينا 22 آگسٽ 2024 تي ٿيندڙ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل سفارشن تي ڪيو، جنهن مطابق وفاقي حڪومت رائيٽ سائزنگ ڪاميٽي جي منظور ٿيل سفارش تحت ڏيڍ لک سرڪاري نوڪريون ختم ڪيون.
پنج وزارتن ۾ موجود 28 ادارا مڪمل طور تي بند ڪيا ويا، گريڊ 1 کان 16 تائين سڀني نوڪرين تي پابندي هنئي وئي. هنگامي طور تي يا عارضي ڀرتين تي پڻ پابندي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. هڪ ئي وقت ڏيڍ لک ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ ۽ سرڪاري نوڪرين تي وفاقي سرڪار طرفان پابندي هڻڻ کي انهيءَ ڪري بهتر نٿو سمجهيو وڃي ته هن وقت جيڪا ملڪ جي اقتصادي صورتحال آهي ان ۾ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ نوجوانن کي سرڪاري نوڪري جو وڌيڪ آسرو آهي. سبب اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ انڊسٽري جهڙوڪ ٺپ ٿي چڪي آهي. ڇو ته انڊسٽري هلائڻ لاءِ بنيادي ضرورت بجلي آهي، جنهن جو اسان وٽ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي مستقل مسئلو هلندو اچي ۽ اڄ به پاڪستان ان مسئلي جي ور چڙهيل آهي، هاڻي بجلي ته موجود آهي، پر تمام گهڻي مهانگي آهي ان ڪري صنعتڪارن کي صنعت هلائڻ جي لاءِ مشڪلات درپيش اچن ٿيون. حڪومت اهو پڻ چيو آهي ته انهن ڏيڍ لک ملازمن کي ۽ انهن جي نوڪري کي تحفظ ڏنو ويندو ۽ انهن کي ٻين کاتن ۾ سندن اهليت مطابق شامل ڪيو ويندو. هڪ پاسي بيروزگاري عروج تي آهي ته ٻئي پاسي بيروزگار ٿيل ماڻهن وٽ ڪهڙو رستو موجود هوندو جنهن سان هو پنهنجي زندگيءَ جو گاڏو هلائي سگهن. ڇا انهن جي لاءِ وفاقي حڪومت ڪجهه سوچيو آهي؟ وفاقي وزير ڪاميٽي ڪمرن ۾ ويهي جيڪي فيصلا ڪن ٿا ڇا انهن کي عام ماڻهو جي مسئلن ۽ دردن جو احساس آهي؟ هڪ ئي ڌڪ سان يوٽيليٽي اسٽور جا 16 هزار ملازم بيروزگار ٿي چڪا آهن انهن جي روزي روٽي جو بندوبست ڪرڻ جو وفاقي سرڪار سوچيو آهي؟ انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته دنيا ۾ موجود ترقي يافته ملڪ پڻ پنهنجي سڀني نوجوانن کي سرڪاري روزگار مهيا ڪري نه ڏئي سگهندا آهن، پر انهن هڪ بهتر سسٽم ٺاهيو آهي خاص طور تي تعليم جو ۽ ان ۾ به هنري تعليم جيڪا حاصل ڪري عام نوجوان ۾ ايتري اهليت اچي وڃي ٿي ته هو پنهنجي اهليت آهر مارڪيٽ ڳولهي ۽ ڪنهن ننڍي وڏي انڊسٽري ۾ نوڪري حاصل ڪري سگهي، انهن ملڪن جي سرڪارن صنعت کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ جيڪي گهربل شيون ضروري هونديون آهن اهي اتان جي سرمائيڪار کي موجود ڪري ڏنيون آهن جنهن ۾ امن امان، انفرااسٽرڪچر، سستي بجلي ۽ انهن جي ٺهيل شين کي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ جو جوڳو بندوبست. هاڻي جڏهن اسان پنهنجي ملڪ طرف ڌيان ڏيون ٿا ته هتي تعليم جو معيار ۽ خاص طور تي هنري تعليم جو معيار بنهه گهٽ آهي، جيڪي هنري ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ مزدوري لاءِ وڃن ٿا اهي ڪنهن به اداري مان سند يافته نه هوندا آهن مختلف هنڌن تي ڪم ڪندي هو ڪاريگر بڻجي ويندا آهن، اليڪٽريشن هجن، پلمبر هجن ايستائين جو اسان جي ملڪ ۾ موجود زمين سان وابسته مزدور پڻ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي جا سند يافته نه هوندا آهن، ان طرف نه صوبائي حڪومت ڌيان ڏنو آهي ۽ نه وفاقي سرڪار. سرڪار جو اصل ڪم ماڻهن جي بهتري انهن جي معاشي ۽ سماجي اوسر، انهن جي لاءِ پوري دنيا ۾ مارڪيٽ ڳولهڻ ۽ انهن کي ان مارڪيٽ تائين رسائڻ جو بندوبست ڪرڻ آهي، پر هتي ايئن ناهي، هر ماڻهو جي ڊوڙ هوندي آهي ته کيس ڪنهن نموني سان سرڪاري نوڪري ملي ته جيئن ان جي حياتي بهتر نموني گذري سگهي.
هاڻي جڏهن اوهان نوڪريون ڏيڻ جي بدران روزگار ختم ٿا ڪريو ته ڇا وفاقي سرڪار اهو سوچيو آهي ته ملڪ ۾ موجود 60 سيڪڙو نوجوان ڪيڏانهن ويندا؟ حڪومت هڪدم بهتر هنرمند تيار ڪرڻ جي لاءِ هنري ادارا جيڪي موجود آهن انهن کي بين الاقوامي معيار جو ٺاهي. سائنسي تعليم، آءِ ٽي جي تعليم کي ترجيحي بنيادن تي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن نوجوان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي تعليم جي مطابق ڪا نوڪري حاصل ڪري سگهي ۽ صنعتي چرخو هلائڻ لاءِ پوري نظام کي ان انداز ۾ جوڙيو وڃي ته جيئن اسان جو ملڪ زرعي سماج سان گڏوگڏ هڪ صنعتي سماج به بڻجي سگهي. يوٽيلٽي اسٽورن جي بند ٿيڻ کانپوءِ انهن مان فارغ ٿيل فردن کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي انهن جي رهنمائي ڪئي وڃي ته اهي پنهنجا ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو پيٽ پالي سگهن ۽ ملڪ جي معاشيات تي بار بڻجڻ بجاءِ ملڪ کي ڪمائي ڏيڻ جي قابل ٿين. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جي حڪومت بهتر پاليسيون ٺاهي جيڪي عوام دوست هجن جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ملڪ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي مصيبتن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه هوندو. ڇو ته هن وقت امن امان سان گڏوگڏ مهانگائيءَ جو بحران عوام جي نفسيات کي متاثر ڪري رهيو آهي، جنهن جو اثر اڳتي هلي انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.