موهن جو دڙو ته پنهنجي وقت جي رٿابندي تحت اڏيل خوبصورت شهر هو. اُن جو ته ٽنڊو سومرو سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي. پر پوءِ به شاباس آهي هِنن ڳوٺ وارن کي، جن پراڻي شهر کي سنواري سينگاري سهولتن سان ڀرپور ڳوٺ بڻايو آهي، جنهن مان موهن جي دڙي جي خوشبو اچي ٿي.
17 صديءَ ۾ هي هِن علائقي جو مشهور ڳوٺ هو. 1911 جي انگن اکرن موجب جڏهن ٽنڊوالهيار جي آبادي 3 هزار جي لڳ ڀڳ هئي ته هِن ڳوٺ جي آبادي 7 سئو ماڻهن تي مشتمل هئي. ٽنڊو سومرو ڳوٺ بابت ماڻهو سمجهندا آهن ته هيِ ڳوٺ سومرن جي نالي پويان آهي، جيئن نالي مان ظاهر آهي، پر حقيقت ۾ ايئن ناهي. ساڳئي وقت ھِن ڳوٺ جي نالي اڳيان لفظ ”ٽنڊو“ اچي ٿو، جنھن مان اِھو خيال اچي ٿو تہ ھيِ ڳوٺ شايد مير حڪمرانن جي دور ۾ اڏيل آھي، ڇاڪاڻ جو ميرن جي اڏايل ڳوٺن يا شھرن جي نالي اڳيان لفظ ٽنڊو لڳل ھوندو آھي، پر ان ۾ بہ ڪا حقيقت ناھي. اوائلي دور ۾ هيِ نظاماڻين جو ڳوٺ ڪري سڏبو هو، پر جڏهن رئيس سومر خان نظاماڻي هِن ڳوٺ جو سردار ٿيو ته پوءِ اهو ڳوٺ ٽنڊو سومرو (سومر جو ڳوٺ) سڏجڻ لڳو. مزي جي ڳالهه اِها آهي ته هِن ڳوٺ ۾ سنڌ جو انيڪ ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾ نظاماڻين کان علاوه ماڇي، خاصخيلي، سيد، ڀيا، ڪورائي، کٽي، مڱڻهار، بروهي، ساند، شورا، مرزا، چاچڙ، شيخ، ڪيريا، ڏيرا، ميرجت، عاقلاڻي ۽ ميگهواڙ وغيره ته شامل آهن، پر سومرو هڪ به ڪونهي.
هِن ڳوٺ ۾ گهڻن ئي قسمن جا فصل پوکيا وڃن ٿا، پر هِتي انب ۽ ڪيلا گهڻي مقدار ۾ ٿين ٿا جيڪي آمريڪا، يورپ، ايران، مڊل ايسٽ ۽ افغانستان ڏانهن برآمد (Export) ڪيا وڃن ٿا. هن وقت هن ڳوٺ جي ڪل آبادي 4500 ماڻهن تي مشتمل آهي. هِن ڳوٺ ۾ مکيه چار بازارون آهن، جن ۾ دڪاندار بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي، پر سڪون ماحول ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا. نه ڦرلٽ يا چوري جو خوف ۽ نه ئي پوليس يا غنڊا مافيا طرفان ڀتي جي ڌمڪي ۽ نه ئي ڪنهن سياسي پارٽي جو پريشر. جِتي سنڌ سڄي جا سمورا شهر ۽ ڳوٺ سردارن، غنڊن ۽ بدمعاش سياسي مافيا جي هٿان يرغمال ٿيل آهن، جن ۾ هاڻ شريف ماڻهو لاءِ سڪون سان زندگي گذارڻ به ممڪن نه رهيو آهي، تہ اُتي ان ئي سنڌ ۾ ھھڙي پر سڪون ۽ پر امن ڳوٺ جو هئڻ ڪنهن معجزي کان قطعي گهٽ ناهي.
پنھنجي لئبارٽري گھمائڻ کانپوءِ هاڻ نياز محمد نظاماڻي اسان کي وٺي هليو آهي ٽنڊو قيصر ڳوٺ کان ٻاهر اُهي ٻنيون ٻارا ۽ اُنھن ۾ اڳندڙ فصل ڏيکارڻ جيڪي هِن جي محنت ۽ تجربن جو نچوڙ آهن. هُو اسان کي مختلف ٻوٽا، وليون ۽ وڻ ٽڻ ڏسيندي گڏوگڏ اُنهن ٻوٽن ۾ مختلف نسلن جي ٻجن جي پيوند ڪاري، مختلف علائقن/ملڪن مان آندل ٻجن جي تجرباتي پوک، فصلن تي آبهوا جي اثرن، فصلن کي جيت جڻن کان محفوظ رکڻ لاءِ ورتل اپائن بابت به ڄاڻ ڏيندو هليو. هِن جي فصلن جي پوکي ۽ ان جي پيداوار تي ڪيل نون تجربن ۽ پورهئي کي ڏسي آئون اِن نتيجي تي پهتو آهيان ته، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ محدود وسيلن واري هِن فرد جو اڪيلي سر ڪيل ڪم اُنهن زراعت جي ادارن ۽ يونيورسٽين کان تمام گهڻو آهي. اسان جا زرعي ادارا ۽ يونيورسٽيون جي پگهارن، پروٽوڪول ۽ اڍنگن خرچن جي دائري کان ٻاهر نڪرن ته ريسرچ تي ڌيان ڏين. ڳالهه ته هرڪو سمجهي ٿو، پر ڪم ڪرڻ لاءِ به ايمانداري نيڪ نيتي ۽ جذبو کپي جنهن جو بدقسمتي سان اسان ۾ فقدان آهي.