موهن جو دڙو ته پنهنجي وقت جي رٿابندي تحت اڏيل خوبصورت شهر هو. اُن جو ته ٽنڊو سومرو سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي. پر پوءِ به شاباس آهي هِنن ڳوٺ وارن کي، جن پراڻي شهر کي سنواري سينگاري سهولتن سان ڀرپور ڳوٺ بڻايو آهي، جنهن مان موهن جي دڙي جي خوشبو اچي ٿي.
ٽنڊو سومرو جي صاف سٿرن رستن، گهٽين ۽ بازارن مان گهمندا ڦرندا هاڻ پاڻ پهچي وياسين هڪ مسجد وٽ، هيءَ قديم مسجد 1894ع جي ٺهيل آهي. هِن مسجد ۾ پراڻي زماني ۾ استعمال ٿيل ڪاٺ جي داسن ۽ پٽين تي ٽُڪائي (چٽ سالي) جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي. ڳوٺ واسي ان مسجد کي اصل حالت ۾ بحال رکڻ لاءِ وقت سر مرمت ڪرائيندا رهن ٿا. هِتي مسجد ۾ گهڙي پل لاءِ رڪياسين ۽ ان کي ڏسندي آئون ماضيءَ ۾ هليو ويس. هيِ ڳوٺ ماضيءَ ۾ ڇا هو؟ هِن جي تاريخ جي حوالي کان ڪهڙي سڃاڻپ آهي؟ ٿورڙو گھڻو ان تي به روشني وجهندا هلون. 17 صديءَ ۾ هي هِن علائقي جو مشهور ڳوٺ هو. 1911 جي انگن اکرن موجب جڏهن ٽنڊوالهيار جي آبادي 3 هزار جي لڳ ڀڳ هئي ته هِن ڳوٺ جي آبادي 7 سئو ماڻهن تي مشتمل هئي. ٽنڊو سومرو ڳوٺ بابت ماڻهو سمجهندا آهن ته هيِ ڳوٺ سومرن جي نالي پويان آهي، جيئن نالي مان ظاهر آهي، پر حقيقت ۾ ايئن ناهي. ساڳئي وقت ھِن ڳوٺ جي نالي اڳيان لفظ ”ٽنڊو“ اچي ٿو، جنھن مان اِھو خيال اچي ٿو تہ ھيِ ڳوٺ شايد مير حڪمرانن جي دور ۾ اڏيل آھي، ڇاڪاڻ جو ميرن جي اڏايل ڳوٺن يا شھرن جي نالي اڳيان لفظ ٽنڊو لڳل ھوندو آھي، پر ان ۾ بہ ڪا حقيقت ناھي. اوائلي دور ۾ هيِ نظاماڻين جو ڳوٺ ڪري سڏبو هو، پر جڏهن رئيس سومر خان نظاماڻي هِن ڳوٺ جو سردار ٿيو ته پوءِ اهو ڳوٺ ٽنڊو سومرو (سومر جو ڳوٺ) سڏجڻ لڳو. مزي جي ڳالهه اِها آهي ته هِن ڳوٺ ۾ سنڌ جو انيڪ ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾ نظاماڻين کان علاوه ماڇي، خاصخيلي، سيد، ڀيا، ڪورائي، کٽي، مڱڻهار، بروهي، ساند، شورا، مرزا، چاچڙ، شيخ، ڪيريا، ڏيرا، ميرجت، عاقلاڻي ۽ ميگهواڙ وغيره ته شامل آهن، پر سومرو هڪ به ڪونهي. هِن ڳوٺ ۾ گهڻن ئي قسمن جا فصل پوکيا وڃن ٿا، پر هِتي انب ۽ ڪيلا گهڻي مقدار ۾ ٿين ٿا جيڪي آمريڪا، يورپ، ايران، مڊل ايسٽ ۽ افغانستان ڏانهن برآمد (Export) ڪيا وڃن ٿا. هن وقت هن ڳوٺ جي ڪل آبادي 4500 ماڻهن تي مشتمل آهي. هِن ڳوٺ ۾ مکيه چار بازارون آهن، جن ۾ دڪاندار بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي، پر سڪون ماحول ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿا. نه ڦرلٽ يا چوري جو خوف ۽ نه ئي پوليس يا غنڊا مافيا طرفان ڀتي جي ڌمڪي ۽ نه ئي ڪنهن سياسي پارٽي جو پريشر. جِتي سنڌ سڄي جا سمورا شهر ۽ ڳوٺ سردارن، غنڊن ۽ بدمعاش سياسي مافيا جي هٿان يرغمال ٿيل آهن، جن ۾ هاڻ شريف ماڻهو لاءِ سڪون سان زندگي گذارڻ به ممڪن نه رهيو آهي، تہ اُتي ان ئي سنڌ ۾ ھھڙي پر سڪون ۽ پر امن ڳوٺ جو هئڻ ڪنهن معجزي کان قطعي گهٽ ناهي.
قديم مسجد ۾ ڪجهه دير رُڪي (ترسي) هاڻ شفاعت نظاماڻي اسان کي وٺي آيو آهي اسانجي ميزبان نياز محمد نظاماڻي جي آستاني تي. هتي هِن جو مهمان خانو (بيٺڪ، ڊرائنگ روم) به آهي ته زراعت سان وابستا ليبارٽري ۽ گڏوگڏ آٽو ڪليو پلانٽ پڻ. نياز محمد نظاماڻي هونئن ته انجنيئرنگ ۾ پڙهيو آهي، پر هِن جو زراعت سان خاص لڳاءُ آهي ۽ ان لاءِ هُو ڪافي ملڪن جي زراعتي ريسرچ جي ادارن کي ڏسي به آيو آهي ۽ اُنهن مان حاصل ڪيل ڄاڻ جي روشني ۾ هُو زمينداري جي فيلڊ ۾ نوان تجربا به ڪري ٿو. هِن جي فصل اُڳائڻ جي معاملي ۾ ائپروچ سنڌ جي عام ۽ روايتي زميندار کان مختلف آهي، جيڪو زراعت جي کيتر ۾ اڃان به اُهي ئي پراڻا طور طريقا کڻيو پيو هلي. نوان ٻج دريافت ڪرڻ، فصل جي پيداوار وڌائڻ ۽ فصل کي نقصان پهچائيندڙ جيتن، جڻين جي روڪٿام تي پڻ هِن جو ڪافي ڪم ڪيل آهي. زراعت جي ميدان ۾ ان قسم جي تحقيقات ڪرڻ لاءِ هِن هڪ ليبارٽري به قائم ڪئي آهي جنهن ۾ آٽو ڪليو مشين، خوردبينيون ۽ ٻين جديد مشينن سان گڏ مختلف تجرباتي مرحلن مان گذرندڙ لاتعداد ٻجن جا اسپيسيمين پڻ رکيل آهن. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي سان آراسته هن ليب ۾ جتي ريسرچ ورڪ لاءِ هِن وٽ پنهنجو عملو موجود آهي ته اُتي هِن نوان تجربا ڪرڻ ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ، هِن اِن ليب کي انڊيا سميت دنيا جي ٻين ريسرچ جي ادارن سان به جوڙي رکيو آهي. ليب جي پروٽوڪول جي پوئيواري ڪندي مون دوستن سان گڏ ائپرن (گائون) پائي ۽ منهن تي ماسڪ لڳائي ليبارٽري ۾ رکيل مختلف ٻجن جي اسپيسيمينس (Specimens) جو مشاهدو ڪيو ۽ ڪمپيوٽر تي ويٺل نوجوانن کان زراعت تي بريفنگ ورتي. پنھنجي لئبارٽري گھمائڻ کانپوءِ هاڻ نياز محمد نظاماڻي اسان کي وٺي هليو آهي ٽنڊو قيصر ڳوٺ کان ٻاهر اُهي ٻنيون ٻارا ۽ اُنھن ۾ اڳندڙ فصل ڏيکارڻ جيڪي هِن جي محنت ۽ تجربن جو نچوڙ آهن. هُو اسان کي مختلف ٻوٽا، وليون ۽ وڻ ٽڻ ڏسيندي گڏوگڏ اُنهن ٻوٽن ۾ مختلف نسلن جي ٻجن جي پيوند ڪاري، مختلف علائقن/ملڪن مان آندل ٻجن جي تجرباتي پوک، فصلن تي آبهوا جي اثرن، فصلن کي جيت جڻن کان محفوظ رکڻ لاءِ ورتل اپائن بابت به ڄاڻ ڏيندو هليو. هِن جي فصلن جي پوکي ۽ ان جي پيداوار تي ڪيل نون تجربن ۽ پورهئي کي ڏسي آئون اِن نتيجي تي پهتو آهيان ته، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ محدود وسيلن واري هِن فرد جو اڪيلي سر ڪيل ڪم اُنهن زراعت جي ادارن ۽ يونيورسٽين کان تمام گهڻو آهي. اسان جا زرعي ادارا ۽ يونيورسٽيون جي پگهارن، پروٽوڪول ۽ اڍنگن خرچن جي دائري کان ٻاهر نڪرن ته ريسرچ تي ڌيان ڏين. ڳالهه ته هرڪو سمجهي ٿو، پر ڪم ڪرڻ لاءِ به ايمانداري نيڪ نيتي ۽ جذبو کپي جنهن جو بدقسمتي سان اسان ۾ فقدان آهي.
ڳوٺ جي ٻاهران مختلف ۽ نون نسلن تي مشتمل ٻوٽا، وڻ ٽڻ ۽ وشال کيت ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي. ٻوٽن جي پالنا ۽ اوسر لاءِ اُس ۽ ماڪ وغيره کان بچاءُ لاءِ ڇاپرا يا ڍڪ (tent or shade)، آرڪيٽيڪٽ ڊزائين ۾ ترتيب ڏنل ٻارا، زمين جي سنوت، کيتن ۾ پاڻي پهچائڻ جو بهتر نظام، مطلب ته هر لحاظ سان اُنهن مان جديد انداز ۾ ڪاشت ڪاري جو ڏيک آيو ٿي. چوندا آھن تہ سرسبز کيت اکيون ٿڌيون ڪن ٿا ۽ روح کي تازگي بخشين ٿا، پر جي وري اُنھن جي سھڻي سٽاءُ ۽ رنگ برنگي ترتيب ھجي تہ ماحول منڊجيو وڃي ۽ اُن جي سونھن ۽ سوڀيا من اندر جي گھرائي تائين لھي مرڪون وکيري ڇڏي ٿي. کيت گهمي هاڻ وري اسين واپس آياسين نياز محمد نظاماڻي جي اوتاري تي، جتي اسان جي مانجهاندي (لنچ) جو انتظام ڪيل هو. سنڌ جي روايتي مهمان نوازي سان ڀرپور لذيذ کاڌي جو مزو ته پنهنجي جاءِ تي آيو، پر اُن مٿان وري سنڌڙي انب جي جوس جو مزو اِن ڪري به سوايو محسوس ٿيو جو هِن وقت اڃان انبڙيون مس مس نڪتيون هيون ۽ انب جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿي ٿيو، پر اهو هِتي دستياب هو.
مانجهاندي کانپوءِ ڪچهري دوران اتي جي دوستن ٻڌايو ته اتي ئي ٽنڊو سومرو جي آسپاس هِن ڳوٺ کي نئين انداز سان جديد بنياد تي سهولتن سان آراستا ڪندڙ رئيس امداد علي خان نظاماڻي جو سندس پٽ جي نالي جي پويان عاصم ايگريڪلچر فارم آهي. 300 ايڪڙن تي ڦهليل اُن زرعي فارم تي جديد بنياد تي پوک ٿئي ٿي، پر زياده تر ڪيلا ۽ انب پوکيا وڃن ٿا. فارم تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي يونيفارم سان گڏ سٺو پگهار بہ ڏنو وڃي ٿو. ساڳئي وقت اُنھن کي سال ۾ ٻه ڀيرا بونس جيڪو فارم جي اُپت جي حساب سان 15000 کان 25000 هزار تائين هجي ٿو، پڻ ڏنو وڃي ٿو. ليبر جي ميڊيڪل جو 50 سيڪڙو خرچ فارم برداشت ڪري ٿو. مزدورن لاءِ ڇهن بلاڪن تي مشتمل ليبر ڪالوني ٺاهي وئي آهي، جنهن جي هر بلاڪ ۾ 50 رهائشي ڪوارٽر آهن، جنھن ۾ اسٽريٽ لائيٽس سان گڏوگڏ تفريح لاءِ پبلڪ پارڪ به ٺاهيو ويو آهي. هر سال اپريل ۾ کيت مزدورن کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي انعام به ڏنو ويندو آهي. پهريون نمبر حاصل ڪندڙ مزدور کي 25000 رپيا انعام سان گڏ بوسڪي جو پٽڪو به ٻڌايو ويندو آهي ۽ مين آف دي ايئر جو خطاب ڏنو ويندو آهي. ٻيو نمبر حاصل ڪرڻ واري کي 15000رپيا ۽ ٽيون نمبر حاصل ڪرڻ واري کي 10000 رپيا انعام ڏنو ويندو آهي. ان کانسواءِ هتي ليبر کي سفري سهولتن لاءِ 200 موٽرسائيڪلون به ڏنل آهن ۽ ليبر کي تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ وقت بوقت سياحتي جاين جا ٽوئر به ڪرايا ويندا آهن، جن جو پورو خرچ زرعي فارم جي بلي هوندو آهي. عاصم زرعي فارم جي اُپت جو رڪارڊ سڄو ڪمپيوٽر ۾ ۽ سنڌيءَ ۾ رکيو ويندو آهي جيئن اُن کي هرڪو پڙهي چيڪ ڪري سگهي.
عاصم زرعي فارم جون خبرون ۽ احوال ٻڌي مون کي سنڌ جي زمينن جا وارث رهزن وڏيرا ذهن تي تري آيا. هڪ هيِ وڏيرو آهي جيڪو پنهنجي زمينداري جي حصي ۾ پورھيتن کي معقول حصيداري ڏئي ٿو، جنهنڪري هِتي جي پورھيتن کي ضروريات زندگيءَ جون ڪافي حد تائين سهولتون ميسر آهن ۽ اُھي بهتر ماحول ۾ عزت ڀري زندگي گذارين ٿا ۽ ٻيا وري سنڌ جا اُهي رهزن وڏيرا آهن جيڪي ٻنين جي پوري اُپت پاڻ کڻيو وڃن ۽ انهن جا هاري ناري سدائين روزي روٽي لاءِ پريشان رهندا آهن. نه پيٽ گذر نه بهتر رهائشي سهولتون ۽ نه ئي ڪو دوا درمل جو بلو. ٻيو ته ٺهيو پر انهن رهزن وڏيرن جي راڄ ۾ هارين جا ننگ به محفوظ ناهن. بس ڇا ڪجي؟ جيسين ماڻهن ۾ شعور اچي ۽ منجهن پنهنجي سگهه هئڻ جو احساس پيدا ٿئي، تيسين هيءَ ڌرتي بک، بدحالي، بيماري ۽ لاقانونيت کي ڀوڳيندي رهندي. عاصم ايگريڪلچر فارم وقت گهٽ هئڻ سبب ڏسي نه سگهياسين. وري ٻئي ڪنهن ڀيري ڏسڻ جو موقعو مليو ته ان تي تفصيل سان لکبو.