خاصنئون

 ڊي آءِ خان پوليس چوڪي تي فائرنگ، اسپتال ۾ ڌماڪو 6 اهلڪار زخمي، 6 ڄڻا شهيد

دهشت گردن پاران ڊي آءِ خان پوليس چوڪي تي فائرنگ ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ خود ڪش ڌماڪو ڪيو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. خبرن موجب دهشت گردن پهريان پوليس چوڪي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. شهيد اهلڪارن جا نالا جهانگير ۽ انعام ٻڌايا ويا آهن. شهيد اهلڪارن جا مڙهه اسپتال پهچايا ويا ته اتي موجود دهشتگردن هڪ خودڪش ڌماڪو ڪري ڏنو جنهن سبب وڌيڪ چار ڄڻا  شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا. وڏي تعداد ۾ زخمين هجڻ جي صورت ۾  زخمين کي سي ايم ايڇ آڻدو ويو آهي. سي ايم ايڇ ذريعن مطابق سي ايم ايڇ ۾ آندل زخمين جو ڪل تعداد 22 ۽  4 لاش آهن. واقعي بعد شهر جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي. پوليس مطابق خودڪش ڌماڪو 15 سالن جي ڇوڪريءَ ڪيو آهي.