پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

روهڙي ڪينال کي گهارو، 10 ڳوٺ ٻڏي ويا

منهرو ويجهو روهڙي ڪينال کي 250 فٽ گهارو پئجي ويو.جنهن سبب 10 ڳوٺن ۾ پاڻي اچڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين لڙهي وئي. جڏهن ته آبپاشي عملو 4 ڪلاڪ دير سان پهتو. گهاري جي خبر پهچڻ کانپوءِ ڳوٺاڻن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. ڳوٺاڻڻ مطابق ڊي سي ۽ آبپاشي کاتو 4 ڪلاڪ دير سان پهتو آهي. جڏهن ته هن وقت ڳري مشينري به آندي وئي آهي. هيستائين پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب ڳوٺاڻا دربدر ٿي ويا آهن.