ڪانٽيڪٽ لينس لڳائي ونهنجڻ واري شخص جي اک ضايع
برطانيا جي 29 سالن جي نِڪِ همفريز اخبار کي هڪ انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته هن جي نظر ڪمزور آهي جنهن سبب هن هڪ سال اڳ ڪانٽيڪٽ لينس جو استعمال شروع ڪيو. ڪجه ڏينهن اڳ هو صبح جو ورزش ڪرڻ بعد گهر واپس آيو ۽ جلديءَ ۾ ونهنجڻ لاءِ هليو ويو ونهنجڻ مهل هن کي ڪانٽيڪٽ لينس پاتل هيا. ونهنجڻ مهل هن کي ساڄي اک ۾ تڪليف شروع ٿي وئي. پهريان ڊاڪٽرن ان کي الرجي سمجهيو پر بعد ۾ مڪمل ٽيسٽ ٿيڻ بعد معلوم ٿيو ته نڪ همفريز جي ونهنجڻ مهل لينس اندر پاڻي ڀرجي ويو هيو. جنهن سبب هو Acanthamoeba Keratitis مرض جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي ساڄي اک جي ديد وڃائي چڪو آهي. نِڪِ همفريز هڪ اخبار ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ انٽرويو ذريعي هو ان حادثي کان سڀني پڙهندڙن کي واقف ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي ڪانٽيڪٽ لينس جو استعمال ڪندا آهن ته جيئن اهي اهڙن حادثن کان بچي سگهن. واضح رهي ته هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته هر سال آمريڪا ۾ ڪانٽيڪٽ لينس جي غلط استعمال سان 20 لک ماڻهو پنهنجي اکين کي نقصان پهچائي ويهندا آهن.

