وزير اعظم عمران خان جي آمريڪا ۾ پاڪستاني واپارين سان ملاقات
وزير اعظم عمران خان آمريڪا جي دوري دوران آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني واپارين سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾ هن پاڪستاني واپارين کي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي. ٻئي طرف سيڙپ ڪارن به پاڪستان ۾ سلامتي جي بهتر صورتحال کي ساراهيو ۽ توانائي، سياحت سميت سيڙپ سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي به نشاندهي ڪئي آهي. هن کان پهريان وزير اعظم جي آمريڪا ۾ پاڪستان هائوس پهچڻ تي اتي رهندڙ پاڪستانين هن جو شاندار استقبال ڪيو اتي موجود پاڪستاني پلي ڪارڊ کڻي بيٺاهيا. جنهن تي پاڪستان زنده باد جا نعرا لکيل هيا. واضح رهي ته وزير اعظم آمريڪا جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ويل آهي جتي هو سڀاڻي وائيٽ هائوس ۾ آمريڪا جي صدر سان به ملاقات ڪندو. جنهن کان علاوه وزير اعظم ورلڊ بينڪ جي صدر سان ملاقات سميت پاڪستانين جي آجياڻي ۾ شرڪت ۽ خطاب به ڪندو.

