تو ۾ خوشبوءِ بهار جي… ذوالفقار علي جلباڻي March 2021
سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي گڻائتين ۽ صدورين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي مٽيءَ کي مهڪائي پنهنجو ۽ پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ قوم جو مانُ مٿانهون پئي ڪيو آهي. انهن اُتم ۽ اعليٰ ڪردار پيدا ڪرڻ ۾ ٽکڙ جي سر زمين مان ڪيترائي بخت ڀريا ڪردار پيدا ٿيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. سهڻن سڄڻن جي ڪم ڪردار ۽ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ڏسي ۽ پڙهي فخر ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي شهر ٽکڙ مان جيڪو هٻڪار ۽ هڳاءُ اچي ٿو، سوئي سنڌ سموريءَ جي ڳوٺن، وستين، واهڻن ۽ شهرن ۾ پکڙجي ٿو.
بقول ميران محمد شاهه جي ته، “جيئن ته طبعي ماحول جي اثر جو انسان جي طبيعت تي گهرو اثر ٿو ٿئي، تنهنڪري ٽکڙ جي آسپاس جي دلڪش منظرن، اديبن ۽ شاعرن جي دماغ کي وسيع ۽ تخيل کي تيز ۽ طبيعت کي تر ڪيو ٿي. اتر کان گنجي ٽڪر جون پُر رونق قطارون، اولھ کان سنڌو درياءَ جون لهرون ۽ للڪارون، ڏکڻ کان سر سبز ساريون ۽ اوڀر کان وونئڻ ۽ جوارِيُون، جن جي متحد ۽ موافق ماحول ٽکڙ جي رهواسين جي رڳ رڳ ۾ ڪائنات جي حسن جو ڪيف ڀري ڇڏي ٿي. اهڙي سر زمين مان اديبن، فقيهن، حڪيمن، شاعرن ۽ مفڪرن جو پيدا ٿيڻ ڪو معمولي واقعو نه چئبو.” (تذڪره شعراءَ ٽکُڙ: 2005: ديپاچو).
سيد امداد علي شاھ ولد سيد فاضل محمد شاھ حسيني 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. سيد امداد علي شاھ پنهنجي ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان ناتو ڳنڍيو ۽ انهيءَ ذوق کي قائم رکندي، امداد حسيني جي نالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪرايائين. امداد حسينيءَ جي ڄمڻ جو استقبال بهار جي موسم ڪيو آهي ۽ انهيءَ اثرن جي مرتب ٿيڻ ڪري سانول جو هن سر زمين تي جنم سڀاڳو ثابت ٿيو. سنڌ ڌرتي ۽ عوام اُن جي علمي ۽ ادبي ڪمن جو هميشه احترام ڪندي رهندي، سندس جنم وقت انبن ۾ ٻور ته ڪٿي ننڍڙين انبڙين جي مالها، ڪڻڪن ۾ آنڀو، راين ۾ ڦولار، باغن ۾ پکين جا چرچا ۽ چهچٽا سندس جنم جي آجيان ڪري رهيا هئا. ڏهين مارچ تي سائين امداد حسيني جي 81 هين سالگره آهي ۽ اُن موقعي تي همسري رسالي جي پوري ٽيم: ڊاڪٽر شمس صديقي، ميڊم زاهده ابڙو، ارم محبوب، غلام نبي سومرو، لطيف گاد، علي کهاوڙ، محمد فرحان سخيراڻي، سليم سولنگي ۽ شهزاد علي منگواڻو سميت سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ ۽ امداد حسينيءَ جي ٻچڙن، وَني ۽ مٽن، مائٽن ۽ سنگتين ساٿين کي ان دعا سان:
عمر داز تيڏِي الله نگبان هووي
علي دِي امان هووي، پنجتن ڇانَوَ هووي.
امداد حسينيءَ جي جنم جون مبارڪون قبول پون. امداد حسيني، سنڌ جو سڀاڳو فرزند آهي، جنهن پنهنجي جيئڻ جي مقصد کي ڪارائتو بڻايو آهي. سندس شخصيت ۽ ڪردار آئيني وانگر اجرو ۽ پوري انسان ذات سان پيار ڪندڙ آهي. سانول سنڌ کي ڇا ڇا ڏنو آهي جنهن جي گواهي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن مان پسي سگهجي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، سنڌي ادبي سنگت، ٽماهي “مهراڻ”، ماهوار “گل ڦل” ماهوار “سرتيون” ٻارن جي رسالي “گلستان” ماهوار “نئين زندگي”، “سوجهرو” اخبار “جاڳو” روزاني “ڪاوش” “برسات” ۽ “بختاور” ۽ ٻيا ڪيترائي جريدا جيڪي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي گواهي پيش ڪري رهيا آهن. امداد حسينيءَ جو علمي ۽ ادبي دامن تمام وسيع آهي. هڪ ئي وقت هي هڪ مدير، مرتب، مترجم، شاعر، ڪهاڻيڪار، پبلشر، ٻارن جي ادب جو تخليقڪار، لطيفيات جي ڄاڻو جي حيثيت سان نروار نظر اچي ٿو. انهيءَ کان علاوه سندس خدمتون وسيع پهلوئن تي ٻڌل آهن. امداد حسيني جون علمي ۽ ادبي ميدان ۾ جيڪي تخليقي حسن سان سرشار تحريرون آهن اُهي فڪري ۽ فني حسن سان پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي موهي ٿيون ڇڏين، اها انفراديت سندس ئي تحريرن کي سونهين ٿي. مان سائين امداد حسيني لاءِ ايئن چوندس جيڪو علمي ۽ ادبي ڪم ڪري رهيا آهن، سا هڪ وڏي خدمت آهي. سائين امداد توهان اڃان جوان آهيو ۽ توهان جيڪو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي ماڻهن، گلن، ٻوٽن سان عشق ڪريو ٿا، انهيءَ عشق مان توهان جا تازا توانا جذبا ۽ جوش توهان جو عزم توهان جي صلاحيت جي چٽي گواهي پيش ڪري رهيو آهي. توهان سنڌي قوم، پنهنجي عوام، پنهنجي ملڪ لاءِ جيڪو لکيو آهي، انهيءَ جي خوشبوءِ توهان جي نظمن، گيتن، ترائيلن ۽ غزلن مان محسوس ٿي رهي آهي. توهان جي تخيل جي پرواز ڪنهن حسينه جي ڇيرن جي ڇم ڇم وانگر هوا ۾ رقص ڪندي اڏامي ٿي اِها اُڏام ڪنهن عاشق جي دل کي آرام ڏئي ٿي. سائين امداد جي شعرن مان سچل سائين واري بيباڪي، مستي ۽ مدهوشي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس تخليقي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۾ زبردست قوت آهي. امداد حسيني جي شاعريءَ ۾ ڪمال جون گوناگون خوبيون نظر اچن ٿيون جن ۾ تشبيهن، استعارن جي چونڊ ۾ هُو پڙهندڙن کي لاجواب ڪريو ڇڏي. امداد حسيني جا ڪتاب جنهن ۾ امداد حسينيءَ جو سمورو سرمايو موجود آهي ان مان امداد کي پسي سگهجي ٿو. سنڌ جو مفڪر ۽ ڏاهو علامه آءِ. آءِ. قاضي “اُو ڪو ٻيو فهم” ڪتاب جي هڪ مضمون “قبرستان ۽ ڪتب خانا” ۾ لکي ٿو ته: “جڏهن هڪ قوم ڪو معياري ڪتاب پيدا ڪري نٿي سگهي ته پوءِ اها قوم حقيقت ۾ هڪ گونگن ۽ ٻوڙن جي قوم آهي، اها هڪ جانورن جي قوم آهي. اهي انسان جيڪي قدرت جي نرمل نظارن کي پسي لطف اندوز نٿا ٿين اهي انڌن جي آچار آهن.” (1989: 71).
اسان جي قوم کي امداد حسيني سهڻا ۽ سٺا ۽ معياري ڪتاب ڏنا آهن. جن ۾ قدرت جا نظارا به آهن ته ٻئي طرف حسن جون هاڪون، پکين جون لاتيون، موسمن جا مزا، محبوبن جون ادائون، سج، چنڊ، وطن دوستي، راڳي ويراڳي، جنگ، زهر، امن وغيره وغيره جيڪي سندس شاعري جي صنفن جي اندر اهڙن موضوعن جي نمائندگي ڪن ٿا. سائين امداد حسينيءَ جا نظم، غزل، گيت، آزاد نظم، بيت، ترائيل، وايون، ٽيڙو، نثري نظم، ڪافيون جن ۾، امداد حسينيءَ جو نياپو دل کي ڇهندڙ، گلاب جي پنکڙين جهڙو نرم لهجو نظر اچي ٿو. عنوانن ۾: سنڌڙي سُر سنگيت- سڳنڌ، نِما شام، پوُرالو من، سفاڪ، هلي آ ته پيار ڪريون، ڪورو پنو، تون اهائي مارئي. لفظ آهن کيڏوڻا، اماس کانپوءِ، مِٽي ٿڃ- مٽي رَتُ ۽ ٻيا موضوع جن کي پڙهڻ سان من موهيو ڇڏي. امداد حسيني جي ڪتاب “هوا جي سامهون” جي مهاڳ ۾، سحر امداد لکي ٿي ته، “هُو جو راتيون جاڳي شعر لکي ٿو ۽ مان جا هُن جي انهن اوجاڳن جي گواھ آهيان. مان جا گذريل پاءُ صديءَ کان هن سان گڏ آهيان ۽ هن سان راتيون جاڳي صبح ڪيو اٿم.” (2010: 15) امداد حسيني پنهنجي حياتي جو سفر واھ جو گذاريو آهي ۽ اُن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. امداد اسان کي رسالي “روح رهاڻ” ۾ امداد ته ڪڏهن حسيني نظر اچي ٿو ته ڪڏهن وري اهو ئي امداد “سانول” ته، ڪڏهن وري “مارو” بڻجي لکندو رهيو آهي. سحر امداد لکي ٿي ته: “سو منهنجو سانول ۽ سنڌ جو شاعر امداد حسيني 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. ان ٽکڙ ۾ جنهن جون گهٽيون حافظ حامد جي سينڌ جيان سڌيون ليڪون هيون: انهن ئي سِڌين گهٽين ۾ هي ڏنگو ٻار وڌي وڏو ٿيو.” (2010: 17) امداد سنهڙو سيپڪڙو، وِکريل وار بقول سحر امداد جي، “پوري قدَ مدَ آڪار سان ايئن ئي نمايان اوچو ۽ اِسٿر آهي: جيئن ڪنهن سچي آرٽسٽ ۽ شاعر کي هئڻ کپي: سورج وانگر صاف چٽو: روشن ۽ حرارت بخش.” (2010: 22) سائين امداد اندر ۽ ٻاهر سنهو سيپڪڙو، نازڪ ۽ نفيس طبيعت جو مالڪ، نه من ۾ مير، نه اندر ۾ ٻيائي، هن ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جا ڏک تڪليفون ڏسي ڏکارو ٿي وڃي ٿو. سائين امداد حسيني عالم انسانيت سان پيار ڪندڙ آهي ۽ ملڪي ادارن جي لُٽ مار ڏسي سندس دل ۽ دماغ تي جيڪا تڪليف ٿئي ٿي ان کي عام ماڻهوءَ وانگر ڏسي خاموشي اختيار نٿو ڪري، پر هُو انهيءَ کي لفظن جو روپ ڏئي چئي ٿو:
ننڊ منهنجي ئي ڇو ڦٽل آهي
ساري جنهن جي جوابداري آ
سو ته آرام سان ستل آهي
ڦِيٿ سان آھ جنهن ڇڏي ماپي
آھ تنهن لاءِ زندگي جانان
صرف ۽ صرف پيٽ ۽ کيسو
سو ته هرپل اهو ئي چاهي ٿو
جو به آهي اهو کڻي وٺجي
وجھ آهي لپو هڻي وٺجي
ڪو ڄاڻي سڀان رهون نه رهون
هر پني تي ٺپو هڻي وٺجي.” (2000: 53)
سرڪاري توڙي خانگي ادارا ملڪ ۽ قوم جي قسمت جا اُهي مضبوط ٿنڀ آهن، جن جي مضبوط هئڻ سان پوري قوم مضبوط آهي. ڪنهن قوم جا ادارا برباد هئڻ انهيءَ معنيٰ کي ظاهر ڪري ٿو ته پوري قوم جو وجود خطري کان خالي ڪونهي. امداد حسينيءَ کي شاگرديءَ واري زماني کان ئي اهو احساس هو ته ادارن ۾ قوم جو فيصلو ٿيندو آهي، انهن جي ترقي ملڪي ترقي سان سلهاڙيل آهي. سياسي، سماجي، معاشي، معاشرتي، ديني ۽ ادبي ادارا ڇا آهن؟ تنهنڪري انهن ۾ ڪيئن ڪم ڪيو وڃي. سائين امداد حسينيءَ ڪيترن ئي ادارن کي رت ست ڏنو آهي، ان ۾ سنڌي لغت جي آفيس، لوڪ ادب جي رٿا ۾ پارٽ ٽائيم نوڪري ڪيائين ۽ ان کانپوءِ هڪ لائبريرين جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيائين. سن 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ريسرچ فيلو مقرر ٿيو. سن 1973ع ۾ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ مضمون جو اسپيشلسٽ مقرر ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي “مهراڻ” جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري طور خدمتون سر انجام ڏنائين. انهن علمي ادبي ادارن ۾ رهي جيڪو سندس اندر ۾ احساس پيدا ٿيو ته هي ادارا اسان جي سماج جا مقدس ادارا آهن، انهن جو هر لحاظ کان تقدس ۽ مانُ مٿانهون هجي. انهيءَ ڳالھ کي مد نظر رکندي سنڌ جي قسمت کي ڪهڙي طرح ۽ ڪيئن بدلائجي ۽ اڳتي ڪيئن وڌجي اهو سبق انهن عظيم ۽ ڏاهن ماڻهن کان پرايائين جن سندس اندر ۾ اهو احساس جاڳايس ته ملڪي ۽ قومي ترقي ادارن جي وجود سان آهي ۽ ادارن ۾ اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪجن جن کي پوري قوم جو احساس ۽ درد هجي ۽ ادارن کي پنهنجي گهر جيان هلائڻ جو جذبو هجي. ڇاڪاڻ جو هنن ئي ادارن جي ڇانوَ ۾ پوري قوم رهي ٿي ۽ ويساهه رکي ٿي. مٿيون نظم پڻ سندس دل جي ترجماني ڪري ٿو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون اٿاھ آهن جيڪي سنڌي زبان، ادب، ثقافت ۽ تاريخ جي ترجماني ڪن ٿيون. سندس ادبي خدمتن ۾: شاعريءَ جو مجموعو “امداد آهي رول” جنهن کي سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، پاران سن 1976ع ۾ شايع ڪيو ويو. سندس نظم جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي جن کي ادبي حلقن ۾ ڏاڍو ساراهيو ويو آهي. طويل نظم “شهر” ۽ “شهر آشوب” جي مقبوليت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سندس هڪ ٻئي شعري مجموعي جيڪا شهرت حاصل ڪئي آهي، سو آهي “ڪرڻي جهڙو پل” ۽ ٽکڙ پبليڪيشن پاران شايع ٿيل ڪتاب “مئل ماڻهو ۽ جيئري پيڙا” ان کان علاوه اردو مان ڪي ٻارن لاءِ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجما به ڪيائين. مطلب ته پاڻ هڪ ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ريڊيو لاءِ به ڪي ناٽڪ لکيا ته ٻئي طرف ٽيليويزن لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيائين. اسان هجون نه هجون پر امداد حسيني جو ڪم صدين تائين زنده رهندو. اڄ اسان وٽ ڊاڪٽر دائود پوٽو، ڪوڙو مل، چندن مل کلناڻي، ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ميران محمد شاھ، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، نثار صديقي ۽ قلندر شاھ لڪياري جن پنهنجو جيڪو ڪردار ۽ علمي ادبي پورهيو ڇڏيو آهي ۽ ادارن کي رت ست ڏئي جوڙي ٺاهي راس ڪيو آهي، ڇا اهو ڪم ڀلا ڪو وساري سگهندو؟ نه هرگز نه، ڀلي ڪير هزارين ڪوششون ڪري. ڇا مولانا عبدالواحد سنڌي کي ڪو “نئين زندگي” رسالي کان ڌار ڪري سگهندو؟ ڪو سج کان پنهنجو روشن ڏينهن کسي سگهندو؟ ڇا ڪو چنڊ کان چوڏهينءَ جي چانڊاڻ، چڪور کان چنڊ سان چاهت، ڪنول گل کان ڀنئور ڪو پري ڪري سگهندو؟ گلاب جي گل کان ڪو خوشبو، بادل کان بوند کسي سگهندو؟ ڇا ڪو شاھ عبداللطيف کان رسالو ۽ رسالي مان ست سورميون ۽ ڏھ ڏاتار ڦري سگهندو؟ ڇا سچل سرمست کان شاعري واري مستي بيباڪي ڇني سگهندو؟ ساميءَ کان ڪو اشلوڪ جدا ڪري سگهندو.؟ ڇا ڪو شاھ عنايت صوفي کان “جو کيڙي سو کائي” وارو نعرو کسي سگهي ٿو؟ ڇا سنڌي ماڻهو کان پنهنجي ٻولي ڪو کسي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجھ نٿو ٿي سگهي ته پوءِ امداد حسينيءَ جا گيت، نظم، بيت ۽ غزل صدين تائين گونجندا رهندا. پيارا امداد حسيني 10 مارچ تنهنجو جنم ڏينهن آهي، توکي تنهنجي جنم ڏينهن جون مبارڪون قبول پون.
تون سچ آن، “سانول” سُرهاڻ آن،
تون چنڊ آن ۽ چنڊ جي چانڊاڻ آن،
امداد توکي سَوَ سَوَ جنم مبارڪون،
تو ۾ خوشبوءِ بهار جي، ايڪاسي جنم جيت آن.
***

