ايڊيٽوريلخاصنئون

سولر پينلن تي ٽيڪس لڳائڻ جي پاليسي

هن وقت دنيا جا ڪيترائي ملڪ تيزيءَ سان ماحولياتي تبديليءَ سبب خطري هيٺ آهن، جنهن جا سبب گذريل ٻن صدين کان انساني زندگيءَ ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچڻ آهي ۽ صنعتن جي واڌ سبب فاسل فيول (ڪوئلو، پيٽرول ۽ ڊيزل) جو انتها درجي جو استعمال آهي. ان ڳالهه جو به يقين هجڻ گهرجي ته جتي فاسل فيول سبب ماحولياتي گدلاڻ انسان کي خطرن ۾ گهيري ڇڏيو آهي، اتي انسان متبادل توانائيءَ جا ذريعا ڳولهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو توانائيءَ جو ذريعو سج آهي. سج جي روشني ڪيترن ئي ملڪن کي ڏينهن جي تيرهن کان چوڏهن ڪلاڪن تائين مفت ۾ مهيا ٿيندي رهي ٿي ۽ پاڪستان ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي انهن خوشنصيب صوبن مان آهن جتي سڄو سال سج جي توانائي گهٽ يا وڌ مهيا رهي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن وقت پاڪستان جو عوام جڏهن بجليءَ جي بلن ۾ انڌاڌنڌ واڌ ۽ بدترين لوڊشيڊنگ جو شڪار آهي ته هو تمام تيزيءَ سان سولر سسٽم تي پنهنجي توانائي جي گهرج کي منتقل ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ گهريلو صارفين ۽ ڪمرشل صارف ٻئي شامل آهن. هن وقت دنيا جا ڪيترائي ملڪ جن ۾ آرمينيا، آسٽريليا، بلغاريا، ڪئناڊا، ڪروشيا، چين، فرانس، جرمني، يونان، آئرلينڊ ۽ انڊيا پنهنجي عوام کي پنهنجي پاليسين ذريعي وڌ کان وڌ صاف سٿري توانائي يعني سولر سسٽم ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مدد ڏيئي رهيا آهن. ڇو ته سولر توانائي جي ذريعي هڪ ته ماحول گدلاڻ کان بچي وڃي ٿو ۽ ٻيو بجلي پيدا ڪرڻ ۾ حڪومت جي خرچ بدران عوام جي پنهنجي سرمائيڪاري ٿئي ٿي جنهن ۾ واڌو بجلي حڪومت کي وڪڻي ڏني وڃي ٿي ۽ اها گرڊ ۾ شامل ڪري ڪمرشل بنيادن تي وڪي وڃي ٿي ۽ پوءِ اتان کان بجلي جي ٽرانسميشن سڄي نظام ۾ ٿئي ٿي جنهن سان رياست کي مفت بجلي تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ اها پنهنجي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪري ملڪ مان بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ تي ڪم ڪري سگهي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ به اهڙو نظام آهستي آهستي جڙي رهيو آهي، پر جيئن ته پاڪستان هڪ اهڙي رياست آهي جتي عوام دوست پاليسون هميشه گهٽ ٺهندي نظر اچن ٿيون ۽ رياست لاءِ پاليسيون جوڙيندڙ طبقو عوام جي مفاد جي خلاف سرگرم نظر اچي ٿو. ان سلسلي ۾ اسان جي توانائيءَ واري وزارت اهو فيصلو ڪيو آهي ته 12 ڪي- وي جي گهريلو ۽ ڪمرشل سولر پينلن تي اضافي ٽيڪس لڳايو وڃي. ڇو ته ان سان IPPS جي طرفان تيار ٿيل بجلي جي کپت ۾ گهٽتائي اچڻ سبب حڪومت مٿان جيڪو بار اچي ويو آهي ان کي ان ٽيڪس مان پورو ڪيو وڃي. اهو پروپوزل سينٽر پاور پرچيزنگ ايجنسيءَ طرفان ڏنو ويو آهي. 12 ڪلو واٽ جي سولر سسٽم تي هڪ ڪلو واٽ جي حساب سان 2000 جو اضافي ٽيڪس لڳايو وڃي. ان خبر جي پکڙجڻ سان عوام جي اندر بيچيني پيدا ٿي وئي آهي ۽ عوام جو پنهنجي حڪومت ۽ رياست تان جيڪو رهيل سهيل اعتبار آهي اهو به کڄي ويو آهي. ڇو ته توانائي هر گهر جي ۽ هر ڪمرشل يونٽ جي ضرورت آهي، ان کي پورو ڪرڻ رياست جو ڪم آهي ته جيئن ملڪ جو ڪاروهنوار هلي سگهي. اسان جي ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن بجليءَ جي في يونٽ ۾ تيزيءَ سان اضافو اچي رهيو آهي. ٽرانسميشن جو نظام ڏينهون ڏينهن خراب ٿيڻ سبب بجليءَ جي چوري وڌي وئي آهي، جنهن ۾ اداري جا پنهنجا ماڻهو ملوث آهن ۽ ان نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ اداري جي ڪابه ڪوشش نظر نه پئي اچي. اهڙي حالت ۾ خانگي طور عوام پنهنجي مدد پاڻ تحت بجلي پيدا ڪري پنهنجي زندگيءَ جو چرخو هلائي رهي آهي.
هن ملڪ ۾ جتي عوام کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جي ذميواري رياست جي آهي، اتي عوام نيسلي جو مهانگو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي، جتي بجليءَ جي فراهمي بنا روڪ ٽوڪ سڄو ڏينهن ٿيڻ گهرجي ۽ عوام کان ان جي استعمال مطابق بل ورتو وڃي اهو حڪومتي نظام لاءِ ناممڪن بڻجي ويو آهي. گئس جيڪا اسان جي ملڪ مان تمام گهڻي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿي، حڪومت جي نااهلي سبب اها گهرن تائين نٿي پهچائي وڃي ۽ غلطي پاليسين سبب گاڏين جي سي اين جي ۾ ساڙِ وڃي ٿي. اهڙي صورت ۾ عوام پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري پنهنجي مستقبل لاءِ بچايل رقم سيڙائي ان مان جيڪا سهولت حاصل ڪري ٿو اها به جيڪڏهن حڪومت جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀي رهي آهي. ته اهڙي حڪومت عوام دشمن ئي چئي سگهجي ٿي.
هئڻ ته ايئن گهرجي ها ته حڪومت کي اهڙن ماڻهن کي پاليسي ٺاهي سولر سسٽم لڳائڻ تي ٽيڪس فري سولر پينل سسٽم مهيا ڪيا وڃن ها ته جيئن هر گهر کي بجلي فراهم ٿي سگهي، پر جيئن ته اسان جون پاليسيون هميشه عوام دشمن رهيون آهن ۽ عوام کي ڪڏهن به ڪنهن قسم جو ڪوبه فائدو ملي ٿو ته ان کان اهو فائدو ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. حڪومت کي عوام دشمن قدم کڻڻ کان پري رهڻ گهرجي، ڇو ته ان سان ملڪ ۽ قوم جو نقصان ٿئي ٿو ۽ حڪومت جي ساک خراب ٿئي ٿي.