ايڊيٽوريلنئون

ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي جو سنڌ جو دورو، ڇا سياسي صورتحال جي تبديليءَ جو اشارو ٿي سگهي ٿو؟

ڪي پي ڪي جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي کي 9 جنوري 2026ع تي ايئرپورٽ تي صوبائي وزير سعيد غني اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ سندس آجيان ڪئي. هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سنڌ حڪومت کيس عزت ڏني آهي ۽ هو سدائين سنڌ حڪومت کي عزت ڏيندا. سندس چوڻ هو ته سندس قائد کي ان ڪري جيل ۾ وڌو ويو آهي، ڇو ته هن آزاد عدليه ۽ ميڊيا جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ پئي هلائي. سهيل آفريدي جي سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ ۾ اچڻ، ڪراچي جي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ ۽ ان کانپوءِ جلسي ڪرڻ جي سنڌ حڪومت طرفان اجازت عام شهري جي ذهن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿي ڪري ته سهيل آفريدي جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪو جلسو ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس اتي اجازت نٿي ڏني وڃي، پر کيس ڪراچيءَ ۾ سنڌ حڪومت ڀليڪار چوي ٿي ۽ پنهنجي سياسي سرگرمي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي، جيڪا هڪ تمام خوش آئند ڳالهه آهي. پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي ۽ آئين جي حدن ۾ رهندي کين سياسي سرگرميون ڪرڻ جو حق آهي. جيئن ته پيپلزپارٽي پنهنجي مزاج ۾ هڪ جمهوريت پسند ۽ سياسي آزاديءَ جي ڳالهه ڪندڙ پارٽي آهي ۽ عملي طور تي هن سهيل آفريدي کي جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوريت جي قدرن ۾ يقين رکي ٿي. سوال اهو آهي ته ڇا پنجاب ۾ سهيل آفريدي جي مٿان جيڪا سختي ٿي رهي هئي اها اسٽيبلشمينٽ جي طرفان ٿي رهي هئي يا اهو مريم نواز جو ذاتي فيصلو هو. هن وقت مريم نواز پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان پنجاب ۾ پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اسپيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هوءَ تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي، پر ان جي باوجود به پنجاب جي عوام جو هڪ وڏو انگ پي ٽي آءِ جي لاءِ همدردي رکي ٿو ۽ جيڪڏهن اڄ به پاڪستان ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ته شايد هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ پنجاب مان کٽي سگهي ٿي، اهو خوف شايد (ن) ليگ کي پي ٽي آءِ جي مٿان پابندي لڳائڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ هڪ آئيني ۽ قانوني وزيراعليٰ کي صوبي ۾ پنهنجي سياسي سرگرمين کان روڪي ٿو. جڏهن ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ پيپلزپارٽي لاءِ ڪو وڏو خطرو ناهي، بلڪه پيپلزپارٽي سهيل آفريدي کي سنڌ ۾ ڀليڪار چئي هڪ طرح سان پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ نرمي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو ته هن وقت پي ٽي آءِ سياسي دٻاءُ ۽ عتاب جو نشانو بڻيل آهي. اهڙي وقت ۾ پيپلزپارٽيءَ جو سهيل آفريديءَ کي سنڌ ۾ ڀليڪارڻ ۽ جلسي جي اجازت ڏيڻ هڪ سٺو سياسي قدم چئي سگهي ٿو. ڏٺو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ کي مڪمل طور تي هٿ ٻڌي سياسي عمل کان ٻاهر نٿي ڏسڻ چاهي، اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پاڻ کي هن وقت پنهنجي طئي ڪيل هدفن مطابق مضبوط ڪندي سياسي طاقت کي بينلس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿي. سهيل آفريديءَ کي سنڌ ۾ ڀليڪارڻ جو فيصلو پيپلزپارٽيءَ جو پنهنجو ذاتي به ٿي سگهي ٿو يا وري اسٽيبلشمينٽ جي پيپلزپارٽيءَ کي هدايت به ٿي سگهي ٿي. اسٽيبلشمينٽ يقينن پي ٽي آءِ کي هڪ محدود ميدان ڏئي کيڏڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿي، پر  پنجاب جيڪو هڪ اهڙو صوبو آهي جتي ڪابه سياسي پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري وفاق ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، ان لاءِ سهيل آفريدي کي پنجاب ۾ روڪي کيس سنڌ ۾ دورو ڪرڻ جي موڪل ڏئي اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ هڪ خاموش مفاهمت جي شروعات به سمجهي سگهجي ٿي. اهو ممڪن ئي ناهي ته اسٽيبلشمينٽ جي رضامنديءَ کانسواءِ پي ٽي آءِ ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ جلسو ڪري سگهي. ممڪن آهي ته هن وقت سڄي دنيا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ دٻاءُ کي رليز ڪرڻ لاءِ اهو قدم کڻڻ تي رضامنديءَ جو اظهار ڪيو آهي. هونئن به سهيل آفريديءَ جو انداز علي امين گنڊاپور جي مقابلي ۾ گهٽ تڪراري نظر اچي ٿو. سندس حلف برداري جي تقريب کانپوءِ آهستي آهستي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته کيس اسپيس ملي رهيو آهي.

ساڳئي وقت پيپلز پارٽي به هميشه جمهوريت پسند هجڻ جي تاثر ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سهيل آفريدي جي ڪراچيءَ جي دوري يا سنڌ جي دوري سان پي ٽي آءِ جي اندر اها سوچ پيدا ٿيندي ته پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ اندر پي ٽي آءِ سان نرمي ڪئي پئي وڃي ۽ اتي سياسي ميدان بهتر آهي. اڄ به تجزيه نگارن جو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون ٿين ته پي ٽي آءِ جو پنجاب ۾ پلڙو ڳرو رهندو. ڇو ته اتي هڪ وڏو انگ جيڪو پي ٽي آءِ جي ووٽر جو آهي، پنهنجو غصو ۽ بيزاري پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏئي ٻاهر ڪڍندو. ان کان علاوه سهيل آفريدي جي شڪل ۾ پي ٽي آءِ کي هڪ سٺي متحرڪ ۽ نوجوان قيادت ملي آهي جيڪا ووٽرن کي متاثر ڪري سگهي ٿي، پر ڇا اها قيادت پارٽيءَ جي رهنما عمران خان کان گهڻي عرصي تائين برداشت ٿيندي اهو وري هڪ ٻيو سوال آهي جنهن جو وقت اچڻ تي جواب ملي ويندو. سياست سياسي بصيرت جو نالو آهي، سنڌ ۾ سهيل آفريدي کي اسپيس ڏئي پيپلزپارٽي پنهنجي لاءِ پنجاب ۾ هڪ وڏو اسپيس وٺڻ طرف قدم وڌايو آهي. پنجاب ۾ پيپلزپارٽي هن وقت ٽئين نمبر تي بيٺل آهي، پر هن مثبت عمل سان پنهنجي رينڪنگ کي وڌائي سگهي ٿي. ممڪن آهي ته اڳتي هلي پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جو ووٽر (ن) ليگ کي هارائڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ڪنهن به صورت ۾ سپورٽ ڪري ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هونئن به آصف علي زرداري اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجن معاملن کي طئي ڪرڻ ۾ ماهر سمجهيو وڃي ٿو. اڃان ته چونڊن ۾ وقت پيو آهي، پر (ن) ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڪنهن به اختلاف جي صورت ۾ پيپلزپارٽي ان جو سٺو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي. بهرحال هن وقت اسان وڌيڪ ڪجهه نٿا چئي سگهون صحيح وقت اچڻ تي سڀ شيون سڀني جي اڳيان اچي وينديون.