بلاگنئون

مرزا فريدون بيگ (فريدالدين) جي زندگيءَ بابت مختصر احوال

مرزا قليچ بيگ جو والد جيڪو مشھور عالم، شاعر ۽ ليکڪ هو سندس جي زندگي متعلق ڪو جامع مواد موجود نه آهي، ٿورو، ٿورو احوال 1956 جي نئين زندگي رسالي جي مرزا قليچ  نمبر يا 1960 جي ماهوار مھراڻ ۾ ملي ٿو. جڏهن ته مرزا قليچ بيگ جي لکيل  ڪتابَ پڙهڻ بعد اهو معلوم ٿئي ٿو ته فريدون بيگ اوڻيھين صدي جو تمام وڏو اديب شاعر ۽ عالم هو. هن جو مختصر احوال هن ريت آهي ته مرزا فريدون بيگ جو اصل نالو شاھد فريدون بيگ گرجي هو. سندس تعلق وچ ايشيا جي هڪ ملڪ جارجيا سان هو، جيڪو هڪ عيسائي خاندان ۾ پيدا ٿيو، هُو هڪ جنگ ۾ خاندان سميت گرفتار ٿي  فوجن پاران تبريز ۽ اصفھان ۾ ڪجھه سال گذارڻ بعد ڏهن سالن جي عمر ۾ ٽالپر حڪمرانن جي مرزا خسرو بيگ جي غلام طور وڪرو ڪيو ويو، خسرو بيگ هن کي اولاد وانگر پاليو ۽ هن کي ايران ۾ بنيادي تعليم ڏياريائين. خسرو بيگ کيس پاڻ سان گڏ لڳ ڀڳ 1823  عيسوي ڌاري سنڌ وٺي آيو، پڙهندڙن کي مرزا خسرو بيگ جو مختصر پسمنظر ٻڌائڻ ضروري سمجهندي عرض ڪندس ته خسرو بيگ مرزا جنھن متعلق جيمس برنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي درٻار” ۾  لکيو آهي ته، “مرزا خسرو بيگ ٽالپرن جي درٻار ۾ سڀ کان اثر رکڻ وارو، مرزا خسرو بيگ آهي، جنهن جي صلاح مشوري سان ٽالپر حڪومت هلائيندا آهن.” هو وڏي هلنديءَ وارو شخص آهي. هو هڪ وڏو عالم، اڪابر، سفير ۽ حساس دل وارو انسان آهي. هن پنهنجي دين جي پيءُ مير ڪرم علي خان ۽ ان کانپوءِ وارن ٽالپر اميرن سان وفاداريءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. هي اهو شخص هو جنھن 1843ع ۾ جڏهن چارلس نيپئر، انگريزن جي وفادار مير علي مراد خان کي خيرپور جي تخت تي ويهاريو، تڏهن مير نصير خان، مرزا خسرو بيگ جي سربراهيءَ ۾ يوسف منگواڻي ۽ غلام علي نظاماڻيءَ تي ٻڌل وفد کي سر چارلس نيپئر سان ڳالهين لاءِ موڪليو. ڳالهين دوران  مرزا خسرو بيگ ۽ چارلس نيپئر جي وچ ۾ تيز جملن جي ڏي وٺ ٿي. چارلس نيپئر چيو ته، “آئون ڏسندس ته بلوچن جون تلوارون ڪيئن ٿيون انگريزن جي بندوقن ۽ توپن جي گولن جي وسڪاري کي منهن ڏين” ان تي مرزا خسرو بيگ ٺهه پهه وراڻيو ته، “سنڌ ڪو حلوو ناهي، جو توهان (انگريز) ان کي آسانيءَ سان کائي ويندا.”

هن وفادار جو جنم 1789ع ۾ جارجيا جي شـاهـي بـگـر تيوني خاندان  ۾ ٿيو، خسرو بيگ ايـرانـي جنرل علي مراد هٿان گرفتار ٿي ارس دريا جي ڪناري خيمه زن فتح علي شاهه قاچار جي آڏو پيش ڪيو ويو، جتان هو ايران جي بادشاهگر امير حاجي ابراهيم جي سارسنڀال هيٺ آيو. ان وقت مرزا خسروءَ جي عمر 9 سال هئي  1808ع ۾ هي مير ڪرم علي خان جي پناهه هيٺ آيو، جنھن ھن کي پنھنجي دين جي پٽ جو درجو ڏئي پنهنجي ڀائرن ۽ مصاحبن کي آگاهه ڪيو ته هن خسرو خان کي پنهنجو پٽيلو مقرر ڪيو آهي ۽ سندس نالو مرزا خسرو خان رکيو ويو آهي. 1809ع ۾ مير ڪرم علي خان پنهنجي زالن جي خواهش موجب کيس پنهنجي جاگير جو وصي سنڀاليندڙ مقرر ڪيو. هن جي وفاداري جو اهو وڏو مثال آهي ته 1843 ۾ مياڻي ۽ دٻي وارين جنگين کانپوءِ ٽالپر حاڪمن جي حرم جي حفاظت ڪندي، قلعي ۾ فوج سان گڏ گهڙندڙ ميجر مئڪفرنس کي ڳٿڙ مان جهليو ۽ سندس ساهه گهٽڻ لڳو. انگريز فوجي ميجر مئڪفرسن کي ڇڏائي، خسرو بيگ تي پهرو بيھاري ڇڏيو، هن پنھنجي زندگي کي مد نظر رکندي گرفتار ٿي آيل مرزا فريدون کي پالي، پڙهائڻ بعد  پنھنجي نياڻي  مرزا فريد الدين بيگ کي ڏني. هي شخص ڊسمبر 1860ع تي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ وفات ڪري ويو ۽ حيدرآباد شهر جي اُلهندي پاسي ميرن جي قبن لڳ پنهنجي مهربان ۽ محسن ٽالپر حڪمرانن جي قبرستان ۾ هي شخص سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جا باب سيني ۾ سانڍي ابدي آرامي آهي. سندس وفات تي مرزا فريدون بيگ هڪ قطع تاريخ لکي آهي، جيڪا سندس سڄي حياتيءَ ۾ پيش آيل اُس ۽ ڇانوري واري هر رنگ، خدمتن، گڻن، ڏکن ۽ جاکوڙ جو تفصيل پيش ڪري ٿي. ڳالھه کي ٿورو دھرائيندو هلان ته مرزا فريدون سنڌ ۾ اچڻ بعد مقامي ٻوليون ۽ ادب سکيو شاعري ڪئي،  سنڌي ادب ۾ حصو ورتو ۽ شاعري ۾ تخلص “قان” استعمال ڪيو. مرزا خسرو بيگ، مرزا فريدون بيگ جي شادي پنھنجي ڌيءَ سڪينه خانم سان ڪرائي جنھن مان هن کي ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون انھن مان جيڪي مختلف ڪتابن ۾ نالا ملن ٿا جن مان سندس ڌيءَ شرف النساءِ، مرزا غلام رضا بيگ، مرزا صادق علي بيگ، مرزا قليچ بيگ، مرزا علي قلي بيگ، مرزا جعفر قلي بيگ، مرزا نجف قلي بيگ، مرزا حيدر قلي بيگ، زيب انشاء، مرزا فريدون بيگ جي اولاد مان ڪجهه ٻه يا ٽي اديبن جا نالا ادبي دنيا ۾ روشن ٿيا مرزا قليچ بيگ (1853-1929) هن ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو ۽ سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌي ادب ۾ شايع ٿيل ڪيترائي ڪتاب، مضمون، تاريخي ڪتاب ۽ يادگيريون لکيون. سنڌي ادب جي هر صنف تي ڪم ڪيو، جنهن لاءِ انگريز سرڪار کيس “شمس العلماء” جي لقب سان نوازيو. سنڌي نثر کي جديد دور ۾ سڃاڻپ ڏني ۽ نون لکندڙن تي وڏو اثر ڇڏيو. مرزا صادق علي بيگ هڪ استاد ۽ مترجم طور ڪم ڪيو. هن تعليمي ۽ لغوي مواد تي ڪم ڪيو ۽ سرڪاري اخبار “سنڌ سڌار” جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيا درسي ڪتاب تعليم کاتي لاءِ لکيائين. مرزا غلام رضا بيگ ۽ ٻيا ڀائر شايد ادبي ۽ علمي سرگرمين ۾ هئا، پر سندن ادبي خدمتن جا تفصيل اڃان تائين وڏي پيماني مشهور نه ٿي سگهيا. مون اڳ به عرض ڪيو آهي ته مرزا فريدون بيگ جي خاندان مان خاص ڪري مرزا قليچ بيگ ۽ مرزا صادق علي بيگ سنڌي ادب ۽ تعليمي تحريري ڪم جي لحاظ سان نمايان آهن. قليچ بيگ سنڌي نثر جو وڏو استاد ۽ ليکڪ هو، جڏهن ته صادق علي بيگ تعليم ۽ ترجمان نگار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ٻنهي ڀائرن مان مرزا قليچ بيگ متعلق تمام گهڻو مواد ملي ٿو ته هي سنڌ جو شمس 4 آڪٽوبر 1853ع تي پيدا ٿيو، مرزا قليچ بيگ اٺن مختلف ٻولين ۾ لڳ ڀڳ 457 ڪتاب لکيا، مرتب ڪيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ تاريخ، شاعري، ناول ۽ ڊراما شامل آهن. جھڙوڪ: انگريزي ۾ لکيل تاريخ سنڌ جا ترجما جيڪي مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ جي نالي سان شايع ٿيا، حيات قليچ ۾ ئي مرزا قليچ بيگ خانداني پس منظر ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي آهي. ان کان علاوه سائوپن يا ڪارو پنو، تحفة النسوان، پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون، دلارام، نيلو پکي، عجيب طلسم، شھزادي محبوب جي آکاڻي، شھزادي قدم برگ، مطلب ته هن مخلتف صنفن تي ڪم ڪيو. ان وڏي ادبي خزاني ۾ شاعري، ناول، ترجما، تاريخ، فلسفو ۽ ٻين موضوعن ۾ ڪتاب شامل آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي مرزا قليچ بيگ جي نالن سان شايع ٿيا آهن. مرزا قليچ بيگ ئي پنھنجي والد مرزا فريدون بيگ جي وفات جو ذڪر ڪيو آهي ته سندس والد 1871 ۾ وفات ڪئي هئي، پر ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ پنھنجي ھڪ لکت ۾ مرزا فريدون بيگ جي وفات 11 جنوري لکي آهي.