مرزا قليچ بيگ جو والد جيڪو مشھور عالم، شاعر ۽ ليکڪ هو سندس جي زندگي متعلق ڪو جامع مواد موجود نه آهي، ٿورو، ٿورو احوال 1956 جي نئين زندگي رسالي جي مرزا قليچ نمبر يا 1960 جي ماهوار مھراڻ ۾ ملي ٿو. جڏهن ته مرزا قليچ بيگ جي لکيل ڪتابَ پڙهڻ بعد اهو معلوم ٿئي ٿو ته فريدون بيگ اوڻيھين صدي جو تمام وڏو اديب شاعر ۽ عالم هو. هن جو مختصر احوال هن ريت آهي ته مرزا فريدون بيگ جو اصل نالو شاھد فريدون بيگ گرجي هو. سندس تعلق وچ ايشيا جي هڪ ملڪ جارجيا سان هو، جيڪو هڪ عيسائي خاندان ۾ پيدا ٿيو، هُو هڪ جنگ ۾ خاندان سميت گرفتار ٿي فوجن پاران تبريز ۽ اصفھان ۾ ڪجھه سال گذارڻ بعد ڏهن سالن جي عمر ۾ ٽالپر حڪمرانن جي مرزا خسرو بيگ جي غلام طور وڪرو ڪيو ويو، خسرو بيگ هن کي اولاد وانگر پاليو ۽ هن کي ايران ۾ بنيادي تعليم ڏياريائين. خسرو بيگ کيس پاڻ سان گڏ لڳ ڀڳ 1823 عيسوي ڌاري سنڌ وٺي آيو، پڙهندڙن کي مرزا خسرو بيگ جو مختصر پسمنظر ٻڌائڻ ضروري سمجهندي عرض ڪندس ته خسرو بيگ مرزا جنھن متعلق جيمس برنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي درٻار” ۾ لکيو آهي ته، “مرزا خسرو بيگ ٽالپرن جي درٻار ۾ سڀ کان اثر رکڻ وارو، مرزا خسرو بيگ آهي، جنهن جي صلاح مشوري سان ٽالپر حڪومت هلائيندا آهن.” هو وڏي هلنديءَ وارو شخص آهي. هو هڪ وڏو عالم، اڪابر، سفير ۽ حساس دل وارو انسان آهي. هن پنهنجي دين جي پيءُ مير ڪرم علي خان ۽ ان کانپوءِ وارن ٽالپر اميرن سان وفاداريءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. هي اهو شخص هو جنھن 1843ع ۾ جڏهن چارلس نيپئر، انگريزن جي وفادار مير علي مراد خان کي خيرپور جي تخت تي ويهاريو، تڏهن مير نصير خان، مرزا خسرو بيگ جي سربراهيءَ ۾ يوسف منگواڻي ۽ غلام علي نظاماڻيءَ تي ٻڌل وفد کي سر چارلس نيپئر سان ڳالهين لاءِ موڪليو. ڳالهين دوران مرزا خسرو بيگ ۽ چارلس نيپئر جي وچ ۾ تيز جملن جي ڏي وٺ ٿي. چارلس نيپئر چيو ته، “آئون ڏسندس ته بلوچن جون تلوارون ڪيئن ٿيون انگريزن جي بندوقن ۽ توپن جي گولن جي وسڪاري کي منهن ڏين” ان تي مرزا خسرو بيگ ٺهه پهه وراڻيو ته، “سنڌ ڪو حلوو ناهي، جو توهان (انگريز) ان کي آسانيءَ سان کائي ويندا.”