ڪوٽڙي سائيٽ ۾ نئين واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي
سنڌ حڪومت پاران 70 ڪروڙن سان ڪوٽڙي سائيٽ ايريا ۾ واٽر پلانٽ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو اتي موجود صنعتڪارن پاران هلايو ويندو. هن ٽريٽمينٽ پلانٽ جو ماهوار خرچ 40 لک رپيا ٻڌايو ويو آهي، جيڪو علائقي جا صنعتڪار گڏجي ادا ڪندا. هن پلانٽ ۾ فيڪٽرين جو خراب پاڻي صاف ڪري پوءِ ڇڏيو ويندو. هن پلانٽ کي هلائڻ لاءِ ڪراچي جي هڪ ڪمپني جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن جنهن جو عملو ڏينهن رات ڪم ڪري هن پلانٽ جو پاڻي صاف ڪري نهر ۾ ڇڏيندو. ان ڏس ۾ ڳالهائيندي ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس جي صدر چيو ته هن علائقي ۾ جوڙيل هن پلانٽ سان علائقي جي فيڪٽرين جو خراب پاڻي صاف ڪري نهر ۾ ڇڏيو ويندو. هن پلانٽ تي وڏي رقم خرچ به ٿيندي جيڪا هتان جي صنعتي ادارن پاڻ حصيداري ۾ ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو هڪ سٺو فيصلو آهي. ان طريقي سان فيڪٽرين جي گندي پاڻي کي صاف ڪري پوءِ نهر ۾ موڪليو ويندو، جنهن سان گدلاڻ وڌڻ جو خطرو به گهٽ ٿي ويندو جيڪو هڪ سٺو عمل آهي.

