نئون

خلاء ۾ پهرين لگزري هوٽل ٺاهڻ جو اعلان  

آمريڪا جي اداري ناسا پاران خلاء ۾ ايندڙ سال هڪ لگزري هوٽل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هر روز 16 دفعا سج لهڻ جو ۽ اڀرڻ جو منظر به ڏسي سگهبو. هن قسم جي هوٽل جو نالو اورولا تجويز ڪيو ويو آهي، جيڪو زمين جي سطح کان 200 ميل مٿي خلاء ۾ موجود رهندو. هن هوٽل ۾ ٻه خاص سوئيٽس ڪمرا هوندا. اوريون اسپين ڪمپني جي مدد سان ٺهندڙ هن هوٽل ۾ ماڻهو هر روز 16 دفعا سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ جو منظر ڏسي سگهندا جنهن جو سبب اهو هوندو ته هي هوٽل هر وقت پنهنجي مدار ۾ گهمندو رهندو. هن هوٽل لاءِ ڳالهائيندي اوريون جي سي. اي. او چيو ته هي هوٽل ماڻهن کي خلاء جو سير ڪرڻ ۽ زندگيءَ جو هڪ ناياب تجربو مهيا ڪرڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. هن هوٽل سان گڏ اوريون اسپين طرفان زمين کان خلاء تائين خلائي جهازن جون اڏامون به جاري ڪيون ويون آهن جنهن جي قيمت به مناسب هوندي. واضح رهي ته هن هوٽل ۾ رهائش جو خرچ 3 هفتن لاءِ 10 ملين ڊالر هوندو جيڪو پاڪستاني ڪرنسي ۾ هڪ ارب رپين تائين آهي.