پاڪ ڀارت ڪشيدگي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا جو پرائيويٽ ڊپلوميسي جو اعتراف
آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير رابرٽ پلاڊينو پريس بريفنگ دوران اعتراف ڪيو ۽ چيو ته مائيڪ پومپيو جي رابطن بعد پاڪ ڀارت ڪشيدگي ۾ گهٽتائي آئي آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ موجود آمريڪي سفارت خانا ٻنهي ملڪن سان رابطن ۾ هئا. هن وڌيڪ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ڪارروائي وڌيڪ بگاڙ جو سبب بڻجندي. جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشيدگي کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم جاري رکيا ويندا. واضح رهي ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشيدگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي پيشڪش ڪندي چيو هو ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ تنازعي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

