خاصنئون

ايف اي ٽي ايف جي تجويزن تي عمل نه ڪيو ويو ته پاڪستان تي معاشي پابنديون لڳايون وينديون: خزاني وارو سيڪريٽري عارف احمد خان

وفاقي خزاني واري سيڪريٽري عارف احمد خان چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جي تجويزن تي عمل نه ڪيو ويو ته پاڪستان تي معاشي پابنديون لڳي وينديون جنهن کان بچڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي تجويزن تحت ملڪ اندر پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائي ۾ تيزي آڻڻي پوندي. واضح رهي ته ايف اي ٽي ايف جي انٽرنيشنل ڪو آپريشن رويو گروپ (آءِ سي آر جي) هلندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي ايڪشن پلان تي نظر ثاني ڪئي جنهن ۾ اهو گروپ پاڪستان جي جنوري 2019 جي لاءِ طئي ٿيل هدف جي ڪارڪردگي کان مطمئن نه ٿيو. واضح رهي ته ايف اي ٽي ايف پاران زور ڏنو ويو آهي ته پاڪستان ايڪشن پلان تي عمل ڪري خاص طور تي انهن هدفن کي پورو ڪري جنهن جو مدو مئي 2019 آهي ته جيئن اسٽريٽيجڪ گهٽتائي کي پورو ڪيو وڃي. هاڻي ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان جي کنيل قدمن تي ايندڙ نظرثاني، جون 2019 ۾ ٿيندي. جنهن بعد يا ته پاڪستان گري لسٽ مان ٻاهر اچي ويندو يا سيپٽمبر 2019 تائين بليڪ لسٽ ٿي ويندو.