اخلاقيات کي عام طور هڪ قطعي، ٺوس ۽ اٽل نظام سمجهيو وڃي ٿو ۽ اسان کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته سچ ڳالهائڻ، عدل ڪرڻ، ظلم کان بچڻ، وڏن جو احترام ڪرڻ ۽ نيڪي جو حڪم ڏيڻ هر حال ۾ فرض آهي ۽ انهن اصولن جي واعدي خلافي اخلاقي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، پر جڏهن اسان انساني تجربن، تاريخ، مذهب ۽ سياست کي غور ۽ فڪر واري انداز ۾ ڏسون ٿا ته اهو سوال اڀري نروار ٿئي ٿو ته ڇا اخلاقيات هڪ نه بدلجڻ وارو اصولي نظام آهي يا اهو انساني، سماجي ۽ تاريخي حقيقت جي مطابق پوئجڻ واري حڪمت علمي آهي.
اخلاقي تعليمات ۾ سچ ڳالهائڻ کي هڪ بنيادي قدر سمجهيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن سچ ڳالهائڻ سان ڪنهن بيگناهه جي جان وڃي سگهندي هجي، فساد يا جنگ ڀڙڪي پوڻ جو خطرو هجي، ظلم کي سگھ ملي ته ڇا پوءِ به سچ ڳالهائڻ اخلاقي ٿيندو؟ يا ان وقت خاموشي ئي بهترين اخلاق سڏبو؟ انهيءَ ريت ظلم جي خلاف آواز بلند ڪرڻ بيشڪ عظيم قدر آهي، پر جيڪڏهن ڪو اهڙو وقت هجي. جڏهن ڳالهائڻ وارو پاڻ نهايت ڪمزور، غير محفوظ يا بي يارو مددگار هجي ته ڇا حڪمت عملي جي تحت خاموشي بزدلي شمار ٿيندي يا “سوچ سمجھ” ٿيندي ته جيئن وقت اچڻ تي وڌيڪ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهجي. اصل حقيقت هيءَ آهي ته اخلاقيات صرف نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، عدل ۽ ظلم جي ساڌڙن خانن ۾ نٿو ٽڪي سگهي، بلڪه ان جي تهن ۾ ڪيترائي ڪارڻ هوندا آهن. جيئن جنگ ۽ امن جي دورن ۾ هڪ ئي عمل مختلف معنيٰ رکي ٿو. هڪ جهڙيون حالتون ڪراچي، ڪابل يا ڪوپن هيگن ۾ مختلف اخلاقي فيصلا ڪري سگهن ٿيون. ڪو وقت نيڪي وارو عمل تباهي جو نتيجو بڻجي وڃي ٿو. جڏهن ته ظاهري طور تي مصلحت سان ڀرپور فيصلو وڏي ڀلائي جو وسيلو بڻجي وڃي ٿو.
اسلامي روايت ۾ اخلاقيات کي حڪمت کان الڳ ناهي ڪيو ويو، اسلامي تعليمات ۾ ظلم سهڻ جي باوجود رد عمل ۾ بددعا ناهي ڏيڻي، بلڪه مستقبل جي ڀلائي کي نظر ۾ رکڻ ئي اسلام جي تعليم آهي. صلح حديبيه ان جو هڪ وڏو مثال آهي، ظاهر ۾ “ڪمزور” معاهدو، پر حڪمت فتح جو بنياد رکيو جيڪو عملي سياست، معاشرتي توازن ۽ اقليتن سان انصاف جو اتم نمونو هو۔
اخلاقيات جو اصل مفهوم قطعي حڪم ناهي، بلڪه حالتن ۾ بهترين فيصلن جو مجموعو ۽ استعمال آهي۔ اصل اخلاق اهو آهي، جيڪو انسانيت، امن، عدل ۽ خير جي مجموعي مفادن کي سامهون رکي ڪيو وڃي۔ مصلحت، غور ويچار ۽ حڪمت اهي ڪمزور اخلاق ناهن، بلڪه اعليٰ ترين اخلاقن جون نشانيون آهن۔ شرط اهو آهي ته انهن جو سبب خود غرضي، انسان دشمني يا ظلم نه هجي۔ اخلاقيات کي جيڪڏهن اسان صرف مثالي، ڪتابي نه بدلجندڙ اصولن جي صورت ۾ ڏسنداسين ته اسان ٻن انتهائن ۾ وڃي ڦاسي پونداسين. يا اسان منافقت ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿي پونداسين، پر جيڪڏهن اسان اخلاقيات کي هڪ شعور ڀريو مقصد وارو ۽ حڪمت وارو اصول سمجهي ڏسون ته اسان کي هڪ اهڙو اخلاقي نظام ملي ٿو، جيڪو انسانن جي فطرت، سماجي ڏکيائي ۽ وقت جي گهرجن سان ٺهڪندڙ دنيا ۾ امن، عدل ۽ توازن کي پيدا ڪري ٿو۔