امن جي آشا

اعجاز منگي

جنگ ۽ امن ۾ عوام جو رد عمل مختلف هوندو آهي، ڪنهن به ملڪ جو عوام ڪهڙي به دور ۾ ملڪ جي خود مختياري تي بلڪل به سمجهوتو ڪرڻ ناهي چاهيندو، ساڳي طرح سندس اها خواهش ناهي هوندي ته سندس ملڪ ۾ بک ۽ بدحالي هجي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنگ ۽ امن دوران عوام جي اڳواڻن جي چونڊ مختلف ٿئي ٿي. ٻي جنگ عظيم دوران برطانيه جو عوام چرچل پٺيان لڳي پيو ۽ چرچل جنگ لاءِ ڀلو اڳواڻ هو پر امن لاءِ نه، ماڻهن پنهنجو رايو ڏيئي ڇڏيو. 1991ع ۾ جارج ايڇ ڊبليو بش عراق تي قبضو ڪيو. سندس مقبوليت 90 سيڪڙو وڌي وئي پر هڪ سال بعد سندس مقبوليت اقتصادي بحرانن جي ڪري ڪري پئي. 1998ع ۾ هندستان جي وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي جي ڀارتيه جنتا پارٽي 182 سيٽون کٽيون، واجپائي اتحادي حڪومت ٺاهي وزيراعظم ٿيو. پوکران ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيائين سندس مقبوليت چوٽ چڙهي وئي پر هڪ سال جي اندر اتحادي حڪومت ڪري پئي. عوام اهو سوچيندو ۽ چاهيندو آهي ته ڪوبه اڳواڻ سندس لاءِ ڪيتري خوشحالي آڻي ٿو. بل ڪلنٽن جڏهن پنهنجي اليڪشن دوران ڪنهن کان پڇيو ته عوام کي اهو ٻڌائي جنگ کٽي سگهون ٿا ته “اسان کي ووٽ ڏيو ته صحيح رهندو ته کيس جواب مليو ته خوشحالي جي ڳالهه ڪر بيوقوف.”

پاڪستان ۽ هندستان ۾ هن وقت تمام گهڻي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي هندستاني جهاز اسان جي علائقي ۾ اچي لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي ڪئي ۽ نتيجي طور پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ سندس ٻه جهاز ڪيرايا ۽ سندس هڪ پائليٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ان لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته اهو انڊيا جي اڳوڻي ايئر چيف جو پٽ آهي، ٻنهي ملڪن ۾ صورتحال ڪافي ڇڪتاڻ واري آهي. ان جو وڏو سبب مودي اليڪشن سمجهيو پيو وڃي، جيڪي هن سال اپريل ۽ مئي ۾ ٿيڻيون آهن.

پلواما حملي کانپوءِ جنهن ۾ ڀارتي فوج جا 40 اهلڪار مارجي ويا، صورتحال ڇڪتاڻ طرف وڌندي وئي. ڀارت پاڪستان تي الزام لڳايا ته حملي ۾ پاڪستاني هٿ آهي ۽ پاڪستاني حڪومت جي بار بار چوڻ تي ته اسان سان ثبوت شيئر ڪريو، ڀارتي حڪومت صرف الزام لڳائيندي رهي ۽ ثبوت نه ڏنا ۽ فيبروري 25 تي بالا ڪوٽ ۾ انڊيا جا ڪجهه جهاز آيا ۽ ڪجهه بم ڪيرايائون انڊيا جي حڪومت ۽ ميڊيا اها دعويٰ ڪندي رهي ته هنن ساڍا ٽي سئو ماڻهو ماريا آهن پر مقامي ۽ بين الاقوامي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. 27 فيبروري تي پاڪستان جي هوائي فوج انڊيا جا ٻه جنگي جهاز ڪيرايا جنهن ۾ هڪ مقبوضا  ڪشمير ۾ ڪريو ۽ هڪ آزاد ڪشمير ۾ ٻه پائليٽ مارجي ويا ۽ هڪ پڪڙيو ويو، ان بعد پاڪستان جي وزيراعظم کين ڳالهين ذريعي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي دعوت ڏني پر في الحال اڳئين ڌر پاران ڪوبه مثبت جواب ناهي مليو.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا مودي هارائي رهيو هو ۽ شڪست کان بچڻ لاءِ هن جنگي صورتحال پيدا ڪئي آهي؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته چونڊن ۾ جنگي ڪارڊ گهڻي مدد ناهي ڪندو اصغر خان ان جو مثال آهي جنگ جو هيرو هئڻ باوجود به سندس تحريڪ استقلال بري طرح ناڪام ٿي وئي چونڊن ۾ عوام کي هڪ ئي نعرو پسند ايندو آهي اهو آهي اقتصادي خوشحالي ۽ ڪابه پارٽي جيڪڏهن ڪو عنصر اقتدار ۾ پهچائيندي آهي ته ملڪ ۾ عام ماڻهو لاءِ ڪيتري خوشحالي آڻيندو. ڪنهن جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي ۽ مٿان کيس اهو چيو وڃي ته اسان جنگ ڪنداسين ته اها جنگ انتهائي بري حڪمت عملي هوندي.

مودي ان ڳالهه کي ٿورو گهڻو سمجهي به ٿو جنهن ڏينهن ڀارتي جهاز پاڪستان جي بالا ڪوٽ ۾ آيا ان ڏينهن هو راجستان ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪري رهيو هو ته هن پنهنجي ڳالهه جي شروعات حملي سان ڪئي پر ان بعد گهڻي دير هو صرف اقتصادي صورتحال ۽ پنهنجي انڪم سپورٽ پروگرام بابت ڳالهائيندو رهيو پر سندس جنگي جنون ڇڪتاڻ طرف ڌڪي پيو. مودي شايد اليڪشن کٽي به پر ان ۾ سندس هارين لاءِ اصلاحات جو وڏو هٿ هوندو نه  ڪي پاڪستان لاءِ جنگي جنون وارو رويو.

ٻنهي ملڪن وٽ هٿيار آهن ۽ ٻئي ايٽمي ملڪ آهن. 1974 ۾ ڀارت ايٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ پاڪستان مئي 1998ع ۾. جيڪڏهن صورتحال بگڙجندي وڃي ٿي مڪمل جنگ ڇڙي ٿي پوي ته شايد صرف ٻن ملڪن لاءِ نه پر پوري خطي لاءِ تباهي ايندي. ڀلي نيو ڪليئر هٿيار استعمال نه ٿين پر جنگ هر ڪنهن کي بري طرح متاثر ڪندي آهي هن وقت تائين چين سميت ڪنهن به وڏي ملڪ ٽياڪڙي جي پيشڪش ناهي ڪئي. برطانيه ۽ ڪئناڊا سخت تشويش جو اظهار ڪيو آهي. چين به ايترو چيو آهي ته ٻئي ملڪ صبر کان ڪم وٺن. روس کي به پريشاني آهي پر ڪوبه پاڪستاني ۽ ڀارتي اڳواڻن سان روبرو ملي صورتحال کي نارمل ڪرڻ جي اڳڀرائي نٿو ڪري. او آءِ سي ۽ اقوام متحده سميت وڏا ادارا في الحال پاڻ کي مفاصلي تي رکيو ويٺا آهن. 27 فيبروري اڱاري واري ڏينهن آمريڪا جو صدر ٽرمپ اتر ڪوريائي اڳواڻ ڪم جونگ ان سان هنوئي ۾ ملاقات ۾ مصروف هو. هاڻ اها خبر نٿي پوي ته آمريڪا مضبوط ڪردار ادا ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي يا نه پر هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جو عوام امن سان عشق جو اظهار ڪندي اڳتي اچي ته جنگ نه ٿيندي. پاڪستان جي عوام ته پهرين ڏينهن کان امن جي خواهش ڪئي هاڻ بال انڊيا جي ڪورٽ ۾ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *