چوڌري نثار جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت وارين خبرن بابت پي ٽي آءِ ترجمان جي ترديد
تحريڪ انصاف جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چوڌري نثار جي پي ٽي آءِ جوائن ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي، جنهن بابت چوڌري نثار سان ڪابه ملاقات نه ٿي آهي ۽ نه ئي چوڌري نثار جي گهر ڏانهن وڃڻ جو ڪو ارادو آهي. ان بابت خبرن ۾ ڪابه سچائي ڪانهي. ترجمان چيو ته عمران خان ڪالهه سڄو ڏينهن راولپنڊي ۾ رڪنيت سازي مهم ۾ مصروف رهيو آهي، جنهن بعد هو پنهنجي گهر هليو ويو. وائيس چيئرمين به ملتان ۾ موجود آهي، ان سان به چوڌري نثار جي ملاقات نه ٿي آهي. پي ٽي آءِ جي ترجمان چيو ته جهانگير ترين به راولپنڊي ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. ان ڪري اهڙين بي بنياد خبرن کان پاسو ڪيو وڃي. واضح رهي ته اڳوڻي وزير داخلا ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف وچ ۾ اختلافن جون خبرون گرم آهن. جڏهن ته عمران خان به ڪيترائي ڀيرا چوڌري نثار کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيئي چڪو آهي.