نئون

تبديلي پسند پارٽي جو جلسو

ڪالهه آچر ڏينهن علي قاضي جي تبديلي پسند پارٽي کي لانچ ڪيو ويو ۽ هٽڙي باءِ پاس وٽ جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسي کي خطاب ڪندي علي قاضي چيو ته تبديلي صرف ووٽ جي طاقت سان ئي اچي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ هزارين ماڻهن جو تعداد هن جلسي ۾ ان ڳالهه جو اعلان آهي ته ماڻهو تبديلي چاهين ٿا ۽ ان نظام کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو هن صوبي ۾ سالن کان رائج آهي. هن چيو ته تبديلي پسند پارٽي سنڌ جي عوام جي لاءِ هڪ متبادل پارٽي آهي، جيڪا وڏيرڪي نظام جي خلاف وجود ۾ آئي آهي. هيءَ پارٽي اليڪشن ڪميشن پاڪستان ۾ رجسٽرڊ آهي. علي قاضي وڌيڪ چيو ته هن پارٽي ٺاهڻ جو مقصد سنڌ ۾ ڪرپشن جو خاتمو آهي. ڇو ته هن وقت ڪرپشن پوري ملڪ ۾ عام آهي پر سنڌ ۾ ڪرپشن انتهائي حد تائين وڌي چڪي آهي. هن وقت سنڌ جو 99 سيڪڙو عوام وڏيرڪي نظام کان بدظن ٿي چڪو آهي، جيڪي پئسي سان ووٽ خريد ڪرڻ جي روايتن تي عمل پيرا آهي. هن اعلان ڪيو ته ايندر اليڪشن ۾ سندس پارٽي جا اميدوار پوري سنڌ مان بيهاريا ويندا ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ تبديلي کي ڪوبه روڪي نه سگهندو.