بلاگ

 سائین جلال محمود شاه کيرون لهڻي

حال احوال

سائين جي ايم سيد جي وارث جلال محمود شاه سن ۾ يونيورسٽي جي لاء 300 ايڪڙ زمين وقف ڪري ،سائين جي ايم سيد جو خوبصورت خواب پورو ڪرڻ جو بنياد وڌو آهي.اسان  سندس اهڙي عمل کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ته سائين جلال محمود شاه نه رڳو ڪار خير طور هڪ اهڙو  ڪم پيو ڪري ،جيڪو ڪم اصل ۾ رياست جي ذميداري  آهي.اسان جلال محمود شاه کي انهي ڪري به سلام   پيش ٿا ڪيون جو جتي رياست حيدرآباد شهر ۾ هڪ اهڙي ڊان جي نالي تي يونيورسٽي جو اعلان ڪيو هو، اتي سائين پنهنجي ھڙان وڙان پنهنجي ذاتي زمين ڏئي هڪ اهڙي تاريخي ڪم ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي،جيڪو سندس حياتي يا سندس ايندڙ نسلن تائين سنڌ جي عوام تي هڪ  احسان رهندو.آء هميشه لکندو رهيو آهيان ته سنڌ مان سنڌي هندن جي لڏ پلاڻ کان پوء ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء اسان جي سرندي وارن سنڌي مسلمانن وٽ ڀلائي  جي ڪم ڪار ڪرڻ وارو مزاج ئي ڪون رهيو آهي،جنهن   ذريعي ضرورت مندن، جي   تعليم ، صحت، کاڌ خوراڪ ذريعي خدمت ڪري سگهجي،بلڪه پاڪستان   ٺهڻ کان پهريائين يا پوء سنڌي هندن يا مسلمانن جيڪي به   ڀلائي  جا ڪم ڪرايا اهي به سنڀالي ڪون سگهياسين.

تازو تلهار جي مير شاهد خان ٽالپر صاحب به ڪاليج لاء زمين ڏني آهي، جيڪو پڻ تعريفي عمل آهي ساڳي طرح سائين جلال محمود شاه جيڪو تاريخي ڪم ڪرڻ  ڪرڻ ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي،اهو نه رڳو ڀلائي  ۽ تعليمي خدمتن تحت سندس وڏو ڪارنامون آهي.پر انهن مڙني سنڌ جي سرندي وارن لاء   هڪ پيغام پڻ آهي ته  توهان مان، جيڪو به سرندي وارا آهن سي پنهنجي وس آهر پنهنجي علائقن ۾ کوڙ سارن طريقن سان غريبن ۽ ضرورت مندن جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ خدمت ڪري سگهو ٿا.اهو به ضروري ناهي ته ڪو  سرندي وارو رئيس يا وڏيرو پهريان اليڪشن کٽي ايوانن تاء پهچي پوء   عوام لاء کير جون نديون وهرائي ڇڏيندو ۽ عوام جي خدمت ۾ بس هر اها سهوليت مهيا ڪري ڏيندو جنهن جي عوام کي گهرج آهي ،پر عوام جي  خدمت ته جيتري عبداستار ايدهي بنان ڪنهن ايوان ۾ اچڻ ۽ اليڪشني سياست  ۾ اچڻ کان سواء ڪئي،اهڙي خدمت ۽ جذبي  تحت ڪوبه اليڪشني نمائندو به ڪون ٿو سجهي ،جنهن وٽ سرڪاري  بجيٽون هوندي به فراخدلي سان پنهنجي تر ۾ عوام جي سهوليت لاء رستا،اسپتالون ،پيئڻ جو پاڻي يا تعليمي ادارا قائم ڪرايا هجن،جيئن اسان جا هندو وس آهر ڌرم شالائون،جانورن جي پاڻي پيئڻ لاء هوديون، ويم گهر ،اسڪول ٺاهي نيڪي جو اهو ڪم پنهنجي هڙان وڙان ڪندا هئا. پر پوء انهن جي لڏپلاڻ کانپوء ڄڻ ته  انهن ڀلائي  جي نيڪ ڪمن کي بريڪ لڳي ويو، ٻيو ته ٺهيو پر سرڪاري طور هيڏيون ساريون بجيٽون هوندي به  سڄي سنڌ جو عوام رڙيون پيو ڪري ته سندن شهر ڄڻ   قبرستانن جو ڏيک پيا ڏين.موتمار گٽرن جا منهن کليا پيا آهن،ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آهن،اخبارن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي تلائن ۾ مئل ڪتن جون رپورٽون پيون اچن  رستا اجڙيل نظر پيا اچن،ٽائون ڪميٽيون پنهنجو ڪردارادا ڪون ٿيون ڪن،روڊس ۽ بلڊنگ  کاتي وارن جي ڪارڪردگي سڀني اڳيان سامهون آهي،اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ سهوليتون نه هجڻ  ۽ مريضن جون دانهون، ايريگيشن کاتي جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي.وڏا وڏا واھ شاخن جو ڏيک پيا ڏين،شاخون وري واٽر ڪورسن جو ڏيک پيون ڏين ۽ واٽر ڪورس ته ڄڻ  هئا ئي ڪون،نتيجي ۾ اهي ننڍڙا آبادگار جن جو گذر سفر ڏهن پندرهن ايڪڙن تي هوندو هو اهي سخت مالي  مشڪلاتن جو شڪار آهن.ايريگيشن بنگلا ڀڙڀانگ ٿي ويا،واهن ڪينالن تي بيٺل ٽالهين ،پپرن جا وڻ وڍجي ويا.

صحت ، تعليم ۽ ايريگيشن جآ سڄا نظام ڄڻ خودڪشي ڪري ويا ۽ انهي جي نتيجي ۾ مستحق عوام سخت  مشڪلاتن جو شڪار ٿي رهيو آهي،۽ اسان جي رياست کي جڏهن عدالتن طرفان حڪم ناما جاري ٿا ٿين ته ڪا ڦڙڦوٽ ٿيئي ٿي نه ته وري خاموشي.سو اهڙين حالتن  ۾ جڏهن رياست عوام تائين وسيلن هجڻ جي باوجود به ڪي سهنج پيدا نه ٿي ڪري سگهي، ته انهي کي گڊگورنس چوڻ ته پنهنجي جاء تي پر رياست جو ڪو ڪردار ئي ڏسڻ ۾ نه    اچي ته  اهو هڪ الميو آهي ،جنهن  جي ڪري عوام مٿان هر ڏينهن عذاب جيئن نازل ٿيئي ٿو.زراعت جو جيڪو حال ٿيو آهي سڀ ڪجھ اکين اڳيان آهي،انهي سڄي صورتحال ۾ جڏهن هر طرف  رياست پاران عوام لاء سهنج ته پنهنجي جاء تي عوام پاڻي لاء پريشان آهي،ڪمند جي آبادگارن سان جي  صنعتي حڪمرانن طرفان جٺون ٿين ها ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي ها، پر سنڌ ۾ ته 70 سيڪڙو کنڊ جا ڪارخانا ته زراعت پيشي طبقي جي ماڻهن جا آهن .جن ۾ ٿر شگر مل کان وٺي پنگريو شگر مل کان لاڙ جون تقريبن ملون رئيسن ۽ ڀوتارن جون آهن. جن جي حڪمراني هوندي به آبادگار ڪراچي جهڙي شهر ۾ پوليس هٿان موچڙا  کائيندا رهيا.اهڙي صورتحال ۾  رياستي ادارا عوام اڳيان جوابدار جي حيثيت ۾ آهن پر عوام کي انصاف جي ڪابه پڪ ناهي انهي ڪري صبر ڪيو سڀ مصيبتون پيا سهن.انهي سڄي صورتحال ۾ جتي رياست ۽ چونڊيل نمائيندن کان سنڌ جو عوام سخت مايوسي جو شڪار آهي، اتي سائين جلال محمود شاه طرفان سن ۾ تعليم جي لاء يونيورسٽي قائم ڪرائڻ ۽ پنهنجي ڪروڙن روپين جي زمين يونيورسٽي جي نالي ڪرڻ نه رڳو قابل تحسين عمل آهي پر ان جا ايندڙ وقت ۾ زبردست نتيجا سامهون ايندا،انهي ڪري سائين جلال محمود شاهه ان خير جي ڪم لاء نه رڳو جس لهڻي پر سنڌ جو عوام سندس اهڙي اعلان جي آجيان ڪري ٿو،سائين جلال  محمود شاه توڙي سيد گهراڻي جي سياسي شخصيت  پڻ آهي ۽ سنڌ جي جهموري حقن لاء جاکوڙ به قابل ستائش رهي آهي، پر ڪنهن به وڏي اداري جو قيام نه رڳو سندس سماجي قد کي مٿاهون ٿو ڪري ،پر انهي   عمل سان هن نه رڳو سنڌ دوستي جو وڏو ثبوت ڏنو آهي پر سنڌ جي تعليم جي سلسلي ۾ پڻ هڪ انقلابي  قدم آهي،جنهن جي مڃتا سائين جلال محمود شاهه کي  ملڻ گهرجي،اسان نه رڳو سائين جلال محمود شاهه جي انهي عمل جي آجيان ڪيون ٿا، پر سنڌ جي سرندي وارن  مان اها اميد به رکون ٿا ته هو اقتداري ايوانن ۾ ويهي  سنڌ جي عوام سان ٽوپي ڊرامون ڪري ووٽ وٺي وري پنجن سالن تائين غائب ٿيڻ بجاء ،سنڌ جي عوام جي هن طرح به خدمت ڪري سگهن  ٿا،جنهن جو مثال سائين جلال محمود شاه صاحب جن قائم ڪيو آهي.

اميد ٿي ڪجي ته ان راهه تي ٻيا به پنهنجو قدم رکندا ۽ سنڌ جي عوام کي فلاح ۽ بهبود جي ڪمن ذريعي مفلسي ۽ جهالت جي حالت مان ڇوٽڪارو ڏياريندا.

 

خالد پرويز

 

 

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي  ۾  ليفٽ جي  شاگرد  سياست  ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر  به  رهيو  آهي، سنڌي  ڪالمن  کانسواءِ اردو  جا بلاگ  پڻ  لکندو  آھي. سندس  لکڻ جو  محور، اقليتون، عورتون  ۽ ٻار  آهن. پاڻ  حيدرآباد ۾  رهندا آهن.