بلاگنئون

پي ڊي ايم جي نئين حڪومت ڪمزور هوندي

سياست هاڻي رڳو مفروضن تي وڃي بيٺي آهي، ماڻهن ۾ پريشاني هاڻي اها ناهي ته ڪير ويهندو، پر جيڪو به ويهي اهو بس حڪومت هلائي ۽ ماڻهن جي مسئلن جو حل ڪڍي ۽ ماڻهن کي مشڪلاتن مان ٻاهر ڪڍي ان ڪري ته نگران حڪومت جنهن طريقي سان حڪومت ڪري وئي، جنهن طريقي سان پيٽرول جون قيمتون گھٽائي وئي ان طريقي سان شايد هنن کي به ڪا ڳالھه سمجھه ۾ اچي ان ڪري ته هنن جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي سڀ شل ساڀ پون، ان ڪري ته سياستدانن جا واعدا ۽ شاديءَ کان اڳ ڪيل واعدا هڪجھڙا هوندا آهن. اسٽيبلشمينٽ کي تڪڙ ناهي، پر اها تڪڙ ضرور آهي ته 29 فيبروريءَ کان اڳ اهي سڀ پارٽيون سڀ معاملا طئي ڪري سيٽون، وزارتون ۽ بجيٽون ورهائي ونڊي شيون ممڪن ڪري سگهن. هاڻي ڀلي نوازشريف وزيراعظم نه ٿئي، شهبازشريف کي وزيراعظم بڻائين، بلاول وزير خارجه ٿئي يا آصف علي زرداري صدر ٿئي، ڪي پي جي حڪومت پي ٽي آءِ کي ملي، پنجاب ۾ نون ليگ اڪثريت سان حڪومت جوڙي وڃي ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي حڪومت جوڙي، پر ايم ڪيو ايم کي ايڪٽو ڪري هڪ نه کٽندڙ رنڊڪ ضرور وڌي آهي، جيڪا شيون خراب ڪندي ۽ شهر ۾ بي چيني وڌي ويندي. اها به مهرباني حافظ صاحب جي جنهن کي ايم ڪيو ايم وارا پاڻ من ۽ عن مڃن ٿا، ايم ڪيو ايم وارن ته شهر ۾ “شڪريه حافظ صاحب” جا بينر به هڻي ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم وارا ته سواءِ انهن عسڪري ادارن جي غيبي مدد جي ڪنهن کي دم نه هو ته ايم ڪيو ايم اليڪشن کٽرائي سگهن يا بلوچستان ۾ به هيل پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ گڏ حڪومت جوڙينديون، باقي رهيو ڪي پي ان ۾ پي ٽي آءِ کي ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان ڪوليشن ڪرڻو پوندو، اهي سڀ حڪومتون جڙي به وڃن، پر ڏکيائي اها به آهي ته آزاد اميدوارن کي اسپيشل سيٽون ناهن ملنديون، ان ڪري پي ٽي آءِ کي ڪنهن مرڪز جي پارٽيءَ سان صلح نامو ڪرڻو پوندو. مذهبي گروهن سان صلح ناما ڪري پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار پنهنجي دال نه ڳاري سگهندا يا ائين ڪرڻ سان اهي پي ٽي آءِ وارا اسٽيبلشمينٽ سان اڃا به ٽڪر ۾ ايندا جيڪا شيءِ رياست ۽ ملڪي روايتي سياست جي صحت لاءِ صحيح ناهي. ان ڪري پي پي سان ملن يا نوازشريف سان ملن يا اهي آزاد اميدوار پنهنجا اگهھ مقرر ڪري ڪنهن جا به ٿي وڃن، پر آزاد حيثيت ۾ هي اپوزيشن ۾ نه ويهي سگهندا.
هيل ماڻهن سردين جي باوجود به، انٽرنيٽ جي سهولت نه هجڻ جي ڪري ۽ سيليولر فونن جي نيٽ ورڪ جي نااهلي جي ڪري به ووٽ وجهي ڏيکاريو، پر عوام کي انهن جي اهڙي حق کان پري رکيو يا عوام جنهن نيت سان ووٽ ڪيو انهن کي ان ووٽ جي هڙ حاصل نه ٿي سگهي، پر ابتڙ اهو ووٽ خلائي مخلوق جي نظر ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب 12 ڪروڙ ووٽرن مان رڳو 5 ڪروڙ ماڻهو ٻاهر نڪري سگهيا، پر نوازشريف جي اها دعويٰ ته ڌوڙ ٿي وئي ته هو ڪنهن سان گڏجي حڪومت نه ٺاهيندو، پر مالڪن جي دٻاءَ تي هو ان ڳالھه تي راضي ٿي ويو ته نون ليگ هاڻي ڪنهن به پارٽيءَ سان (سواءِ پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن جي) حڪومت ٺاهيندي، جيڪا ايتري ته ڪمزور هوندي جو حڪومت ٺهي به ته اها 10 مهينا به نه هلندي ۽ ڊهي پٽ پئجي ويندي، ان ڪري عدم اعتماد جو ووٽ جيڪو سال جي اندر اندر ئي وٺڻو هوندو آهي ٿي سگهي ٿو ته تيستائين پي ٽي آءِ جي پارٽيءَ اندر انٽرا پارٽي اليڪشن ممڪن ٿئي ۽ اهي وري ادلي جو بدلو وٺي سگهن. ڇو ته لوڪل ۽ انٽرنيشنل ايجنسيون اسان جهڙي ملڪ جي معاملي ۾ ايتريون ته سرگرم آهن جو حيرت وٺندي آهي ته هيومن رائيٽس وارا به ايڪٽو آهن، ته يورپي يونين وارن جي به ننڊ ڦٽل آهي، ته آمريڪي ايجسنيون به ان ڳالھه ۾ ويٺيون پيون سوچين ته هاڻي ڪرڻو ڇاهي؟ ان ڪري ته 2016 ۾ ڪراچيءَ جو آپريشن ڪرائي شهر جي طاقت ٽوڙي ڇڏي هين ته جيئن شهر کي ڪير هڪ طاقت ڪنٽرول نه ڪري سگهي ۽ سي پيڪ جي پروجيڪٽس کي ڪو نقصان نه پڄي، پر هاڻي وري ساڳو شهر انهن ئي انڊرورلڊ جي باشندن کي ڏئي ڇڏيو اٿن ته جيئن وڻين تيئن ڪيو، ڳالھه سمجھه کان مٿي آهي ته هاڻي ٿيڻو ڇاهي؟ هيل تائين اسٽيبلشمينٽ، عسڪري ادارا ۽ بيروني ايجنسيون هن ڳالھه جون دعويدار رهيون آهن ته اهي هاڻي سياست ۾ مداخلت نه ڪنديون، پر هيل وري لڳي ٿو جنهن انٽريسٽ ۽ چاھه سان انهن سڀني اسان وٽ اليڪشني ڊرامو ڏٺو هو، تنهن تحت اهي ڪجھه ڪرڻ واري موڊ ۾ ضرور آهن، پوءِ مستقبل ۾ جيڪو ٿيو اهو هن ملڪ جي ۽ غريب عوام جي حق ۾ نه هوندو يا جي حساب ڪتاب ڪجي ته هاڻوڪن ۽ ماضيءَ عسڪري ادارن جي سربراهن ۽ ڊڪٽيٽرن ۾ ڪهڙو فرق هوندو؟
ائين به ناهي ته اليڪشن وري ٿيندي، پر اندروني ۽ بيروني پريشر وڌي ويندا جنهن ۾ ڪجھه به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري ته عمران خان جي سرڪار جو حشر ماڻهن ڏٺو ته ڪيئن دادلو در در پريشان رهيو، پر حڪومت پوءِ به هلي ويس ۽ نه هلائي سگهيو. ساڳي ڳالھه هن ڀيري ڪنهن به حڪومت سان لاڳاپي سگهجي ٿي ته اها هڪ ته مخلوط ۽ تمام گهڻي عارضي حڪومت هوندي ۽ ٻيو ته جيتري به ڪوشش ڪن اهي مضبوط سيٽ اپ نه آڻي سگهندا. ان ڪري ته مخالفت ۾ ڪير ڪيترو به سپورٽ ڪرين، پر جڏهن آرمي چيف جو مدو پورو ٿيندو، چيف جسٽس به ويندو ۽ مٿان سينيٽ جون چونڊون اينديون ته اپوزيشن ۾ ويٺل جماعتون پوءِ خاموش نه ويهنديون اهي ڪا نه ڪا شاطرگيري ضرور ڪنديون، روڊ ڀريو تحريڪون هلنديون. پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن جي جيت تي حيراني ناهي نه ئي پي ٽي آءِ جي واڙيل اڳواڻ جي مٿان، پر حيرت اها به آهي ته عمران خان جي شروع ۾ عوامي سياست صحيح ڪري هلي هان، هو جي اندروني ۽ بيروني پريشر سمجهي ۽ برداشت ڪري هلي هان ته ماڻهو سڀ هن جي پويان هجن هان، پر هاڻي مثال طور جي 100 مان اڌ آزاد پي ٽي آءِ ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽيءَ کي جوائن ڪن به ته انهن تي پابندي ته نه هوندي، اهي ڪري سگهن ٿا ان ڪري جو انهن جي پارٽي وفاداري تبديل ڪرڻ ۾ ڪا قباحت ناهي، اهي ڪري سگهن ٿا. اها ڳالھه به مڃڻ جهڙي آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف هڪ اتحادي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي بلوچستان جي 51 رڪني اسيمبلي جي 44 سيٽن تان نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪا به پارٽي واضح فاتح طور سامهون ناهي آئي، پاڪستان پيپلز پارٽي 11 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن، ان کانپوءِ پي ايم ايل اين تي ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن پنج سيٽون کٽيون آهن. مجموعي طور تي مختلف پارٽين مان هر هڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيٽ کٽي ورتي آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ کي ٿلهي ليکي برتري حاصل آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل اميدوارن سميت آزاد اميدوارن 126 سيٽون حاصل ڪيون آهن. 296 رڪني اسيمبليءَ جي هڪ سيٽ کانسواءِ سڀني جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ اتي 10 سيٽون آهن.
آمريڪي جاسوسي ادارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ اتحادي حڪومت ڪيترن ئي چيلينجز ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تيار رهي. جنهن ۾ سڀ کان اهم ترين آهي ته اتحادي نئين حڪومت کي آءِ ايم ايف جي ايندڙ بيل آئوٽ پروگرام جون تياريون ۽ انتظام ڪرڻو پوندو جيڪو ٽن هفتن جي تاخير جو شڪار ٿي ويو آهي. واشنگٽن ڊي سي ۾ مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ آف آمريڪا (جيڪو هڪ ئي وقت افغانستان ۽ پاڪستان ۾ متحرڪ آهي) ان جو چوڻ آهي ته هاڻوڪو اتحادي سيٽ اپ شايد گهڻو غيرمستحڪم ۽ انتهائي ڪمزور هوندو. آمريڪي سياستدانن چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ جو به مطالبو ڪيو آهي. آمريڪي ڪانگريس جي هڪ ميمبر “الهان عمر” هڪ ٽوئيٽ به ڪيو آهي ته اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ نتيجن کي تسليم ڪرڻ کان پاسو ڪري جيستائين قابل اعتبار نه هجن، ان ڪري بدانتظامي جي ڪيترن ئي الزامن جي آزاد جانچ نه ڪئي وڃي. ڪانگريس جي هڪ نمائندي “سوسن وائلڊ” به چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري پاڪستان جي عوام سان گڏ بيهي ۽ انهن جي دردن جو درمان ڳولهي لهي ته عوام ڇا ٿو چاهي.