بلاگنئون

چونڊن کانپوءِ ٺهندڙ حڪومت

چونڊن کانپوءِ نئين حڪومت جا نقش و نگار واضح ٿي رهيا آهن. جيئن ته 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن جا نتيجا مڪمل ٿي چڪا آهن. چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل اميدوارن جو هڪ وڏو تعداد ڪامياب ٿيو آهي. انهيءَ سان گڏ پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي به اليڪشن ۾ سٺي ڪاميابي ماڻي آهي. واضح ٿي ويو ته پاڪستان مسلم ليگ نواز، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ مرڪز ۾ گڏجي حڪومت ٺاهيندا، ننڍيون پارٽيون پڻ انهن سان گڏ هونديون.
پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه صوبي ۾ واضح اڪثريت سان موجود آهي ۽ اهو صاف آهي ته اتي جي صوبائي حڪومت پي ٽي آئي ئي ٺاهيندي ۽ انهي صوبي جي وزيراعليٰ جو نالو به ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. علي امين گنڊاپور کي وزيراعليٰ نامزد ڪيو ويو آهي. پنجاب صوبي جي هڪ نئين تاريخ رقم ٿيڻ وڃي رهي آهي جتي مسلم ليگ نون مريم نواز شريف کي وزيراعليٰ نامزد ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي وزيراعليٰ سنڌ جي نالي کي اڃا ظاهر نه ڪيو آهي. بلوچستان صوبي ۾ جيئن ته اتحادي حڪومت ٺهندي، ڏسون ته صوبي جي وزارت اعليٰ ڪنهن جي حصي ۾ ٿي اچي. جيڪا صورتحال سڌسماءَ جي ذريعن مطابق هيستائين ظاهر ٿي آهي، ائين لڳي ٿو ته گڏيل اتحادين جي مرڪز ۾ حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون سولائي سان ٺهي وينديون. سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ چونڊن کان پهرين ۽ چونڊن کانپوءِ اها ڳالهه به عام طرح چئي پئي وئي ته نوجوان قيادت کي موقعو ڏنو وڃي ته اهي ملڪ هلائن، پر ائين ٿي نه سگهيو ۽ ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر پي ڊي ايم 2 جي حڪومت ٺهڻ وڃي رهي آهي، جنهن جو وزيراعظم به ساڳيو ئي هوندو يعني ميان شهباز شريف ڏسڻو اهو آهي ته بلاول ڀٽو ان جي ڪابينا ۾ شامل هوندو يا نه، امڪان ته آهن ته بلاول ڀٽو زرداري ساڳي وزارت يعني وزير خارجه جو قلمدان سنڀاليندو.
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تشڪيل کانپوءِ ڳالهه اها آهي ته مرڪزي حڪومت ۽ چئني صوبائي حڪومتن کي پاڪستان جي تاريخ جا سڀني کان وڏا چئلينجز درپيش هوندا. سڀني کان وڏو چئلينج ملڪ جي سرحدن تي درپيش آهي، جتان ويڙهاڪ ۽ دهشتگرد پاڪستان ۾ مسئلا پيدا ڪندا رهيا آهن. گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ دهشتگردي جي واقعن تي نظر وجهبي ته اهو واضح ٿي ويندو، ان سان گڏ ٻيو وڏو مسئلو پاڪستان کي معاشي چئلينجز کي به منهن ڏيڻو آهي ۽ بين الاقوامي قرض ۽ انهن جون قسطون ادا ڪرڻيون آهن. معاشي چئلينجز جو وڏو ثبوت مهانگائي جي رڪارڊ سطح ۽ سست معاشي سرگرميون آهن، جنهن جي ڪري بيروزگاري جي شرح بلند ٿي رهي آهي. ان نازڪ معاشي منظرنامي ۾ اسان کي مضبوط وفاقي حڪومت گهرجي ها، پر ائين ٿي نه سگهيو، مخلوط حڪومت ڪڏهن به مضبوط نه هوندي آهي، ان ڪري اسين مرڪز م ڪمزور حڪومت ڏسي رهيا آهيون. البته صوبن ۾ ٺهندڙ صوبائي حڪومتون ضرور مضبوط هونديون.
اسين اميد ٿا ڪريون ته نئين ٺهندڙ حڪومت جيڪا پي ڊي ايم 2 چئي ٿي وڃي اها ملڪ کي بهتر طرف وٺي ويندي، هو پي ڊي ايم 1 وارين سڀني غلطين ۽ نقصانن جو ازالو ڪندي، پي ڊي ايم 1 جي دور حڪومت ۾ عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندو رهيو، سوني تي سهاڳو نگران حڪومت ڪيو ۽ هاڻي چيو ٿو وڃي ته پاڪستان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، يقينن اهي مشڪل فيصلا عوام جي مٿان هڪ ٻيو پهاڙ ڪيرائيندا، جيئن عوام وٽ هاڻي مهانگائي جي سٽ سهڻ جي ڪابه گنجائش نه رهي آهي، اميد بهتري جي ڪجي ٿي، پر بهتري نظر نه ٿي اچي.