بلاگنئون

ايل.جِي.بِي.ٽِي.ڪِيُو.آءِ.اي+ (LGBTQIA+) ماڻهو

انسانيت ۽ انسان-پسنديت (Humanism) جو بنيادي اصول اهو آهي ته هر انسان کي بنا ڪنهن فرق جي عزت ۽ احترام ملڻ گهرجي ۽ برابر حق حاصل هئڻ گهرجن. انسان-پسنديت نظريو هر انسان جي انفراديت، جذبن ۽ وقار کي هڪ جيتري اهميت ۽ حيثيت ڏيندڙ نظريو آهي. هڪ سٺي سماج لاءِ ضروري آهي ته اهو هر انسان کي برابريءَ جي نظر سان ڏسي، سندس سڃاڻپ، جذبن، احساسن ۽ محبت کي عزت ڏئي. دنيا جي مختلف خِطن، علائقن ۽ ملڪن ۾ وسندڙ انسانن جي سڃاڻپ ۽ محبت جا اظهار مختلف آهن ۽ انسان-پسند (Humanist) سوچ اسان کي سيکاري ٿي ته اسان انهن فرقن ۽ اختلافن کي دل سان قبول ڪريون. انسانن جا انفرادي اختلافَ (Individual Differences) انيڪ آهن؛ اسان جو رنگ، نسل، مذهب ۽ ٻولي انهن سوين، بلڪه ان کان وڌيڪ، اختلافن مان فقط چند مشهور اختلاف آهن. هن ڌرتيءَ تي اڄ اٺ ارب ماڻهو رهن ٿا؛ آڱرين جي نشانن (Finger Prints) جيان ڪيترن ئي لحاظن کان اهي هڪ ٻئي کان مختلف آهن. اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته ڪي به ٻه انسان هر لحاظ کان بلڪل هڪ جهڙا هجن، اهو گهٽ ۾ گهٽ هن وقت ته ناممڪن آهي. هتي اسان روايتي مخالف جنس ڏانهن جنسي لاڙا رکندڙن (Heterosexual) بدران ساڳئي جنس ڏانهن جنسي لاڙو رکندڙن (Homosexual) ۽ حياتياتي طور مختلف جنس رکندڙن بابت درجي بندي يعني ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-آئي-اَي+(LGBTQIA+) ماڻهن بابت بنيادي سائنسي معلومات ڏينداسين ۽ انهن سان اسان عام (مردن يا عورتن) ماڻهن طرفان تفريق، تحقير ۽ غير انساني روين بابت اپٽار ڪنداسين.

روايتي مرد عورت جي جنس درجي بندي (ڊائڊڪ): هن درجي بندي ۾ روايتي يا عام مرد ۽ عورت اچي وڃن ٿا. ياد رهي ته اسان عام انسانن جي جسم جي جنسي جيوگهرڙن کي ڇڏي باقي هر هڪ جيوگهرڙي (Cell) جي مرڪز (Nucleus) ۾ 46 ڪروموسومز، 23 جوڙن جي صورت ۾، موجود هوندا آهن، جن مان 22 جوڙا ساڳِئي شڪل وارا Homologous XX وانگر هوندا آهن، جڏهن ته آخري 23 هون جوڙو يا ته ٿورو مَٽيل شڪل يعني XY جي شڪل (روايتي مرد) جو هوندو يا وري اهو به XX وانگر ساڳئي شڪل (روايتي عورت) جو هوندو آهي. ڪروموسومز جي 23 هين جوڙي جي شڪل ئي مرد ۽ عورت جي جنس جو تعين ڪري ٿي.

روايتي مرد: هنن ۾XY  ڪروموسوم، خصيا، عضوِ تناسل ۽ مرداڻا هارمون هوندا آهن.

روايتي عورت: هنن ۾XX  ڪروموسوم، فرج، ٻچيداني ۽ عورتاڻا هارمون هوندا آهن.

ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-آئي-اَي+(LGBTQA+) جو مطلب ڇا آهي؟

ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-آئي-اي+(LGBTQA+)هڪ ڇَٽِيءَ مثل اصطلاح آهي، جيڪو ليسبين (Lesbian)، گي (Gay)، باءِ سيڪشوئل (Bisexual)، ٽرانسجينڊر (Transgender)، ڪُئِير (Queer)، اِنٽر سيڪس (Intersex)، اي-سيڪشوئل (Asexual) ۽ + يعني جنسي ۽ صِنفي سڃاڻپ جي مٿين گروهن ۾ پوري طرح نه سمائجندڙ ماڻهن جي قسمن جو انگريزي لفظي اختصار آهي. اچو ته هر هڪ قسم جي وصف کي نظر مان ڪڍون:

ليسبين (Lesbian): اهڙيون عورتون آهن جيڪي ٻين عورتن ڏانهن جذباتي ۽ جنسي لاڙو رکن ٿيون.

گي (Gay): اڪثر طور تي اهڙا مرد آهن جيڪي ٻين مردن ڏانهن جنسي لاڙو رکن ٿا، پر هي اصطلاح عام طور تي ساڳي جنس ڏانهن لاڙي لاءِ به استعمال ٿئي ٿو.

بائيسيڪسيول (Bisexual): اهڙا ماڻهو جيڪي ٻنهي جنسن (عورت ۽ مرد) ڏانهن جنسي لاڙو رکن ٿا.

ٽرانسجئنڊر(Transgender) : اهڙا ماڻهو جن جي صنفي سڃاڻپ سندن ڄمڻ وقت وارِي جنس کان مختلف هجي.

ڪُئِير (Queer): هڪ ڇٽي مثل اصطلاح آهي. هن ۾ اهي ماڻهو شامل آهن، جيڪي روايتي صنفي يا جنسي سڃاڻپ سان پاڻ کي نٿا ملائين. مطلب ته اهي ماڻهو پنهنجي جنسي سڃاڻپ بابت سوال ڪندڙ آهن ۽ پنهنجي پنهنجي جنسي رجحان يا صنفي سڃاڻپ بابت تلاش يا شڪ ۾ رهندا آهن.

انٽرسيڪس (Intersex): اهڙا ماڻهو جن وٽ اهڙيون جسماني خاصيتون هونديون آهن (جهڙوڪ: ڪروموسوم، عضوا، هارمون وغيره) جيڪي انهن کي عام مرد يا عورت جي وصف سان نٿيون ٺهڪڻ ڏين.

ايسيڪشوئل(Asexual) : اهڙا ماڻهو جيڪي اڪثر ڪري جنسي رغبت محسوس نٿا ڪن. هنن ۾ اي رومينٽڪ (Aromantic) پڻ شامل آهن؛ هي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي رومانوي (محبتي يا جذباتي) رجحان نٿا رکن.

“+” جو مطلب: هن قسم ۾ اهي سڀ سڃاڻپون شامل آهن، جيڪي مٿين قسمن ۾ نه اچي سگهيون آهن، جيئن: پين-سيڪشوئل، جينڊر فلوئڊ، نان بائنري، ڊيمي سيڪشوئل، وغيره. هي علامت سماج جي اندر موجود صنفي سڃاڻپ جي مسلسل واڌاري ۽ قبوليت کي ظاهر ڪري ٿي.

مٿئِين درجي بندي ۾ شامل سڀني ماڻهن سان معاشرو يعني اسان توهان (عام مردَ يا عورتون) عام ۽ عزت ڀريو رويو نه رکندا آهيون. انهن سان اسان جو رويو طنزيه ۽ غير انساني هوندو آهي، جنهن ڪري اهي سماجي ناانصافي، اڻبرابري ۽ بي حسي جي ڪري احساسِ ڪمتري ۽ مايوسي جو شڪار بڻجي ويندا آهن. هنن ۾ ٽرانسجينڊر، انٽر سيڪس ۽ اي-سيڪشوئل کان علاوه باقي سڀني درجن وارا ماڻهو جنسي طور عام مردن يا عورتن جا جسماني عضوا ۽ جنسي ڪارڪردگي رکندڙ آهن، پر سندن جنسي لاڙا عام سڌن (Straight) ماڻهن کان مختلف هوندا آهن. هاڻي اچو ته ٽرانسجينڊر ۽ انٽر-سيڪس درجي بندين اندر فرق ۽ اختلاف جي بنياد تي سندن ثانوي درجي بندين کي نظر مان ڪڍون.

ٽرانسجينڊر يا ٽئين جنس وارا ماڻهو (Transgender): ٽرانسجينڊر چاهي ڪهڙي به قسم جو هجي اڪثر ڪري ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نه رکندو آهي، جيتوڻيڪ اهي جنسي عمل ۽ ڪارڪردگي ڪري سگهندڙ هوندا آهن ۽ ڪندا آهن. ٽرانسجينڊر يا ٽئين جنس وارن ماڻهن کي صنفي سڃاڻ (Gender Identity) ۽ جنسي تبديلي (Transition Status) جي لحاظ کان مختلف قسمن ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي.

صنفي سڃاڻ (Gender Identity) جي بنياد تي انهن کي ٽرانسجينڊر عورتن (Transgender Women)، ٽرانسجينڊر مردن (Transgender Men) ۽ نان-بائنري/ڪُئِير يا ٻئِي جنسون رکندڙن (Non-Binary/Queer) ۾ ورهايو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ ٽئين جنس رکندڙ (فقيرَ) عورتن مان، مردن مان ۽ ٻئي جنسون رکندڙ ٿي سگهن ٿا ۽ هوندا آهن. ياد رهي ته هن قسم ۾ شامل ٽرانسجينڊر قدرتي يا فطري طور تي ڄائي ڄم کان جينياتي ڪوتاھي جي ڪري مٿين قسمن ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ سڄي حياتي انهيءَ شناخت اندر رهندا آهن.

جنسي تبديلي (Transitions Status) جي بنياد تي ٽرانسجينڊر جي جنسي شناخت ڄمڻ وقت هڪڙي ته بعد ۾ ٻِي بڻجي ويندي آهي. جنس جي اها تبديلي ٽن قسمن يا اثرن هيٺ ٿيندي آهي يا ڪئي ويندي آهي. پهرئين تبديلي “سماجي تبديلي” (Social Transition) آهي، جيڪا هڪ ٽرانسجينڊر پنهنجي ارادي ۽ رضا خوشيءَ سان ڪندو آهي (جهڙوڪ پنهنجي لاءِ ڳالهائجندڙ اسمن، ضميرن يا فعلن جي صنفي سڃاڻ ذريعي ڪندو/ڪندي آهي: آءٌ وڃان ٿي؛ هاڻي سالار توهان کان اجازت وٺي ٿو وغيره). ٻئين تبديلي “طبي تبديلي” (Medical Transition) آهي، جنهن ۾ هڪ ٽرانسجينڊر جي والدين يا سندس ذاتي خواهش تحت هارموني-علاج يا ميڊيڪل سرجري/آپريشن وسيلي جنس تبديل ڪئي ويندي آهي؛ هن علاج/آپريشن وسيلي جنسي عضون، ڇاتيءَ ۾ گهربل تبديلي ۽ وارن جي گهربل حالت (جسم جي حصن تي وار هجن يا نه هجن) کي يقيني بڻايو ويندو آهي. آخر ۾ قانوني تبديلي (Legal Transition) وسيلي پڻ هڪ ٽرانسجينڊر کي ترجيحي خواهش تحت، بغير ڪنهن هارموني علاج يا سرجريءَ جي،سندس سڃاڻپ جي ڪاغذن جهڙوڪ قومي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ تعليمي سَنَدَن وغيره ۾ نالي ۽ جنس جي تبديلي ڪئي ويندي آهي.

انٽر-سيڪس (Intersex) جي  بنياد تي انسانن جي درجي بندي: انٽرسيڪشوئل هڪ ڇٽي مثل اصطلاح (umbrella term) آهي، جيڪو اهڙي حياتياتي حالت جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن ۾ انسان جي جسماني جنس جا حياتياتي معيار، جهڙوڪ: ڪروموسوم، جنسي عضوا، هارمون وغيره، روايتي مرد يا عورت جي تعريفن ۾ پوري طرح نٿا اچن. هيءَ درجي بندي خاص طور تي حياتياتي ۽ طبي ڄاڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هن ۾ ڪيترن ئي مختلف قسمن جا ماڻهو اچي وڃن ٿا. اچو ته هرهڪ جي باري ۾ بنيادي معلومات وٺون:

اينڊروجن هارمون جي غير حساسيت جو مسئلوAndrogen Insensitivity Syndrome (AIS) :

هن طبي ۽ جينياتي بيماري جي حامل ماڻهن ۾ ڪروموسوم ته مرداڻي جنس وارا XY  موجود هوندا آهن، پر سندن جسم مردانه هارمونس جو اثر قبول نٿو ڪري. نتيجي ۾ انهن جي ظاهري شبيهه عورتن جيان ٿي سگهي ٿي، پر انهن جي جسم۾ نه فرج ۽ نه وري ٻچيداني ئي هوندي آهي.

ڪنجينائيٽل/موروثي ايڊرنل هائيپر پلاسيا Congenital Adrenal Hyperplasia  CAH  : هن موروثي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن ۾ ڪروموسوم ته عورتاڻي جنس وارا XX موجود هوندا آهن، پر سندن جسم ۾ مرداڻا هارمون وڌيل هجڻ ڪري انهن ۾ مرداڻا جنسي عضوا جهڙوڪ عضو تناسل ۽ خصيا موجود ٿي سگهن ٿا.

5-الفا-رڊڪٽيز ڊيفِيشنسي 5-Alpha-Reductase Deficiency: هن جينياتي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن ۾ ڪروموسوم ته مرداڻي جنس وارا XY هوندا آهن، پر سندن جسم مرداڻي هارمون “ٽيسٽوسٽيرون” کي متحرڪ ڪرڻ ۾ ناڪام رهندو آهي، ان ڪري اهي ڄمڻ وقت عورتن جي شبيهه رکندڙ هوندا آهن، پر جوانيءَ ۾ انهن ۾ مرداڻيون خاصيتون ۽ عضوا ظاهر ٿي سگهن ٿا.

ڪلائِينِي-فيلٽر سنڊروم Klinefelter Syndrome XXY: هن جينياتي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو مرداڻي جنس XY جا ڪروموسوم رکندڙ هوندا آهن، پر سندن جسم ۾ هڪ X ڪروموسوم وڌيڪ هوندو اهي، ان ڪري سندن مرداڻي هارمون “ٽيسٽوسٽيرون” جي افزائش گهٽ ٿيندي آهي، نتيجي ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ ٿي سگهي ٿي. ٻين لفظن ۾ انهن ۾ سنڍ هجڻ جو وڌيڪ امڪان هوندو آهي.

ٽرنر سنڊروم Turner Syndrome XO: هن جينياتي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو عورتاڻي جنس رکندڙ هوندا آهن، پر سندن جسم ۾ هڪ X ڪروموسوم گهٽ هوندو آهي. ان ڪري انهن جو قد تمام گهٽ، ٻچيداني ۽ فرج گهٽ نشونما پاتل هوندا آهن، نتيجي ۾ اهي عورتون اڪثر ڪري سُنڍ هونديون آهن.

اوو-ٽيسٽِيڪِيُولر ڊِي-ايس-ڊِي Ovotesticular DSD  (ٻِٽِي جنس وارا): هن جينياتي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو تمام گهٽ ۽ ناياب آهن. اهي هڪ ئي وقت ٻِٽِي جنس رکندڙ هوندا آهن، يعني انهن ۾ هڪ ئي وقت عورتاڻو فرج ۽ مرداڻو عضو تناسل ۽ خصيا موجود هوندا آهن.

اهي سڀئي ماڻهو هڪ انسان جي حيثيت سان مڪمل حقدار آهن ته انهن کي عزت، قبوليت، ۽ محبت ملي.دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڄ به ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-آئي-اَي+ماڻهن سان نفرت، تعصب، تشدد وارا رويا ۽ سماجي بائيڪاٽ عام ڳالهه بڻيل آهي. 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ هم جنس پرستي قانوني ڏوھ آهي، انهن مان ڪجهه ۾ ته موت جي سزا به ڏني وڃي ٿي. اسڪولن، ڪاليجن، آفيسن، ۽ گهرن ۾ انهن کي بي عزتي، طعنن، ۽ ڌڪاريو وڃڻ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ميڊيا ۽ سياسي حلقا ڪيترن ئي ملڪن ۾ ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ماڻهن کي ”اخلاقي خطرو“ سڏين ٿا.  اسان جي انهن غير انساني روين ۽ سُلوڪن جي ڪري اهي ماڻهو ڊپريشن، ذهني پريشاني ۽ خودڪشيءَ جهڙن خطرن جو به شڪار ٿين ٿا.

پاڪستان ۾ ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ماڻهن لاءِ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. جيتوڻيڪ 2018ع ۾ ٽرانسجينڊر پرسنز (تحفظ حقوق) ايڪٽ منظور ٿيو آهي، پر عملي زندگيءَ ۾ حالتون بلڪل ابتڙ ۽ ابتر آهن. جيتوڻيڪ کين شناختي ڪارڊ ۽ نوڪرين ۾ مخصوص ڪوٽا پڻ قانوني طور مليل آهي، پر حقيقتون بلڪل ٻيون آهن ۽ معاشرو انهن کي تفريق ۽ تحريق جو نشانو بڻائيندو رهي ٿو. معاشرو انهن ماڻهن کي “ناپاڪ”، “نامرد” يا “فطرت جي ابتڙ” جهڙا لفظ چئي ڌڪاري ٿو. “کُسرَو“، “کدڙو”، “هيجڙو”، “ٽئين جنس”، “نامرد” ۽ “فقير” جهڙا توهين آميز لفظ انهن ماڻهن لاءِ عام استعمال ٿين ٿا. ڪيترن ئي مذهبي حلقن مطابق، ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ماڻهو اسلام جي خلاف آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي اسلامي عالمن مطابق، دين ۾ اهڙي نفرت لاءِ ڪا جاءِ نه آهي. سياسي ۽ مذهبي تقريرن ۾ اڪثر انهن کي “مغربي ايجنڊا” سڏيو وڃي ٿو،  جنهن سان سندن انساني حقن جي ڳالهه به رد ڪئي وڃي ٿي.

ڳالهه جو ڳر اهو آهي ته دنيا جي موجوده تيز رفتار ترقيءَ باوجود، عالمي سطح تي پڻ ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+ماڻهن سان غير انساني رويو جاري آهي، پاڪستان جهڙن قدامت پسند سماجن ۾ انهن کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي. انسانييت جو تقاضو آهي ته هر ماڻهو کي عزت ۽ تحفظ ملي، چاهي سندس جنسي سڃاڻپ ۽ لاڙو ڪهڙو به هجي. اسان کي ضرورت آهي ته نفرت جي جاءِ تي همدردي، تعليم ۽ شعور آڻيون. ايل-جِي-بِي-ٽِي-ڪيو-اَي+برادري به ٻين ماڻهن جيان انسان آهي، جيڪا انساني بنيادي حقن جي اوتري ئي حقدار آهي جيترا اسان ۽ توهان. ان ڪري انهن سان پيار وارو ورتاءُ رکڻ گهرجي، کين عام ماڻهو وانگر جان، مال ۽ آبرو جو تحفظ ملڻ گهرجي ۽ سندن مختلف جنسي سڃاڻپ کي تسليم ڪرڻ گهرجي.

حوالا:

“LGBT Rights in Pakistan,” Different Amnesty International Reports
Dawn News & Al Jazeera: Feature stories on Transgender struggles in Pakistan
Dreger, Alice Domurat. Hermaphrodites and the Medical Invention of Sex, Harvard University Press, 1998.
Fausto-Sterling, Anne. Sexing the Body: Gender Politics and the Construction of Sexuality, Basic Books, 2000.
Global Intersex Human Rights: https://oii.org.au/
Government of Pakistan – Transgender Persons (Protection of Rights) Act, 2018.
Human Rights Watch: “This Alien Legacy: The Origins of ‘Sodomy’ Laws in British Colonialism”
Pakistan’s Transgender Persons (Protection of Rights) Act, 2018
Pew Research Center surveys on global attitudes towards homosexuality
Sax, Leonard. “How Common Is Intersex? A Response to Anne Fausto-Sterling.” The Journal of Sex Research, vol. 39, no. 3, 2002, pp. 174–178.
United Nations Free & Equal Campaign – Intersex Awareness: https://www.unfe.org/intersex-awareness/
United Nations Human Rights Council reports on LGBT rights