ايڊيٽوريلنئون

سالن کان نيو ورلڊ آرڊر جي صدا هاڻي حقيقت بڻجي دنيا اڳيان اڀري رهي آهي

پاڪستان کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان غزه پيس بورڊ يا ڪميشن ۾ شامل ٿيڻ جي باقائدي دعوت موصول ٿي چڪي آهي. تازو پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي واضح برتري کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کي تمام گهڻو ساراهيو به آهي ۽ سيني سان لڳائي رکڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي. اهائي ڳالهه آهي جو ٽرمپ جتي به جنگ ختم ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو اتي پاڪ ڀارت جنگ جو ذڪر به ضرور ڪري ٿو. پاڪستان آمريڪا جو هڪ پراڻو ساٿي رهيو آهي. اسان کي اها به خبر آهي ته ٽرمپ جي اها ويجهڙائي سندس مفادن سان جڙيل آهي ۽ ملڪن جو هڪٻئي سان ويجهو اچڻ ملڪن جي مفادن تي ٻڌل هوندو آهي. ٽرمپ جي ان عمل سان هيستائين ته پاڪستان کي فائدو پهتو آهي، پر هيءَ تازي دعوت پاڪستان جي لاءِ هڪ دوڌاري تلوار بڻجي وئي آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڪستان کي ان تي خوش ٿيڻ گهرجي يا پاڪستان کي ان تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪرڻ گهرجي. ڇو ته پاڪستان جو فلسطين جي لاءِ هڪڙو تاريخي موقف رهيو آهي، جنهن ۾ نه صرف پاڪستان، پر پاڪستان جو عوام فلسطين جي آزادي ۽ خود مختياري جو مضبوط حامي رهيو آهي. هن ڪميشن جا امڪاني مقصد جنگ بندي، غزه ۾ امن امان قائم ڪرڻ، دوائن ۽ کاڌ خوراڪ جي سپلاءِ کي يقيني بنائڻ ۽ سڀ کان اهم هتان جي سياسي حل ۾ فلسطين جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ مستقل حل ڳولهڻ لاءِ عالمي برادريءَ سان گڏجي بيهڻ آهي. هن پيس ڪميشن جو مقصد ظاهري طور تي ته اهي مٿيون شيون نظر اچن ٿيون، پر آمريڪا غزه کي هڪ اهڙو خطو سمجهي ٿو، جتي هو پنهنجا ۽ اسرائيل جا مفاد حاصل ڪري سگهي.

اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جيڪو هڪ اهڙو ملڪ جنهن جي معيشت آءِ ايم ايف جي قرضن تي بيٺل هجي ۽ گڏوگڏ ان کي پنهنجي عوام جي جذبن ۽ اسلامي دنيا جي اميدن تي به پورو لهڻو هجي هڪ وڏي مشڪل صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان هميشه پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ کي توازن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان جي باوجود به هن وقت جيڪا عالمي صورتحال پيدا ٿي آهي ان ۾ پاڪستان کي هڪ نمايان حيثيت ملي آهي ۽ پاڪستان پنهنجي اصولن کان هٽي ڪري ڪڏهن به ڪنهن اهڙي صورتحال ۾ ڦاسڻ نٿو چاهي جيڪا ان جي پاليسين جي خلاف هجي، پر گڏوگڏ هن وقت ٽرمپ کي پٺي ڏيکارڻ به پاڪستان لاءِ تمام گهڻو مشڪل آهي ۽ پاڪستان هن دعوت کي قبول ڪيو آهي. پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هن پيس ڪميشن ۽ غزه جي صورتحال بابت پاڪستاني موقف کي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان پيش ڪيو آهي. هن ان ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جو ڪردار گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جي روشنيءَ ۾ هوندو. هن اهو به واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ڊيل جو حصو نه بڻبو جيڪا فلسطينين جي خود مختياري جي حق کي نقصان پهچائي. پاڪستان پنهنجي ڪمزور ۽ قرضن تي هلندڙ معيشت سبب ڪيترين ئي مجبورين ۾ ڦاٿل آهي. ان کانسواءِ هن وقت پاڪستان کي بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي سرحدن تي بدامني واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي پيو. ان ڪري پاڪستان کي هر وک تمام گهڻي احتياط سان کڻڻ جي ضرورت آهي. هن ڊيل ۾ نه پاڪستان کي تمام گهڻو اڳتي وڃي پنهنجا لاڳاپا چين سان خراب ڪرڻ گهرجن ۽ نه ئي اسان کي ان ڊيل کان ٻاهر نڪري آمريڪا کي ناراض ڪرڻ گهرجي. آمريڪا سان ٽرمپ جي حڪمرانيءَ جي ٽن سالن تائين تمام احتياط سان هلڻو پوندو. هن وقت دنيا هڪ نئين ورلڊ آرڊر ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هي نظام گهڻ قطبي دنيا کي ظاهر ڪري رهيو آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ  دنيا ۾ آمريڪا جي هڪ هٽي وارو راڄ قائم ٿيو، پر هاڻي دنيا ۾ چين، روس ۽ ٻيون علاقائي طاقتون جن ۾ هندستان، ترڪي، ايران، سعودي عرب جهڙا ملڪ شامل آهن، پنهنجي آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪري رهيا آهن.

گذريل ٻه سئو سالن تائين دنيا جي معيشت جو مرڪز آمريڪا ۽ يورپ رهيا، هاڻي اهو مرڪز ايشيا طرف منتقل ٿي رهيو آهي. ڊالر جي بادشاهي جو خاتمو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. نوان اتحاد ۽ پيس بورڊ قائم ٿي رهيا آهن. غزه پيس بورڊ به نئين ورلڊ آرڊر جي صورت آهي، جيڪو گڏيل قومن جي اداري جي ناڪاميءَ جو کليل اظهار آهي. ان نئين صورتحال ۾ پاڪستان کي آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو خوف به آهي ته چين ۽ روس سان ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جا موقعا به موجود آهن. جيڪڏهن مستقبل ۾ آءِ ايم ايف جو پراڻو نظام پاڪستان کي قرضن ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪندو ته اتي نيون مارڪيٽون ۽ نوان ادارا پاڪستان جي لاءِ معيشت جا نوان موقعا پيدا ڪندا.  پاڪستان چين جهڙي دوست ملڪ جي مدد سان پنهنجي دفاع لاءِ مغرب کان هٽي ٽيڪنالاجيءَ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪو پاڪستان جي دفاع جي لاءِ هڪ نئون موقعو هوندو، پر جيئن ته دنيا پنهنجي ارتقا سان تبديل ٿيندي رهي ٿي، پاڪستان ان صورتحال ۾ ٿيندڙ تبديلين کي محسوس ڪندي تمام هوشياري سان قدم کڻندي هن دنيا جي تبديليءَ کي پنهنجي لاءِ هڪ موقعو سمجهي اڳتي وڌي رهيو آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان جيڪا صدا گونجي رهي هئي ته دنيا ۾ نئون ورلڊ آرڊر قائم ٿي رهيو آهي ۽ هڪ غير يقيني واري صورتحال نه صرف ننڍن ملڪن کي، پر وڏن ملڪن کي به گهيري ڇڏيو هو، هاڻي اها غير يقينيءَ واري صورتحال هڪ واضح صورت  ۾ ظاهر ٿي چڪي آهي ۽ نيو ورلڊ آرڊر جنهن ۾غزه پيس بورڊ جو ٺهڻ ان جي شروعات آهي. BRICS جنهن ۾  برازيل، روس، انڊيا، چين ۽ سائوٿ آفريڪا شامل آهن جهڙا گروپ هاڻي جي-7 ملڪن کان وڌيڪ طاقتور ٿي رهيا آهن ۽ پاڪستان جو غزه پيس بورڊ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت به ان نئين نظام جي هڪ ڪڙي آهي، جتي فيصلا هاڻي رڳو واشنگٽن ۾نه ٿيندا. جڏهن ڪا ٺهيل شيءِ ٽٽندي آهي ته ان سان ڪڏهن ڪڏهن صرف هلڪو جهٽڪو ايندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن تمام وڏو انتشار به پيدا ٿيندو آهي. فرانس جي صدر ميڪرون جو چوڻ آهي ته يورپ کي آمريڪا جي پٺيان انڌو ٿي هلڻ بجاءِ پنهنجي الڳ واٽ اختيار ڪرڻ گهرجي. جنهن جو مطلب آهي ته هاڻي اسٽريٽجڪ آٽوناميءَ جي دور جي شروعات آهي. ڏسجي ته اهو ورلڊ آرڊر جڏهن مڪمل طور تي دنيا جي اڳيان واضح طور اڀري سامهون ايندو ته پوءِ دنيا ۾ ڪهڙا نوان بلاڪ ٺهن ٿا ۽ ڪهڙا پراڻا بلاڪ ڊهن ٿا ۽ ڪهڙيون تبديلون اچن ٿيون، هاڻي ان وقت ۾ ڪا گهڻي دير ناهي.