بلاگنئون

سنڌ ۽ پاڪستان جو هيرو محمد عبدالله چنا جنهن بين الاقوامي ٽربيونل ۾ رڻ ڪڇ جو ڪيس کٽرايو

هن سال جي پھرئين مھيني جنوريءَ جي 4  تاريخ تي سيوهڻ ڄائي، سنڌ جي اديب خاتون جيجي زينت چنا تي  مون هڪ مضمون ۾ سندس مڙس سنڌ جي ڀلوڙ ڪاموري خانصاحب عبدالله چنا جو به مختصر ذڪر ڪيو هو. ساڳئي ئي مھيني جي 23 تاريخ خانصاحب جي وفات جو ڏهاڙو آهي، جنھن نسبت سان ان جي ڪاوشن کي ياد ڪري کيس ڀيٽا ڏيڻ چاهيندس. چنا صاحب جي خاندان بابت همسري ۾ ڇپجندڙ هڪ مضمون ۾ جناب غلام نبي سومرو صاحب لکيو هو ته سنڌ جي علمي ۽ ادبي افق تي ٻه نالا خان صاحب عبدالله چنا ۽ جيجي بيگم زينت چنا نھايت ئي اهم آهن، پنھنجين زندگين ۾ ته اهي شخص اهم هئا ئي، پر اهي پنهنجي وجود ۾ تحريڪ به هئا،  هن لکيو هو ته پاٽ شھر جو تعلق سنڌ جي علم ۽ ادب ۾ رهنمائي وارو رهيو آهي، جو انهيءَ شهر ۾ انهيءَ زماني ۾ به سئو سيڪڙو تعليم هئي. جڏهن ته اسان وٽ اڃان جديد تعليم ۽ انهيءَ جو نظام شروعات واري مرحلي ۾ هو، تڏهن پاٽ ۾ تعليمي سرگرميون ائين هيون جيئن صوبي جي ٻين ترقي يافته شھرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هيون، اهڙي علم پرور ۽ هن احترام لائق خاندان متعلق حميد صاحب لکن ٿا ته “اسين جڏهن هتي حيدرآباد آياسين ته ان وقت والد صاحب دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر هو، جنهن عبدالله چنا صاحب کي چيو ته منھنجو پٽ هتي رهي ٿو، تنھن جو خيال رکجو. انهن مون کي  لطيف آباد ۾ هڪ ننڍڙي ڪوٺڙي ٺھرائي ڏني جنھن ۾ رهندو هئس. پوءِ “جيجي” وارن تربيت اها ڪئي جو وٽن ڪٻٽ ڀريا پيا هوندا هئا ڪتابن جا، سوچيائون ته بابا هي پڙهي وٺ ۽ انهن کي پي وڃ! ان زماني ۾ ڀارت مان اتم ۽ سندري گڏ آيا هئا ته سندري پڇيو مون کان ته حميد! ڇا پڙهيو اٿئي، مون جواب ڏنو ته هنن ڪٻٽن ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو مون پڙهيو آهي ۽ ان کانپوءِ منھنجي دنيا ئي ٻي ٿي وئي، علم نه فقط ماڻهوءَ کي گهرائي بخشي ٿو، پر ان سان گڏ محبت ڪرڻ جو سليقو به سيکاري ٿو جنھن خاندان ڪتابن جي ذريعي ٻين کي محبت جو درس ڏنو هجي آهي پاڻ ڪيترا مڻيادار هوندا ان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ انھن جي زندگيءَ مان مون جيجي تي اڳ به تمام تفصيل سان لکيو هو اڄ سندس زندگيءَ جي ساٿي خانصاحب عبدالله چنا  تي پنھنجي علم مطابق لکندس ته خانصاحب سنڌ جو مشھور ڪامورو جنھن متعلق منھنجو ڏاڏا سائين ميان رسول بخش شيخ (وڪيل دادو) به مون سان ذڪر ڪيو هو ته پير الاهي بخش (اڳوڻو وزير) ۽ عبدالله چنا مون سان گڏ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيا هئا. مون کي ياد آهي ته بابا وڏو مون کي 1974 ۾ پير الاهي بخش سان ملائڻ لاءِ ڪراچي وٺي ويو، هو منھنجي وري عبدالله چنا صاحب سان حيدرآباد لا ڪاليج جي هڪ پروگرام ۾ ملاقات ٿي هئي تن ڏينھن ۾ آئون حيدرآباد سنڌي اسپيڪر فورم جو ننڍي عمر وارو واحد عھديدار هئس، مون سان گڏ اڳوڻو چيف سيڪريٽري سبحان ميمڻ به فورم جو عھديدار هو،  اڄ جڏهن مون کي چنا صاحب جي زندگيءَ جي مطالعي جي ضرورت پئي ته هيٺيون سڀئي ڳالهيون معلوم ٿيون ته  چنا صاحب نفيس طبيعت جا نيڪ انسان 23  مئي 1902ع ۾ پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائون، جنھن بعد نوشھروفيروز مدرسي ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺا. هوشيار ۽ ذهين هجڻ سبب سندس اڌ في معاف ڪئي وئي هئي، انگريزيءَ جا چار درجا پڙهي، 1918ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويا، جتان 1921ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري 1921ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيا. جتان 1925ع ۾ بي. اي ڪيائون ۽ 1927ع ۾ مختيارڪار ٿيا. بعد ۾ روينيو کاتي، نوابشاهه ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيا، جنھن بعد مختيارڪار ٿيا. 1938ع ۾ جڏهن پير الاهي بخش روينيو جو وزير هو ته عبدالله چنا، سندس پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ 1939 ۾ سنڌ جي وزيراعظم مير بنده علي خان جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيا. 1942ع ۾ عبدالله چنا، لاهور ۾ سول ڊفينس ڪاليج ۾ هوائي جھازن جي بچاءَ جو آفيسر اول مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ هوائي جھازن جو آفيسر ٿي رهيو. 1945 ۾ کيس ڪورٽ آف وارڊس جو اسسٽنٽ مئنيجر بڻايو ويو. عبدالله چنا 1948ع ۾ سنڌ لا ڪاليج جو بنياد وڌو. جنهن ۾ روينيو جا قانون پڙهائيندو هو. ڪيترا سال ڪاليج جي بورڊ جو چيئرمين پڻ رهيو. 1955ع ۾ جيڪب آباد جو ڪليڪٽر رهيو. ان بعد سيڪريٽريٽ ۾ روينيو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري، تعليم کاتي جو سيڪريٽري رهيو. ان کانسواءِ ڪجهه عرصي لاءِ لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ صحت کاتي ۾ به رهيو. 1956ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ۽ 1957ع ۾ خيرپور جو ڪليڪٽر رهيو. 16 آگسٽ 1957ع تي رٽائر ٿيو. ان کانپوءِ عبدالله چنا کي 1960ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. جنهن دوران راڻي باغ ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ جانور رکرايائين. عبدالله چنا، حيدرآباد ۾ گدوءَ ويجهو هڪ هاءِ اسڪول تعمير ڪرايو ۽ نياز اسٽيڊيم جو بنياد وڌو. حيدرآباد جو اوپن ايئر ٿيٽر به عبدالله چنا جي محنتن جو نتيجو آهي. 1962ع ۾ ميونسپالٽيءَ جي عھدي تان استعيفيٰ ڏنائين، جنهن بعد 1963ع ۽ 1964ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو اعزازي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. جڏهن مارچ ۽ اپريل 1965ع ۾ هندستان سان پاڪستان جي رڻ ڪڇ جي مسئلي تي جنگ ٿي ته ڀارت ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڇاڇري جي ڪجهه تپن تي قبضو ڪري ورتو. پاڪستان جي اعتراض تي ان مسئلي جي حل لاءِ جنيوا ٽربيونل قائم ٿيو، جنھن جو صدر سوئيڊن جو چيف جسٽس هو. هندستان يوگوسلاويا جي هڪ رڪن نصرالله انتظام کي پنھنجو مشير مقرر ڪيو. ٻنهي ڌرين پنھنجا ڪيس تيار ڪيا، جنيوا ۾ ڪارروائي ٿي. پاڪستان طرفان خانصاحب عبدالله چنا ڪيس جا ڪاغذ تيار ڪيا ۽ مدد لاءِ پاڪستان حڪومت کان قانوندان گهُريا. منظور قادر حڪومت طرفان مقرر ٿيو، جنھن پنهنجي مدد لاءِ هڪ اسسٽنٽ منتخب ڪيو. اُن تي عبدالله چنا سرڪار کي لکيو ته هن جي خواهش آهي ته ڪنھن اهڙي قانوندان کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي مڪمل ڄاڻ رکندو هجي ته جيئن جتي به حوالن جي ضرورت پوي ته اهي گهربل حوالا ڏئي سگهي. اُن ڏس ۾ عبدالله چنا مشھور قانوندان منظور قادر جي مسلسل مدد ڪئي. اُن ۾ هن نامور استاد ۽ تاريخدان رائچند راٺوڙ جي ڪتاب “تاريخ ريگستان” ۾ موجود معلومات ڪم آندي. ڇهه مهينا ڪيس هليو. ججن فيصلي لکڻ ۾ اٺ مهينا لڳايا ۽ 1000 صفحن تي فيصلو لکيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته رڻ ڪڇ سرسبز علائقو، جيڪو سنڌ سان گڏوگڏ هلي ٿو، اهو پاڪستان جو آهي. هن ڪيس کي کٽڻ ۾ عبدالله چنا جي ڪردار کي تاريخ وساري نه سگهندي. 1974ع ۾ سرڪار کيس فيڊرل لينڊ ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو. 1979ع ۾ عبدالله چنا کي لوڪل گورنمينٽ جي قانون ٺاهڻ لاءِ ڪميشن جو ميمبر ٿيڻ جي آڇ ٿي، پر هن اُها آڇ قبول نه ڪئي. هن 23 جنوري 1989ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه قاسم آباد، فيز-I جي قبرستان ۾ آهي.